رسائی کے لنکس

’غريبن جو تحفظ پاڪستان ۽ آئي ايم ايف ٻنهين جي ذمي داري آهي’


هيومن رائيٽس واچ
هيومن رائيٽس واچ

انساني حقن جي بين الاقوامي اداري، هيومن رائيٽس واچ (ايڇ آر ڊبليو) چيو آهي ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) کي پاڪستان جي حڪومت کي گڏجي سماجي تحفظ جي نظام کي هٿي ڏيڻ کپي، ته جيئن معاشي طور تي پٺتي پئجي ويل ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري سگهجي. ان جي لاءِ اهڙن اصلاحاتي ڪمن جي ضرورت آهي جن جي ڪري ڪمزور طبقي جي وڌيڪ هيڻي ٿيڻ کان بچايو وڃي.

اداري جي بقول، غربت، مهانگائي ۽ بي روزگاريءَ ۾ اضافي سان گڏ اڄ پاڪستان پنهنجي تاريخ جي بدترين معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سان لکين ماڻهن جي صحت، خوراڪ ۽ مناسب معيار زندگيءَ جو تعلق آهي، جيڪي حق خطري ۾ پئجي رهيا آهن.

پاڪستاني حڪومت پهرين فيبروري 2023 تي آئي ايم ايف سان باضابطه ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ ملڪ جي معيشت کي بچائڻ جي هڪ منصوبي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

سنه 2019 ۾ ترتيب ڏنل معاشي بدحاليءَ کان بچڻ جي لاءِ ترتيب ڏنل 6.5 ارب ڊالر جي هن بيل آئوٽ پروگرام ۾ 1.1 ارب آمريڪي ڊالرن جي نئين قسط به شامل آهي.

هيومن رائيٽس واچ جي ايشيا ڊائريڪٽرجي ايسوسي ايٽ ، پيٽريشيا گوسمن چيو آهي ته لکين پاڪستاني غربت جي مشڪل ۾ جڪڙيل آهن ۽ هو پنهنهي بنيادي سماجي ۽ معاشي حقن کان محروم آهن.

هن چيو ته آئي ايم ايف ۽ پاڪستاني حڪومت جي ذمي داري آهي ته اهي هن بحران سان اهڙي نموني نبرن جنهن سان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ترجيحي بنياد تي ڏٺو وڃي ۽ کين تحفظ حاصل ٿي سگهي.

پاڪستان جي مرڪزي بينڪ جي غير ملڪي زرمبادله جي ذخيرن ۾ 27 جنوريءَ تي پوري ٿيڻ واري هفتي ۾ 16 في صد گهٽتائي آئي، جنهن کان پوءِ اهي ٽي ارب تائين رهجي ويا آهن.

هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جي اڻاٺ جو مطلب اهو آهي ته ضروري دوائن سميت ڪيتريون ئي درآمدات اڻ لڀ يا حاصل ٿيڻ کان مٿي آهن.

پاڪستان کي 1975 کان پوءِ مهانگائي جي بلند ترين سطح درپيش آهي جنهن ۾ وڌيڪ واڌ اچي سگهي ٿي.

آئي ايم ايف جي مطالبن جي جواب ۾ 29 جنوريءَ تي حڪومت توانائيءَ جي اگهن کي وڌايو آهي ۽ زر مبادله جي شرح جي حد کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ زبردست ڪمي آئي آهي، جنهن ۾ جنوريءَ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 9.6 في صد جو نقصان به شامل هيو.

پاڪستاني وزير اعظم شهباز شريف چئي چڪو آهي ته آئي ايم ايف جا شرط انتهائي سخت آهن، ليڪن پاڪستان وٽ انهن کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي.

ابلاغ جي ذريعن جي رپورٽن مطابق، آئي ايم ايف توانائيءَ جي اگهن ۾ واڌ، سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائڻ ۽ محصول جو دائرو وسيع ڪرڻ سميت ڪرپشن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.

(هيومن رائيٽس واچ)

XS
SM
MD
LG