رسائی کے لنکس

ٽيسلا سان مقابلو، هيونڊي جي اليڪٽرڪ ڪار متعارف


هيونڊي اليڪٽرڪ ڪار
هيونڊي اليڪٽرڪ ڪار

ڏکڻ ڪوريا جي موٽر گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپني، هيونڊي موٽرز خميص ڏينهن پنهنجي پهرين اليڪٽرڪ ڪار متعارف ڪرائي آهي.

سيڊان ڪيٽيگريءَ ۾ متعارف ڪرايل هن ڪار جو نالو آيونڪ 6 آهي جيڪا سندس 31 کان وڌيڪ اليڪٽرڪ ماڊلن منجهان هڪ آهي، جن کي هيونڊي موٽر ساز گروپ 2030 تائين مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو ارادو رکي ٿو.

خيال رهي ته هيونڊي موٽر گروپ ۾ هيونڊي موٽر، ان جي پيرنٽ ڪمپني ڪيا ڪارپوريشن ۽ جينيسس موٽرز شامل آهن.

خبر رسان اداري، رائٽرز مطابق هيونڊي سيڊان ڪمپني اليڪٽرڪ گاڏين جي رينج کي اڳتي وڌائيندي. ڪمپني ان کان اڳ اليڪٽرڪ گاڏين ۾ڪراس اوور ۽ ايس يو ويز تيار ڪري رهي آهي.

ان کان علاوه نئين سيڊان ٽيسلا جي سڀ کان گهڻي وڪرو ٿيندڙ ماڊل 3 سيڊان جو به مقابلو ڪندي.

انڊسٽري ٽريڪر، ايس اين اي ريسرچ مطابق هينوڊي ۽ ڪيا هلندڙ سال جنوريءَ کان مئي تائين چين کان سواءِ عالمي سطح تي ٻي سڀ کان وڏي اليڪٽرڪ وهيڪل (اي وي) شپرز هئي، جتي سندن مشترڪه مارڪيٽ شيئر ٽيسلا جي 22 في صد کان پوءِ ٻئي نمبر تي ساڍا 13 في صد هيو.

ايوجين انويسٽمينٽ اينڊ سيڪيورٽيز جي تجزيه ڪار، لي جا ان جو چوڻ آهي ته آيونڪ 6 جي قيمت ۽ ڊگهي ڊرائيونگ رينج کي ڏسندي هيءَ گاڏي واليم اي وي سيڊان جي شعبي ۾ ٽيسلا جي مقابلي ۾ تيار ڪئي وئي آهي.

سندن چوڻ مطابق آيونڪ 6 اليڪٽرڪ وهيڪل سيڊان مارڪيٽ ۾ پنهنجي قيمت جو فائدو وٺي سگهندي ڇو ته ٽيسلا ڪيترائي ڀيرا پنهنجون قيمتون وڌايون آهن.

هيونڊي جو چوڻ آهي ته سندن اليڪٽرڪ سيدان جي ڊرائيونگ لڳ ڀڳ 610 ڪلوميٽر هوندي جيڪا آيونڪ 5 ڪراس اوور کان تقريبا 30 في صد وڌيڪ آهي.

هيونڊي جي آيونڪ ڏکڻ ڪوريا جي مارڪيٽ جي لاءِ ساڍن پنجن کان ڇهه ڪروڙ وون (41 هزار ڊالر کان وڌيڪ) جي وچ ۾ آهي.

ڪمپنيءَ چيو آهي ته آيونڪ 6 هلندڙ سال ڏکڻ ڪوريا ۾ دستياب ٿيندي، جڏهن ته ايندڙ سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ آمريڪي مارڪيٽ ۾ ان کي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

(هن خبر ۾ شامل مواد خبر رسان اداري، رائٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG