رسائی کے لنکس

گوانتانامو بي مان قيدي ماجد خان کي ’بيليز’ منتقل ڪيو ويندو


ماجد خان (فائيل فوٽو)
ماجد خان (فائيل فوٽو)

بچاءَ واري آمريڪي محڪمي خميص ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته گوانتاناموبي جي حراستي مرڪز مان قيدي ماجد خان کي بيليز موڪليو پيو وڃي.

بيليز سينٽرل آمريڪا جي اوڀر ۾ واقع ساحلي ملڪ آهي.

ماجد خان فيبروري 2012 ۾ ملٽري ڪميشن جي آڏو ڏوهه جو اقرار ڪري چڪو آهي.

ڪيل ’plea bargain’ هيٺ ماجد خان آمريڪي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ ۽ پنهنجي تعاون جي وعدي کي پورو ڪرڻ جو عهد ڪيو هو.

کيس ڏهه سالن کان وڌيڪ قيد جي سزا ڏني وئي هئي جيڪا هو ڪاٽي چڪو آهي.

دفاع جي محڪمي پنهنجي پريس رليز ۾ چيو آهي ته 22 ڊسمبر 2022 تي بچاءَ جي وزير، لائيڊ آسٽن ڪانگريس کي ٻڌايو هو ته سندس ارادو آهي ته ماجد خان کي بيليز جي حڪومت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، ۽ بيليز جي شراڪت دارن جي صلاح مشوري کان پوءِ ذمي دارانه منتقليءَ جا مرحله پورا ڪيا ويا آهن.

پينٽاگان جي بيان مطابق، آمريڪا بيليز حڪومت ۽ ٻين شراڪت دارن پاران آمريڪا جي ڪوششن جي حمايت کي ساراهي ٿو، جيڪي ڪوششون قيدين جي تعداد کي ذمي دارانه طور تي گهٽ ڪرڻ ۽ آخر ڪار گوانتانامو بي جي تنصيب کي بند ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهن.

هن وقت گواتانامو بي ۾ 34 قيدي آهن جن منجهان 20 منتقليءَ جا اهل آهن. وڌيڪ ٽن قيدين جا معاملا ڪجهه وٿيءَ سان عمل ۾ ايندڙ نظرثانيءَ جي بورڊ ڏانهن موڪليا ويندا.

نون قيدي فوجي ڪميشن جي پراسيس ۾ آهن ۽ باقي ٻن قيدين کي فوجي ڪميشنز پاران سزا ڏني وئي آهي.

ان کان اڳ آيل اطلاعن مطابق، ملٽري جيوريءَ ماجد خان کي 29 آڪٽوبر، 2021 تي 26 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. هو ميري لينڊ جو اڳوڻو رهواسي هيو.

ماجد خان تسليم ڪيو هو ته هن القاعده ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، ان جي ڪري کيس گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد ڪيو ويو هو. ليڪن ’پلي بارگين’ تحت، کيس ستت رها ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو، ان ڪري جو هن آمريڪي حڪام سان تعاون ڪرڻ تي رضامندي ڏيکاري هئي.

XS
SM
MD
LG