رسائی کے لنکس

لنڊي ڪوتل ۾ پهريون ڀيرو مڪاني عورتن جي سائيڪل ريلي، مذهبي جماعتن جي مخالفت


ضلعي خيبر ۾ عورتن جي پهرين سائيڪلنگ ريلي
ضلعي خيبر ۾ عورتن جي پهرين سائيڪلنگ ريلي

خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعي خيبر جي تاريخ ۾ پهريون دفعو عورتن جي سائيڪل ريلي منعقد ٿيڻ کان پوءِ مرڪزي حڪومت ۾ شامل جمعيت علماءِ اسلام (ف)، صوبائي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي پارٽي جماعت اسلاميءَ سميت ٻين جماعتن مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪن سياسي جماعتن احتجاج به شروع ڪيو آهي. ٻئي پاسي، هيءَ ريس منعقد ڪرڻ وارين عورتن اهڙا وڌيڪ ايوينٽ منعقد ڪرائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو آهي.

لنڊي ڪوتل سان تعلق رکندڙ صحافي ۽ اسپورٽس وومين، جمائما آفريدي ’پاڪستان سائيڪلسٽ ايڊوينچر اسپورٽس وومين’ نالي جي تنظيم خميص ۽ جمعي ڏينهن سائيڪل ڪيمپ ۽ ريس جو انعقاد ڪيو هو.

جمائما آفريديءَ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته ان ڪامياب سائيڪل ريليءَ کيس حوصلو ڏنو آهي ۽ هاڻي سندس ڪوشش آهي ته هن قسم جو ريليون ٻين قبائلي ضلعن ۾ به منعقد ڪيون وڃن.

هيءَ سائيڪلنگ ڪيمپ ٻن ڏينهن تي مشمل هئي. خميص ڏينهن عورتن کي سائيڪل هلائڻ جي باقاعده تربيت ڏني وئي هئي، جڏهن ته جمعي ڏينهن سائيڪل ريليءَ جو انعقاد ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته ريليءَ جو انعقاد تاتارا گرائونڊ ۾ ڪيو ويو هو جڏهن ته ريليءَ ۾ حصو وٺڻ وارين عورتن مڪمل طور تي قبائلي روايات مطابق باپرده هيون.

ٻن ڏينهن جي ان ڪيمپ جي حوالي سان هنن چيو ته هن ڪيمپ ۾ ڪيتريون ئي درجن عورتون شريڪ ٿيون جن ۾ اڪثريت شاگردياڻين جي هئي.

پاڪستان سائيڪلسٽ ايڊوينچر اسپورٽس وومين نالي جي تنظيم جي سربراه، ساره خان به ان ايوينٽ منعقد ٿيڻ جي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

جماعت اسلاميءَ جو احتجاج

جماعت اسلاميءَ جي مڪاني تنظيم آچر ڏينهن هن سائيڪل ريليءَ خلاف لنڊي ڪوتل ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جماعت اسلاميءَ جو احتجاجي مظاهرو
جماعت اسلاميءَ جو احتجاجي مظاهرو

احتجاجي مظاهري کي جماعت اسلامي جي مڪاني امير سيد مقتدر شاه آفريدي، مراد حسين آفريدي، زرنور آفريدي ۽ ٻين رهنمائن پنهنجي خطاب ۾ سائيڪلنگ ڪيمپ جي مذمت ڪندي چيو ته عورتن جي سائيڪلنگ اسلامي قدرن ۽ قبائلي روايتن جي خلاف آهي.

حڪومت تي تنقيد ڪندي، هنن چيو ته حڪومت پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن تي توجه ڏئي. ٻاهرين ايجنڊي تحت قبائلن جي باپرده عورتن جي بي حرمتي ۽ بي عزتيءَ جي اجازت نه ڏني ويندي.

ان کان علاوه مرڪزي حڪومت ۾ شامل جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آئي ف) جي ضلعي خيبر جي امير مفتي اعجاز شنواريءَ به هن ڪيمپ ۽ سائيڪل ريس تي سخت تنقيد ڪئي.

مفتي اعجاز شنواريءَ چيو ته عورتن جي سائيڪلنگ ريلي قبائلي روايتن جي خلاف آهي.

(شميم شاهد جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG