رسائی کے لنکس

ايران: آذربائيجان جي سفارت خاني ۾ فائرنگ، سيڪيورٽي سربراه مارجي ويو


آذربائيجان جي گاديءَ واري هنڌ، باڪو ۾ ايراني سفارت خاني جي آڏو صحافي ڪٺا آهن. 27 جنوري، 2023.
آذربائيجان جي گاديءَ واري هنڌ، باڪو ۾ ايراني سفارت خاني جي آڏو صحافي ڪٺا آهن. 27 جنوري، 2023.

ايران ۾ هڪ هٿياربند شخص آذربائيجان جي سفارت خاني جي سيڪيورٽي سربراه کي هلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.

حملي آور ڪلاشنڪوف اسالٽ رائيفل سان مسلح هو، هن ٻن ٻين ماڻهن کي زخمي ڪيو.

تهران ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ مشتبه فرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايجنسي فرانس پريس مطابق، مشتبه شخص ايراني آهي جنهن جو چوڻ آهي ته هن جي زال نون مهينن کان سفارت خاني ۾ قيد آهي.

خبرن جي اداري، ’تسنيم’ جي مطابق اهو شخص ٻن ٻارن سان گڏ سفارت خاني ۾ داخل ٿيو ۽ سفارت خاني تي سندس حملي جو سبب ذاتي مسئلو ٿي سگهي ٿو.

(رپورٽ جو مواد اي ايف پيءَ تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG