هر لڙائيءَ جي ڪا نه ڪا قيمت هوندي آهي جيڪا جنگ ۾ شامل ملڪ، فوج ۽ عام شهري سڀني کي برداشت ڪرڻي پوندي آهي.ملڪن جي لاءِ علاقو حاصل ٿيڻ يا هٿ مان نڪري وڃڻ عارضي ٿي سگهي ٿو، ليڪن جيڪي حياتيون لڙائيءَ جي حوالي ٿي وينديون آهن اهي واپس نه ملنديون آهن. نه ئي اهي عضوا واپس تي سگهن ٿا جيڪي لڙائيءَ ۾جان کان جدا ٿي ويا.
۽ اڄ يوڪرين ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي.
لڙائي اڃان جاري آهي. ماڻهو زخمي به ٿي رهيا آهن ۽ جن ماڻهن جا عضوا جسم کان جدا ٿي وڃن ٿا تن جون ڪهاڻيون معذوريءَ سان سمجهوتي وانگر مختلف آهن. اهو هڪ نئين جنم جيان هوندو آهي جنهن جي ڪا به ڳالهه پهرئين جهڙي ڪونه ٿي سگهندي آهي.
پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ وڙهڻ اهو جذبو هوندو آهي جيڪو زخمي ٿيڻ جي باوجود وهڻ نه ڏيندو آهي. فوجين کي تڪليف برداشت ڪرڻ جو حوصلو بخشيندو آهي، خاص طور تي ان وقت سندن سهارو ٿيندو آهي جڏهن سندن زندگي بچائڻ لاءِ جسم جو ڪو حصو ڪٽي الڳ ڪيو ويندو آهي.
هيءُ مرحلو عام شهريءَ لاءِ سخت صدمي جو باعث بڻبو آهي جيڪو رواجي زندگيءَ جي ڪمن ۾ مصروف هيو ۽ بم باري سندس هٿن پيرن کان محروم ڪري وئي. انهن جي ذهني حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو جن جي لاءَ لڙائي ئي ڪجهه گهٽ ڪونه هئي ۽ هاڻي معذوري زندگيءَ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
يوڪرين ۾ اهڙن مردن، عورتن ۽ ٻارن لاءِ چوٿون مهينو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته لڳي ائين ٿو ڄڻ سفر اڃان شروع ئي هاڻي ٿيو آهي.
ايسو سي ايٽڊ پريس اهڙن ئي ڪجهه ماڻهن جو أحوال بيان ڪيو آهي جيڪي جنگ جي هاڃن جا شڪار ٿيا ۽ باقي زندگي معذوريءَ جي ان حالت ۾ گزاريندا.
اولينا
هڪ ڌماڪي ۾ اولينا جي هڪ ٽنگ ضائع ٿي وئي ۽ سندس 14 سالن جو پٽ ايوان جنهن موسيقيءَ جي سکيا وٺڻ شروي ڪئي هئي حياتيءَ جي جنگ هارائي ويٺو.
يانا ۽ نتاشا
يارهن ورهن جي يانا تي آفت کليل آسمان تان آئي. اٺين اپريل تي هوءَ پنهنجيءَ ماءُ نتاشا جاڙي ڀاءُ سان گڏ ڪراماٽورسڪ شهر منجهان ٻاهر ويندي ريلوي اسٽيشن پهتي. باريڪ سامان سان گڏ ويهي رهيو ۽ هوءَ بنهنجي ماءُ سان چانهن وٺڻ هلي وئي. ايتري ۾ هڪ ميزائل ڪريو ۽ دنيا انڌير بڻجي وئي. ڳانا جي ماءُ زمين تي ڪري پئي. هن ڏٺو ته يانا زخمي ٿي چڪي آهي. سندس آواز آيو ته امان مان مرڻ واري آهيان.
ساشا
اليگزينڊر هوروخوسڪيءَ کي هر ڪو ساشا چوندو هيو. ڪيس تڪليف پهتل هئي ۽ ڪاوڙ ۾ به هو. زخمي ٿيڻ کان ٻه هفته پوءِ 4 اپريل تي سندس کٻي ٽنگ ڪاٽي وئي.
ساشا کي کٻيءَ ڄنگهه ۾ ان وقت گولي لڳي جڏهن علاقي ۾ دفاع ڪندڙ رضاڪار کيس گولي ماري هئي. کيس گولي ان وقت لڳي جڏهن هو بابرووستا ۾ پنهنجي گهر جي سامهون بم شيلٽر مان نڪري بمباري ۾ تباه ٿيل عمارتن جون تصويرون وٺي رهيو هو.
نستيا
چرنيهيو جي هڪ بيسمنٽ ۾ ٻن ٽن ڏينهن کان نه بجلي هئي نه پاڻي. نستڳا ڪيوزڪ، سندس ماءُ پيءُ، سندس ڀاءُ ۽ 120 پاڙيسري ان بيسمنٽ ۾ رهي رهيا هيا.
اونده کان گهٻراهٽ جي ڪري نستيا ڪجهه ديراتائين ٻاهرنڪري پنهنجي ڀاءُ جي گهر هلي وئي. واپسيءَ تي بيسمنٽ پهچڻ ئي واري هئي ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ هوءَ زمين تي ڪري پئي. کيس سندس ڀاءُ دلاسو ڏيندو رهيو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. پر سڀ ڪجهه ٺيڪ نه ٿي سگهيو. ڊاڪٽرن گهڻي ڪوشش ڪئي پر آۡخر سندس سڄي ڄنگهه گوڏي کان هيٺان ڪاٽي وئي، جڏهن ته سندس کٻي ٽنگ ٽٽي چڪي هئي.