رسائی کے لنکس

توهين مذهب جي مبينه ملزم جو قتل، 70 ڄڻا گرفتار


ننڪانه صاحب ٿاڻو. 12 فيبروري 2023.
ننڪانه صاحب ٿاڻو. 12 فيبروري 2023.

پنجاب جي علائقي ننڪانه صاحب ۾ پوليس مذهب جي توهين جي الزام ۾ حراست ۾ ورتل شخص جي مڇريل انبوه جي هٿارئون قتل جي مقدمي ۾ 70 مشتبه ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.

ننڪانه صاحب جي واربرٽن علائقي ۾ ڇنڇر ڏينهن مڇريل انبوه مذهب جي توهين جي مبينه ملزم وارث عليءَ کي پوليس جي حراست مان زوريءَ ڇڏرائي، ان کي زنده ساڙي ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ ان جي لاش جي بي حرمتي به ڪئي وئي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي آئي جي پوليس علائقي جي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پيءَ کي معطل ڪري ڇڏيو هو.

شيخوپوره جي ريجنل پوليس عهديدار (آر پي او) بابر سرفراز وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي ٻڌايو ته 11 فيبروري 2022 تي ننڪانه صاحب جي علائقي واربرٽن ۾ انبوه جي هٿئون قتل ٿيڻ واري مذهب جي توهين جو مبينه ملزم ڪجهه مهينا اڳ جيل مان رها ٿي آيو هو. بابر سرفراز مطابق، مقتول جي خلاف 2019 ۾ به مذهب جي توهين جو مقدمو درج ڪرايو ويو هو جنهن ۾ هن جي خلاف ڪيس هليو هو ۽ هن کي سزا ڏني وئي هئي، جنهن تي هن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ پوئين سال جون ۾ هو رها ٿيو هو.

پوليس جي اٽالي جي ڪمي

شيخوپوره جي آر پي او چيو آهي ته ان شخص مذهب جي مبينه توهين ڪئي ته کيس ماڻهن پڪڙي ورتو ۽ مار ڪٽ ڪرڻ لڳا. التبه اطلاع ملڻ تي 10 کان 12 منٽن جي اندر پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ ان کي حراست ۾ ورتو ويو.

آر پي او مطابق انهيءَ وچ ۾ ماڻهن جي ميڙ کي وڌندو ڏسي پوليس ملزم کي محفوظ جاءِ تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ته اهڙن ڪيسن ۾ پوليس جو طريقه ڪار هوندو آهي. وارڌات جو هنڌ ٿاڻي جي ويجهو هيو. پوليس ڪوشش ڪري ملزم کي بحفاظت ٿاڻي پهچايو.

عمل دار ٻڌايو ته انهيءَ دوران علائقي ۾ مذهب جي توهين جو اطلاع ڦهلجي ويو يا ڦهلايو ويو، جنهن کان پوءِ ماڻهن جو هجوم اتي پهچي ويو جن جو تعداد 900 کان 1000 هيو. انبوه ۾ ڪجهه ماڻهو ڏاڪڻين جي مدد سان ٿاڻي جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ دروازا کولي ڇڏيا.

ملزم جي انبوه پاران قتل جي حوالي سان هن وڌيڪ چيو ته ٿاڻي ۾ ڇهه کان ست پوليس اهل ڪار موجود هيا. اليٽ فورس جا چار اهل ڪار به ٿاڻي پهتا. پر ٿاڻي ۾ ميڙ وڌندو ويو جن پوليس عمل دارن سان وڙهڻ شروع ڪيو. پوليس جو واڌو اٽالو ننڪانه صاحب کان اچڻو هيو ليڪن اهو فاصلو 21 کان 22 ڪلوميٽر پري هو.

ملزم جي گرفتاري

ننڪانه صاحب جي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) ننڪانه صاحب، عاصم افتخار چيو آهي ته پوليس ڪيمرائن ۽ فوٽيجز جي مدد سان 70 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته ان ڪيس ۾ ڪيترائي اهم موڙ آهن جن جي باري ۾ اڃان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سي سي ٽي وي جي مدد سان ٻين ماڻهن جي گرفتاريءَ جي لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.

هن چيو ته پوليس جي پوري ڪوشش آهي ته ڪنهن بي قصور شخص کي گرفتار نه ڪيو وڃي. واقعو تمام ٿوري وقت اندر ٿيو. پوليس ملزم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن اها ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

ملزمن جو جوڊيشل ريمانڊ

ڊي پي او ننڪانه صاحب مطابق، واقعي ۾ ملوث ڇهن ڄڻن کي انسداد دهشت گرديءَ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت انهن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

ننڪانه صاحب پوليس مطابق واقعي جا ٻه مقدما درج ڪيا ويا آهن. هڪ مڇريل انبوه جي خلاف جنهن ملزم وارث کي قتل ڪيو. اها ايف آئي آر سيل ڪئي وئي آهي جنهن جي معلومات ڪنهن کي فراهم نه ٿي ڪري سگهجي. ٻئي ايف آئي آر وارث جي خلاف 296 بي جي تحت ٿاڻي واربرٽن ۾ درج ڪئي وئي آهي.

ايف آئي آر جي مطابق، ڇنڇر ڏنهن صبح جي نماز کان پوءِ مذهب جي توهين متعلق مواد بازار ۾ وکريل ڏٺو ويو جنهن کان پوءِ علائقي جا ڪجهه ماڻهن نامعلوم ملزم جي ڳولها ۾ لڳي ويا.

ملزم جي خاندان متعلق شيخوپوره جي آر پي او بابر سرفراز ٻڌايو ته انبوه جي هٿان سڙي ويل ملزم اڪيلو رهندو هو جنهن کان سندس زال چار سال اڳ خلعا ورتو هيو، جڏهن ته سندس ماءُ ۽ ستيلي ڀاءُ ملزم جي اهڙي قسم جي حرڪتن کان تنگ اچي ان کان لاتعلقي اختيار ڪئي هئي.

وائس آف آمريڪا ان سلسلي ۾ مري ويل شخص جي خاندان سان رابطو ڪيو پر انهن پاران ڪو موقف سامهون نه آيو آهي.

(ضيا الرحمان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG