رسائی کے لنکس

سنڌ ۾ لساني ڪشيدگيءَ جا واقعا، سبب ڇا آهي؟


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

جولائي جي ٻارهين تاريخ رات جو دير سان حيدرآباد بائي پاس تي سپر سلاطين هوٽل تي معمولي جهڳڙي کان پوءِ 34 ورهن جي بلال ڪاڪا ۽ سندس ٽن ساٿين کي مٿي تي ڳوري شئي هڻي شديد زخمي ڪيو ويو جن مجهان بلال جو موت واقع ٿيو. ان واقعي جي خلاف احتجاج ڪيو ويو ۽ حيدرآباد ڪراچي شاهراه به بند ڪئي وئي.

پوليس واقعي جو مقدمو درج ڪري هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٽي اڃان مفرور آهن.

ڪراچيءَ مان وي او اي جي نمائندي، محمد ثاقب پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هن قتل کان پوءِ صوبي جا مختلف ضلعا جن ۾ حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي، سيوڻ ۽ دادو ۾ قوم پرستن مبينه طور تي پشتو ڳالهائڻ وارن جي چانهن جا هوٽل بند ڪرايا ۽ انهن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.

ڪيتريون ئي وڊيوز سامهون اچڻ کان پوءِ رد عمل جي طور تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به احتجاج ٿيو، جڏهن ته سهراب ڳوٺ ۾ ٿيڻ وارو احتجاج پر تشدد صورت حال اختيار ڪري ويو. انهيءَ دوران سڙڪ ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي. پوليس تي پٿرائو ڪيو ويو ۽ آس پاس جي سڙڪن تي ٽريفڪ جام دوران ماڻهن کان لوٽ مار جي مبينه واقعن جا اطلاعات به مليا آهن.

خميص ۽ جمعي ڏينهن به احتجاج دوران ڪن شرپسند عناصرن هنگامه آرائي جي دوران ڪم از ڪم ٻن گاڏين کي باه ڏني. پوليس هنگامه آرائيءَ جو مقدمو درج ڪري 40 ماڻهن کي گرفتار ڪري، سندن خلاف هنگامه آرائي، جلائو گهيرائو ۽ ٻين متعلقه دفعات هيٺ مقدمه درج ڪيا آهن.

سنڌ ۾ لسانيت سان جڙيل مسئلن جي تاريخ موجود آهي ۽ ماضيءَ ۾ اهڙا ڪئين پر تشدد واقعا ٿي چڪا آهن جن ۾ لساني بنيادن تي سوين ماڻهوهلاڪ ٿيا. ليڪن، حيدرآباد ۾ قتل ۽ ان کان پوءِ پيدا ٿيڻ واري هن صورت حال ۾ سياسي جماعتن ۽ قائدين پاران شديد مذمت ڪئي پئي وڃي.

انهيءَ طرح پشتون تحفظ موومنٽ جي رهنما منظور پشتين به برداشت ۽ ڀائي چاري جي فضا کي قائم رکڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهي ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بنائي.

قومي عوامي تحريڪ جي رهنما، لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌين ۽ پختونن وچ ۾ غلط فهمي پيدا ڪندڙن جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.

هوڏانهن انساني حقوق ڪميشن سنڌ ۾ لساني ۽ سياسي ڪشيدگي ۾ اضافي تي تشويش جو اظهار ڪيو آهي. ڪميشن مطالبو ڪيو آهي ته بلال ڪاڪا جي قتل جي تحقيقات منصفانه ۽ شفاف طريقي سان ڪئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڏوهن ۽ تشدد تي قابو پائڻ لاءِ اقدامات ڪري. هن ڪميشن ملڪ جي تمام ترقي پسند آوازن کي به اپيل ڪئي آهي ته اهي تفرقه انگيز يا لساني بيان بازيءَ کان پرهيز ڪن.

