پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ، عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته 1996 ۾ قتل ٿيڻ واري مير مرتضيٰ ڀٽي وانگر سندس خلاف به قتل جي رٿا بندي ڪئي وئي آهي ۽ زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪري ٿي سگهي ٿو ته کيس به قتل ڪيو وڃي.
اربع ڏينهن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عمران خان چيو ته اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اها ئي ڪوشش ڪئي ويندي جيڪا 1970 ۽ 1971 ۾ ٿي هئي. سندن ڪوشش هوندي ته ڪهڙيءَ ريت تحريڪ انصاف کي اليڪشن نه وڙهڻ ڏني وڃي ۽ چونڊن کان ٻاهر ڪيئن رکيو وڃي.
عمران خان چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي پڪڙيو پيو وڃي. اهڙو ڪريڪ ڊائون ٿي رهيو آهي جيڪو ڪنهن جمهوريت ۾ اڄ تائين ناهي ٿيو ۽ مان ڪڏهن اهڙي سخت ڪاروائي نه ڏٺي آهي.
هن چيو ته اڄ عدالت مان معلوم ٿيو ته مون تي 143 ڪيس ٿي چڪا آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ مان ڪيسن جو رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهيان. مون تي دهشت گرديءَ، غداريءَ ۽ مذهب جي توهين کان وٺي هر قسم جا ڪيس آهن.
عمران خان چيو ته هڪ طرف پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو آهي ته ٻئي پاسي اسان جي ڪارڪنن کي پڪڙيو پيو وڃي.
هن چيو ته ڇنڇر ڏينهن مينار پاڪستان جو جلسو ’ريفرينڊم’ جي حيثيت رکندو.
عمران خان چيو ته اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي مون تي عدالت جي توهين جي ڪاروائي ٿي هئي. مون کي اسلام آباد ٽول پلازا کان جڊيشل ڪامپلڪس تائين پهچڻ ۾ پنج ڪلاڪ لڳا، ڇو ته رڳو مون لاءِ موٽروي بند ڪيو ويو هو. مون تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي، پوليس وارن پٿر اڇلايا.
هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جڏهن ان ئي جڊيشل ڪامپليڪس ڏانهن ويندا هيا ته انهن سان ڪڏهن به اهو ٿيو هو.
عمران خان دعويٰ ڪئي ته هنن اها رٿا ڪئي هئي ته جيئن ئي مان اندر وڃان ها ته مون کي بند ڪري ڇڏن ها ۽ ٽڪراءُ ڪن ها. سندن رٿا هئي ته مرتضيٰ ڀٽي وانگر مون کي قتل ڪيو وڃي.
هن چيو ته پوليس واران کان مون کي اطلاع مليو ته هتي ڇا ٿيڻ وارو آهي. اتي نامعلوم ماڻهن کي ’سي ٽي ڊيءَ’ جي وردي پاتل هئي.
عمران خان دعويٰ ڪئي ته مون کي قتل ڪرڻ جي سڄي رٿا ڪئي وئي هئي ۽ ان ۾، مبينه طور تي، آئي جي پوليس پوريءَ طرح ملوث هو.
اڳوڻي وزير اعظم دعويٰ ڪئي ته آئي جي پنجاب ۽ آئي جي اسلام آباد ۽ سندن سهولت ڪارن اها رٿا ڪئي آهي ته زمان پارڪ جي ٻاهران اڄ يا سڀاڻي آپريشن ڪيو وڃي.
هن چيو ته هنن ٻه اسڪواڊ تيار ڪيا آهن جيڪي زمان پارڪ ۾ اسان جي ماڻهن سان گڏ اچي گوليون هلائي چئن کان پنجن پوليس وارن کي قتل ڪندا، جنهن کان پوءِ ان جو رد عمل ايندو، جنهن تي گوليون هلائيندا ۽ اسان جي ماڻهن کي ماريندا. ماڊل ٽائون وانگر قتل ڪندا.
سندس مطابق، ’’ان کان پوءِ، اهي ماڻهو وري هن جي گهر تائين اچي مرتضيٰ ڀٽي وانگر قتل ڪندا. هن رٿا تي اڄ يا سڀاڻي عمل ٿيڻو آهي’’.
عمران خان چيو ته زمان پارڪ تي حملو ڪرڻ جي لاءِ پنجاب پوليس جي پنجن اهل ڪارن ڪي قتل ڪيو ويندو.
اربع ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي، گهرو معاملن جي وفاقي وزير رانا ثنا الله اهو الزام ورجايو ته زمان پارڪ ۾ دهشت گرد تنظيمن سان واسطو رکندڙ عناصر هٿيارن سميت موجود هيا.
هن چيو ته وارنٽ تي عمل ڪرڻ لاءِ ويندڙ پوليس وارن تي تحريڪ انصاف جي هٿياربند جٿن حملو ڪيو.
عمران خان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي چيو ته جيڪڏهن توهان کي هشي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته توهان رد عمل نه ڏيو. جيڪڏهن پوليس وارا وارنٽ کڻي اچن ته انهن کي مون تائين اچڻ ڏنو وڃي، ڇو ته جيل وڃڻ جي لاءِ تيار آهيان، ليڪن ڪارڪنن جو قتل نه ٿو چاهيان.