ڪراچي سنڌ جو تمام جهونو شهر آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ به سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ دنيا سان وڻج واپار جو ناميارو مرڪز هيو ۽ اڄ سوڌو آهي. سنڌي مسلمانن کان سواءِ ان جي اوسر ۽ ترقيءَ ۾ سنڌي هندن، پارسين ۽ خاص طور تي ان وقت جي ’انگريز راڄ’ جي ڪامورن جو به حصو آهي.
هتان جي ميونسپل نظام۾ سڌارا انگريز عمل دارن ڪيا، جن جي دور ۾ ڪئين تاريخي عمارتون اڏيون ويون، جن ۾ايمپريس مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ، ميري ويدر ٽاور، فريئر هال، ڪراچي ڪلب، سنڌ ڪلب، بوٽ ڪلب ۽ بندرگاه کي منظم طريقي سان ترقي ڏيارڻ شامل هو. ان سان گڏوگڏ هتي ڪيترا ئي تعليمي ادارا ٺاهيا ويا جن ۾ سينٽ پيٽرڪ، سينٽ جوزف ۽ گرامر اسڪول خاص آهن، جيڪي نه صرف سنڌ، پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا بلڪه دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ آهن.
جيستائين فريئر هال جو تعلق آهي، ان عمارت سر هينري بارٽل فريئر جي نالي پٺيان 1865 ۾ اڏايو ويو، جيڪو سنڌ جو چيف ڪمشنر ۽ پوءِ بمبئي جو گورنر رهيو. هينري بارٽل فريئر 15 مارچ 1815 تي ويلز ۾ پيدا ٿيو هو. ان جا شه پر سنڌ جي جانٺن جوانن ۽ ملهن سان ملندا هيا. هو سنڌي ملاکڙي جو شوقين هيو.
هن جا سنڌ ۽ سنڌي زبان تي وڏا ٿورا آهن.فريئر سنڌي زبان جي لاءِ الفابيٽ کي عربيءَ رسم الخط تي ترتيب ڏياريو. ان وقت تائين سنڌي زبان ٻن رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي، هڪ هئي ’ديوناگري’ ۽ ٻي ’عربي’.ڪيپٽن اسٽيڪ سنڌي زبان کي ديوناگريءَ ۾رکڻ گهري پيو جڏهن ته رچرڊ برٽن عربي جي حق ۾ هو.
سر بارٽل فريئر هڪ ئي رسم الخط اپنائڻ جي تجويز ڏني ۽ معاملو طئي ڪرڻ لاءِ ان جو فيصلو ’ڪورٽ آف ڊائريڪٽرز آف ايسٽ انڊيا’ موڪليو، جنهن عربي رسم الخط جي حق ۾ فيصلو ڏنو.
ان کان پوءِ بارٽل فريئر جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيپٽن اسٽيڪ سنڌي زبان جو گرامر ۽ ڊڪشنري تيار ڪرائي.
ان وقت کان اڳ ڪيترين ئي صدين تائين سنڌي ۽ فارسي هتان جون سرڪاري زبانون هيون. هن سنڌيءَ کي سرڪاري زبان طور اپنائڻ جي لاءِ ترجيح ڏني، جيڪا نه صرف تعليمي نظام ۾ بلڪه ڪاروباري ۽ عدالتي زبان طور رائج ٿي. هن انگريزي عمل دارن جي لاءِ به سنڌي زبان سکڻ لازمي قرار ڏنو.
فريئر هال جي تعمير جو افتتاح 10 آڪٽوبر 1865 ۾ ڪمشنر، سيموئل منسفيلڊ ڪيو. هال جي تعمير تي هڪ لک اسي هزار روپيا لڳا، جنهن منجهان 22،500 روپيا ڪراچيءَ جي شهرين چندو ڪري ڪٺا ڪيا، حڪومت 10،000 روپيا ۽ ڪراچي ميونسپل هڪ لک 47هزار ۽ 500 روپيا ڏنا. ڪراچيءَ جي هي پهرين عمارت هئي جنهن جي ڊيزائن وينس، گوٿڪ ۽ انڊين طرز جي اڏاوت تي ٻڌل آهي.
ان جي هال جي مٿان چرچ سان مشابه هڪ مينار تعمير ڪيو ويو، جنهن تي برطانوي تخت جي نشانيءَ جي طور تي تاج ٺاهيو ويو، جڏهن ته ٻيءَ ڪنڊ تي هڪ ڊگهي لوهه جي لٺ مٿان ’بادنما’ لڳايو ويو، جنهن تي جهومندڙ ڪڪڙ هوا جو رخ ڏيکاريندو هو، جيڪو اڄ به موجود آهي.
هال جي چئني طرفن کان باغ تعمير ٿيو جنهن ۾هرقسم جا گل ۽ ٻوٽا پوکيا ويا. ڪنهن دور ۾ هال جي اوسي پاسي باغ ۾ ناريل جا ڊگها وڻ هوندا هيا.
سنڌي تاريخ دان ۽ انگريز جي دور جي عمارتن جي مصنف، گل حسن ڪلمتيءَ لکيو آهي ته ڪراچيءَ سميت سموري سنڌ جي ترقيءَ جي ابتدا هينري بارٽل فريئر جي زماني ۾ ٿي.
هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته سنه 1887 ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هڪ يهودي ڊزائنر، بينجامن فلنچ فريئر هال کي ڊزائين ڪيو ۽ تعمير ۾ حصو ورتو. هن لکيو آهي ته فريئر هال جي تعمر ۾ گذري جو ڦڪي رنگ جو پٿر، ٻولهاڙيءَ ۽ جنگشاهيءَ ٺٽي جو ڀوري رنگ وارو پٿر استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته ڇت لاءِ لوه لنڊن مان گهرايو ويو.
باغ جي گيٽ نمبر ون تي پهرين عالمي جنگ جو هڪ يادگار موجود آهي جيڪو 1918 ۾ تعمير ٿيو جنهن ۾ انهن فوجين جا نالا لکيل آهن جن جو جهاز ڪراچيءَ ايندي رستي تي ٻڏي ويو هو.
ورهاڱي کان پوءِ سال 1963 ۾ فريئر هال کي ’جناح باغ’ جو نالو ڏنو ويو. فريئر هال ۾ هڪ لائبريري به موجود هئي جنهن کي ’ليڊيز ڪلب’ منتقل ڪيو ويو.