رسائی کے لنکس

بنا دستاويزن جي پاڪستان ۾ ٽڪيل افغان مهاجرن کي ملڪ بدر نه ڪرڻ جو مطالبو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

اميد احمديءَ جو تعلق افغانستان جي هرات جي ڏاکڻئين صوبي سان آهي. هو افغانستان ۾ انساني حقن جي مسئلن جيئن ته ڪم عمريءَ جي شادي، نينگرين جي تعليم ۽ روزگار جهڙن معاملن تي ڪم ڪندو هيو.

آگسٽ 2021 ۾ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ هو پنهنجي ڪٽمب سان گڏ پاڪستان آيو ۽ هاڻي راولپنڊي۽ ۾ رهندو آهي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ هو انساني حقن جي معاملن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين جي هڪ پروگرام سان سهڪار ڪندو هو.

سندس بقول، ان جي نتيجي ۾ طالبان کين ٽي ڀيرا تشدد جو نشانو بنايو. هاڻي جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت افغان باشندن کي ملڪ واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته کين خطرو آهي ته واپسيءَ تي کيس گرفتار ڪيو ويندو.

خيال رهي ته پاڪستان سفري دستاويز نه رکڻ يا ويزا جي وقت ختم ٿيڻ تي افغان شهرين کي ڊيڊ لائين ڏني هئي ته اهي 31 ڊسمبر 2022 تائين پاڪستان مان هليا وڃن.

ليڪن پاڪستان ۾ سرگرم انساني حقن جي تنظيمن ۽ ڪارڪنن پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ان معاملي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

اميد احمديءَ مطابق، پاڪستان ۾ به کين ڪيترا مسئلا درپيش آهن.

جن افغان باشندن جي زندگين کي خطرو آهي انهن کي واپس نه موڪليو وڃي

پاڪستان ۾ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن عمر اعجاز گيلانيءَ انساني حقن جي پاڪستان جي قومي اداري (اين سي ايڇ آر) کي التجا ڪئي آهي ته اهڙن مهاجرن کي ملڪ بدر نه ڪيو وڃي.

هن چيو ته اهي افغان مهاجر جن پاڪستان ۾ پناه جي لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي مهاجرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) کي درخواستون ڏنيون آهن کين زبردستي افغانستان موڪلڻ يا حراست ۾ رکڻ کان روڪيو وڃي.

عمر اعجاز گيلانيءَ چيو ته خاص طور تي افغان باشندن کي ملڪ بدر نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي جن جي زندگين کي افغانستان ۾ خطرو ٿي سگهي ٿو.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته اين سي ايڇ آر انساني حقن متعلق عالمي قانون تي عمل درآمد جو پابند آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو فرد پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پناه وٺي ٿو ته اهو سندس حق آهي جنهن کان ان کي محروم نه ٿو ڪري سگهجي.

اين سي ايڇ آر وٽ پاليسي ٺاهڻ جو اختيار ڪونهي

اداري جي اڳوڻي سربراه، جسٽس (ر) علي نواز چوهاڻ چيو آهي ته اين سي ايڇ آر وٽ قومي سطح تي پاليسي مرتب ڪرڻ جو اختيار ڪونهي. وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ئي شهرين جي حوالي سان معاملن جو تعين ڪري سگهي ٿي. ان ڪري، اين سي ايڇ آر ان سلسلي ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي.

XS
SM
MD
LG