ڪشيدگي جو سبب غير قانوني تارڪين وطن ۽ ڪجهه آئيني شقون

مصنف ۽ دانشور، جامي چانڊئي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ لساني ڪشيدگي جا بنيادي سبب غير قانوني تارڪين وطن جي وڏي پيماني تي اچڻ ۽ بغير دستاويزات ڪاروبار ڪرڻ سميت ڪيتريون ئي آئيني شقون به آهن جيڪي رياست کي حقيقي وفاق جي راه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي جامي چانڊئي چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي فيڊريشن جو بنياد وڌو وڃي ها، نون ايندڙن کي قبول ڪرڻ جي آئيني ۽ قانوني طريقه ڪار کي اختيار ڪيو وڃي ها، جنهن تحت درست اصول اپنايا وڃن ها ۽ سموريون ڪميونٽيز پاڻ کي محفوظ تصور ڪن ها ته، سندس خيال ۾، اسان کي اهي واقعا ڏسڻا نه پون ها.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته تاريخي طور تي ڏٺو وڃي ته اگر انهن اصولن کي پاڪستان ۾ به اپنايو وڃي ها ته فيڊريشن ۾ اهڙا تنازعه وقت سان گڏ حل ٿي وڃن ها. مثال ڏيندي، هن چيو ته ڪيناڊا ۾ رياست اونٽاريو ۽ ڪيوبڪ جي وچ ۾ فرينچ ۽ انگريزي ڳالهائڻ وارن جي وچ ۾ ماضي ۾ شديد ڪشيدگي رهي، ليڪن هاڻي اها ڳالهه ڪونهي. ڪيوبڪ جي زبان، سڃاڻپ ۽ حقن کي ڪيناڊا جي آئين ۾ به تحفظ فراهم ڪيو ويو. انهيءَ جيان برازيل، وينزويلا ۽ ميڪسيڪو ۾ به اهڙا معاملا هيا جيڪي هاڻي ڪافي حد تائين حل ٿي چڪا آهن.

جامي چانڊئي چيو ته اگر سنڌ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته تقسيم کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارن جي آبادي 97 في صد هئي. اردو ڳالهائڻ وارن جو وڏو تعداد هجرت ڪري هتي آيو ۽ هو هتان جي ثقافت جو حصو ٿي ويا. هن چيو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ مائٽيون تائين ٿي چڪيون آهن. ليڪن ڪجهه سياسي جماعتون هن تقسيم کي به پنهنجي مقصدن خاطر استعمال ڪنديون آهن. ٻئي پاسي پنجابي ڳالهائڻ وارا به سنڌ جي تقسيم کان اڳ بدين، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن ۾ آباد ٿيا. ون يونٽ جي دور ۾ به پنجاب سان تعلق رکڻ واران کي ڪيترن ئي ضلعن مير پور خاص، سانگهڙ، بدين، عمرڪوٽ ۾ وڏي پيماني تي زمينون الاٽ ٿيون. هو به سنڌ ۾ مڪمل طور تي هڪ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته پشتو ڳالهائيندڙ وڏي تعداد ۾ شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ ٻه اڍائي سو سال اڳ آباد ٿيا ۽ هو به هن ڌرتيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته اهي سڀئي اڪنامڪ مائيگرينٽ بڻجي نه آيا بلڪه اهي هن سرزمين جو حصو بڻجي ويا.

ٻئي پاسي، سنڌ جي وزير اعلي مراد علي شاه به انهن واقعن ۽ پرتشدد مظاهرن جو نوٽيس ورتو آهي. وزير اعلي چيو آهي ته ڏوهن ۾ ملوث عناصر جو ڪو به مذهب، ڪا قوميت يا ڪا زبان ڪو نه هوندي آهي، بلڪه هو دهشت گرد، قاتل ۽ انسانيت جا دشمن هوندا آهن. انهيءَ ڪري، بقول سندس، حيدرآباد جي واقعي تي قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري چڪو آهي، ليڪن هن واقعي کي مجموعي طور تي هڪ مخصوص ڪميونٽيءَ جو جرم قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.

وزير اعلي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شهر جي ڪا به سڙڪ بند نه ٿيڻ کپي. اگر شرپسند عناصر ڪا به سڙڪ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن سان سختيءَ سان نبريو ويندو، جڏهن ته سرڪاري يا نجي املاڪ کي نقصان پهچائڻ وارن جي خلاف به سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

XS
SM
MD
LG