رسائی کے لنکس

آئي ايس پي آر جو رد عمل، اسٽيبلشمنٽ ۽ عمران خان ۾ ڇڪتاڻ


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستاني فوج جي تعلقات عامه جي شعبي (آئي ايس پي آر) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هڪ نازڪ وقت ۾ فوج جي اعلي قيادت کي متنازع بنائڻ جي ڪوشش انتهائي افسوس ناڪ آهي. فوج ۾ چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) عمران خان جي انتهائي غير ضروري بيان تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ ڏٺي پئي وڃي.

عمران خان جي آچر ڏينهن فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب تي سومر ڏينهن آئي ايس پي آر رد عمل ڏيندي چيو آهي ته آرمي چيف جي انتخاب جي عمل کي متنازع بنائڻ رياست ۽ اداري جي مفاد ۾ ناهي. فوج آئين جي بالادستيءَ جو عزم ورجائي ٿي.

آئي ايس پي آر چيو ته فوج جي سربراه کي مقرر ڪرڻ متعلق آئين ۾ واضح طريقه ڪار موجود آهي، ان جي باوجود سينئر سياسي رهنمائن پاران ان عهدي کي متنازع بنائڻ جي ڪوشش بي انتها افسوس ناڪ آهي.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي، علي فرقان اسلام آباد مان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو آرمي چيف جي تقرريءَ تي بيان نئين سياسي تنازعي جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ان بيان تي سياسي رهنمائن پاران پڻ عمران خان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

آچر ڏينهن فيصل آباد ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان حڪمران اتحاد جي رهنما نواز شريف ۽ آصف علي زرداريءَ تي الزام مڙهيندي چيو ته هو ان ڪري چونڊون نه ٿا ڪرائڻ چاهن ته نومبر ۾نئين آرمي چيف مقرر ٿيڻو آهي. اهي ٻئي ڄڻا پنهنجو پسنديده آرمي چيف آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

پاڪستان جي فوج جي سربراهن جي تقرر جو معاملو اگرچه ماضيءَ ۾ به بحث هيٺ ايندو رهيو آهي، پر سياست دان ۽ اهم شخصيتون جلسن ۽ عوامي تقريبن ۾ ان معاملي تي رائي ڏيڻ کان ڪيٻائيندا آهن.

فوج جي موجوده سربراه، جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدت لڳ ڀڳ ٽي مهينا پوءِ 29 نومبر تي پوري ٿيندي. حڪومت هينئر تائين سندس ايڪسٽينشن يا نئين آرمي چيف کي مقرر ڪرڻ جو ڪو اعلان نه ڪيو آهي.

عمران خان ريڊ لائين ڪراس ڪندي نظر اچي رهيو آهي

ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته هي پهريون موقعو آهي ته ڪنهن جلسي ۾ فوج جي سربراه جي تقرري جو تذڪرو بي انتها متنازع لفظن ۽ غير ذمه دارانه انداز ۾ ڪيو ويو هجي.

تجزيه ڪار ۽ سينئر صحافي، مظهر عباس چيو آهي ته عمران خان آرمي چيف جي تقرريءَ جي معاملي تي صرف سوال نه ٿو اٿاري بلڪه اهو به چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن سندس پسند جي تقرري نه ٿي ته هو ان کي قبول نه ڪندو.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي مظهر عباس چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو اهو بيان نئين آرمي چيف مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ان معاملي کي متنازع بنائڻ جي ڪوشش آهي، جنهن کي فوج جي حلقن ۾ پسند جي نگاه سان نه ڏٺو ويندو.

هن چيو ته اگرچه فواد چوڌريءَ ان بيان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي، ليڪن سندس بيان ان کان تمام مختلف آهي جيڪو عمران خان جلسي ۾ ڏنو هو. سندس بقول، ڪجهه حلقن جي نظر ۾ عمران خان ريڊ لائين ڪراس ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

مظهر عباس چيو ته ان کان اڳ به عمران خان ‘نيوٽرلز‘ جي اصطلاح جي تشريح ڪندو رهيو آهي ۽ بظاهر لڳي رهيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ ۽ عمران خان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.

ڪو به جنرل زياده يا گهٽ محب وطن نه هوندو آهي

دفاعي معاملن جي تجزيه ڪار، ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته عمران خان ان بيان سان پنهنجي حامين کي ان معاملي ڏانهن وٺي وڃڻ گهري ٿو ته جڏهن هو آرمي چيف جي حمايت وڃائي ويٺو ۽ تحريڪ انصاف عدم اعتماد جي صورت ۾ سندس حڪومت ختم ٿي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، عائشه صديقه چيو ته جنرل قمر جاويد باجوه جي عهدي پوري ٿيڻ کان اڳ آرمي چيف کي مقرر ڪرڻ جو اعلان ٿي ويندو ۽ ان وقت جي حڪومت جو هيءُ استحقاق هوندو ته فوج جي سينئر ترين پنجن جنرلز ۾منجهان ڪنهن جو به انتخاب ڪري سگهي ٿي.

هن چيو ته سڀئي جنرل هڪ جهڙو تجربو ۽ صلاحيت رکندا آهن ۽ ڪو به جنرل زياده محب وطن يا گهٽ محب وطن نه هوندو آهي.

اسٽيبلّشمنٽ ۽ تحريڪ انصاف جا تعلقات اڃان تائين ڪشيده

مظهر عباس چيو ته عمران خان پنهنجي هن بيان سان اهو تاثر ڏنو آهي ته هو آرمي چيف جي تقرريءَ جي حوالي سان پسند به رکندو آهي ۽ سينئر جنرلن ۾ اهي به شامل آهن جن کي هو پسند نه ڪندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اهڙي وقت هن بيان جو اچڻ جڏهن مهيني اندر آرمي چيف جي تقرريءَ جو اعلان ٿيڻو آهي ان معاملي کي متنازع بنائڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل ڪوشش آهي جنهن کي فوجي حلقي ۾ پسند نه پيو ڪيو وڃي.

مظهر عباس مطابق، عمران خان جي بيان مان ائين ٿو لڳي ته هو چاهي ٿو ته موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي مدت ۾ توسيع نه وٺي.

هن چيو ته ان کان علاوه هن جي اها به خواهش آهي ته چونڊن جو اعلان موجوده آرمي چيف جي عهدي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي. سندس بقول، ائين ٿو لڳي ته اسٽيبلشمنٽ ۽ تحريڪ انصاف جا تعلقات اڃان تائين ڪشيده آهن ۽ ان ڇڪتاڻ ۾ واڌ اچي رهي آهي.

عمران خان دٻاءَ جي نتيجي ۾پنهنجن مفادن جو تحفظ چاهي ٿو

ڊاڪٽر عائشه صديقه به ان ئي نتيجي تي پهتي آهي ته عمران خان چاهي ٿو ته آرمي چيف جي تقرر جي عمل کي ان قدر متنازع بنايو وڃي جو جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي مدت ۾ واڌ قبول نه ڪري سگهي.

هن چيو ته هن وقت ڇو ته معاملو واضح ناهي، عمران خان دٻاءَ جي نتيجي ۾ پنهنجي مفادن جو تحفظ چاهي ٿو ڇوته کيس لڳي ٿو ته جنرل قمر جاويد باجوه جي سياست سندس سياسي مفادن جي خلاف آهي.

ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو ته ان کان علاوه عمران خان جي ڪوشش آهي ته جيڪو به نئون آرمي چيف اچي اهو ايتري حد تائين دٻاءَ ۾ هجي جو فوج جي سياسي ڪردار کي ان جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي ۽ سندس سياسي مخالفن جي حمايت نه ڪئي وڃي. عمران خان جي ان بيان جو رد عمل ايندو، البته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته سندس رهنمائن جي پڪڙ ڌڪڙ شروع ٿي وڃي.

XS
SM
MD
LG