رسائی کے لنکس

انگلينڊ ۽ ويلز ۾ مسيحي سموري آباديءَ جي اڌ جي برابر، مسلم آباديءَ ۾ اضافو


لنڊن
لنڊن

آدم شماريءَ جي تازن انگن اکرن مطابق، انگلينڊ ۽ ويلز ۾ اڌ کان ڪجهه گهٽ ماڻهو پاڻ کي مسيحي سمجهن ٿا ۽ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ته ملڪ جي سرڪاري مذهب کي مڃيندڙ آبادي ٿورائي ۾ تبديل ٿي وئي آهي.

برطانيه جي قومي انگن اکرن جي دفتر پاران 2021 جي آدم شماري جي اڱاري ڏينهن جاري اعداد و شمار مان معلوم ٿئي ٿو ته آدم شماريءَ کان پوءِ ڏهن سالن جي عرصي ۾ ملڪ ۾مذهبي ماڻهن ۽ سفيد فامن جو تعداد گهٽجي ويو آهي.

انگلينڊ ۽ ويلز جي لڳ ڀڳ 46 اعشاريه 2 في صد آباديءَ 2021 جي مردم شماريءَ ۾ پاڻ کي مسيحي طور تي شمار ڪرايو، جڏهن ته ڏهه سال اڳ اها شرح 59 اعشاريه 3 في صد هئي.

مسلم آباديءَ جو تناسب 4 اعشاريه 9 في صد کان وڌي 6 اعشاريه 5 في صد ٿي ويو آهي جڏهن ته آباديءَ جي هڪ اعشاريه 7 في صد پنهنجي سڃاڻپ هندوءَ جي طور تي ظاهر ڪئي جڏهن ته ڏهه سال اڳ هيءَ شرح هڪ اعشاريه 5 في صد هئي.

آدم شماريءَ جي نتيجن مطابق هر ٽن ماڻهن منجهان هڪ کان وڌيڪ ماڻهن، يعني 37 في صد چيو ته انهن جو ڪو مذهب ڪونهي، جڏهن ته 2011 ۾ ڪنهن به مذهب جو پيروڪار هئڻ کان انڪار ڪرڻ وارن جي شرح 25 في صد هئي.

برطانيه جي ٻين علائقن اسڪاٽ لينڊ ۽ اتر آئرلينڊ پنهنهي آدم شماريءَ جا نتيجا الڳ الڳ جاري ڪيا آهن.

سيڪولرزم جي علمبردارن چيو آهي ته برطانوي معاشري ۾ ان تبديليءَ کان پوءِ مذهب جي حوالي سان نظرثانيءَ جي ضرورت آهي.

برطانيه ۾ ’چرچ آف انگلينڊ’ جا اسڪول سرڪاري مالي مدد سان هلندا آهن، ’اينجليڪن پشپس پارليامنٽ’ جي مٿئين ايوان ۾ وهندا آهن ۽ بادشاه عقيدي جو محافظ ۽ چرچ جو ’سپريم گورنر’ آهي.

برطانيه جي هڪ عام ڀلائيءَ واري اداري، ’هيومينسٽس يو ڪي’ جي چيف اگزيڪٽو، اينڊرو ڪوپسن چيو آهي ته غير مذهبي ماڻهن جي تعداد ۾ ڊرامائي واڌ برطانيه کي يقيني طور تي زمين جو سڀ کان گهٽ مذهبي ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته انهن نتيجن جو سڀ کان اهم پهلو اهو آهي ته آبادي پنهنجي رياست کان ڪيتري مختلف آهي. يورپ ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهڙو مذهبي نظام ڪونهي جهڙو اسان وٽ هڪ غير مذهبي آبادي رکڻ جي باوجود، قانون ۽ عوامي پاليسيءَ جي اعتبار سان موجود آهي.

چرچ آف انگلينڊ جي سڀني کان سينئر پادريءَ، يارڪ جي آرچ بشپ، اسٽيفن ڪوٽريل چيو آهي ته اهي انگ اکر ڪجهه وڌيڪ حيران ڪن ناهن، ليڪن مسيحن جي لاءِ ان ۾ هڪ چيلينج آهي ته هو پنهنجي عقيدي جي واڌاري جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪن.

هن چيو ته ان دور کي اسان پويان ڇڏي آيا آهيون جڏهن گهڻن ماڻهن جي سڃاڻپ تقريبا پنهنجو پاڻ مسيحيءَ جي طور تي ٿي ويندي هئي، ليڪن ٻيا سروي مسلسل اهو ظاهر ڪن ٿا ته ڪهڙيءَ ريت اهي ئي ماڻهو اڃان تائين روحاني سچائي ۽ حڪمت ۽ زندگي گزارڻ جي لاءِ اقدار جي هڪ مجموعي جي تلاش ۾ آهن.

انگلستان ۽ ويلز ۾ تقريبا 82 في صد ماڻهن آدم شماريءَ ۾ پنهنجي سڃاڻپ سفيد فام جي طور تي ڪرائي، جيڪو 2011 جي آدم شماريءَ کان گهٽ آهي جڏهن ته 86 في صد پنهنجو اندراج سفيد فام جي طور تي ڪرايو هو. لڳ ڀڳ 9 في صد چيو ته اهي ايشيائي آهن، 4 في صد سياه فام ۽ 3 في صد پنهنجي سڃاڻپ يا هڪ کان وڌيڪ نسلي پس منظر جي حامل ماڻهن جي طور تي ڪرائي ۽ 2 في صد پنهنجي سڃاڻپ ڪنهن ٻئي نسلي گروپ سان لاڳاپيل آهي.

(هن رپورٽ جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG