رسائی کے لنکس

ممبئي پاسپورٽ برانچ ’هيڪ’ ڪندڙ ملزم گرفتار


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

ڀارت ۾ هڪ شخص کي پنهنجي زال کي متاثر ڪرڻ مهانگو پئجي ويو، ڇوته آخرڪار کيس گرفتاريءَ جو منهن ڏسڻو پيو.

ممبئي ڪرائيم برانچ جي سائبر پوليس 27 سالن جي ھڪ سول انجنيئر کي پاسپورٽ ويري فيڪيشن (تصديق) برانچ جو سسٽم هيڪ ڪرڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو آهي.

پوليس ٻڌايو آهي ته راجا بابو شاه نالي جوابدار اهو ڪم پنهنجي زال کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪيو.

ڀارتي اخبار ’ٽائمز آف انڊيا’ موجب، ملزم هن وقت عدالتي تحويل ۾ آهي. سندس تعلق اتر پرديش جي شهر غازي آباد سان آهي.

پاسپورٽ سسٽم کي هيڪ ڪرڻ جو اھو واقعو گذريل سال 24 سيپٽمبر تي ٿيو ھو ۽ ان ڏينهن پاسپورٽ آفيس جي برانچ بند هئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جي زال نوڪري لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي تياري ڪري رهي هئي، تنهن ڪري جوابدار ويري فڪيشن برانچ جي سسٽم کي هيڪ ڪري پنهنجيءَ زال سميت ٽن عورتن جي درخواستن جي انڪوائري رپورٽ کي ’ڪليئر’ ڪيو هو.

پوليس چيو آهي ته جوابدار شڪ کان بچڻ لاءِ پنهنجي زال کان سواءِ ٻن وڌيڪ عورتن جي درخواست پڻ ڪليئر ڪئي.

واقعي کانپوءِ ابتدائي طور تي پوليس گزريل سال آزاد ميدان ٿاڻي ۾ نامعلوم شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.

جانچ دوران انڪشاف ٿيو ته ملزم نوائيڊا شهر جي آئي پي استعمال ڪئي هئي. پوليس اهو نه ٻڌايو ته راجا بابو شاه پاسپورٽ سسٽم تائين ڪيئن پهتو.

پوليس چيو ته سسٽم ھيڪ ٿيڻ کان پوءِ راجا بابو شاه جي گهر واري جي پاسپورٽ جي تصديق جو عمل روڪيو ويو آھي.

XS
SM
MD
LG