رسائی کے لنکس

حنا رباني کر جي بنگله ديشي پرڏيهي وزير سان ملاقات


حنا رباني کر ۽ اي ڪي عبدالمومن جي ملاقات
حنا رباني کر ۽ اي ڪي عبدالمومن جي ملاقات

پاڪستان جي پرڏيهي ناتن جي مملڪي وزير حنا رباني کر ڇنڇر ڏينهن بنگلا ديش جي پرڏيهي وزير اي ڪي عبد المومن سان ملاقات ڪئي. مبصر ٻنهين ملڪن جي تعلقات ۾ حاليه ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ ان ملاقات کي اهم قرار ڏئي رهيا آهن.

سري لنڪا جي 75هين يوم آزاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت جي دوران ٿيڻ واريءَ ان ملاقات ۾ سرڪاري بيان مطابق معيشت، واپار ۽ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

ڪن تجزيه ڪارن چيو آهي ته ٻنهين ملڪن جي ماضيءَ جي تلخ يادن کي ڀلائي اڳتي وڌڻ کپي، جڏهن ته ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي خالده ضيا يا حسينا واجد حڪومت ۾ فرق جي بجاءِ بنگلاديش سان رياستي سطح تي ناتا رکڻ گهرجن.

پاڪستان ۽ بنگلا ديش جي وچ ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيڻ وارن رابطن کان پوءِ هڪ عرصي کان وٺي ٻهنين ملڪن جا تعلقات تعطل جا شڪار رهيا آهن ۽ ڪافي عرصي تائين بنگلا ديش ۾ پاڪستاني هائي ڪمشنر به تعينات نه رهيو هو، ليڪن هاڻي ٻئي ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر رابطي ۾ اچي رهيا آهن.

تجزيه ڪار هما بقائيءَ چيو آهي ته پرڏيهي پاليسيءَ ۾ تبديلي اچي رهي آهي ته اسان کي عالمي سطح تي ڪهڙيءَ ريت اڳتي وڌڻو آهي.

سندس بقول، پاڪستان ۾ ڪي ماڻهو اهو سوال به اٿاري رهيا آهن ته پاڪستان هڪ عرصي تائين پنهنجا مفاد افغانستان سان جوڙيا هيا، ليڪن هاڻي صورت حال اها آهي ته اوڀر واري سرحد جي مقابلي ۾ پاڪستان جو اولهه وارو بارڊر غير محفوظ آهي.

اڳوڻي سفارت ڪار ۽ تجزيه ڪار عاقل نديم چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلا ديش جا ناتا گهڻو اڳ ٺيڪ ٿي وڃن ها، ليڪن پاڪستان ۾ ڪافي عرصي تائين اها سوچ رهي ته بنگلاديش ۾ ڪنهن سياسي جماعت سان گڏ هلڻ کپي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هي چيو ته ماضيءَ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي بنگلاديشي وزير اعظم خالده ضيا سان تعلقات ٺيڪ رهيا، پر موجوده وزير اعظم حسينا واجد جي جماعت سان پاڪستان پاڻ کي پري رکيو جنهن جي ڪري هاڻي پاڪستان کي مشڪل آڏو اچي رهي آهي.

XS
SM
MD
LG