رسائی کے لنکس

ڀارتي دوا واپرائڻ جي ڪري گيمبيا ۾ 70 ٻارن جو موت واقع


ڀارت جون ’جينيرڪ’ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. (فائيل فوٽو)
ڀارت جون ’جينيرڪ’ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. (فائيل فوٽو)

ڀارت جي هڪ ڪمپنيءَ پاران کنگهه ۽ زڪام جي علاج جي دوا پيڻ جي ڪري آفريقا جي ملڪ گيمبيا ۾ ڪيترن ئي درجن ماڻهن جي مرڻ جي رپورٽ کان پوءِ ڀارت جي دوائن تي نگرانيءَ جي اداري ملڪ جي دوائن تيار ڪندڙ ڪجهه فيڪٽرين جي جانچ پڙتال شروع ڪئي آهي.

ڀارت جي صحت جي وزارت اڱاري ڏينهن ٻڌايو ته جانچ پڙتال جو مقصد دوائن جي معيار کي بهتر بنائڻ آهي. ڀارت کي ’دنيا جي فارميسي’ سڏيو ويندو آهي ۽ اتان جي دوائن جي برآمد گزريل ڏهن سالن جي دوران ٻيڻيءَ کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي. پوئين مالي سال ۾ ڀارت ساڍن 24 ارب ڊالرن جون دوائون برآمد ڪيون هيون.

گيمبيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 70 ٻارن جي موت ڀارت جي دوا ساز صنعت جي شهرت کي نقصان پهچايو آهي.

ڀارت جو چوڻ آهي ته دوائون ٺاهڻ واري نئين دهليءَ جي ڪمپني، ’ميڊن فارماسيوٽيڪل لميٽيڊ’ جي ان ۾ ڪا غلطي ڪانهي. وزارت چيو آهي ته اها اهڙن ڊرگ مينوفيڪچرنگ يونٽس جو معائنو ڪري رهي آهي جن جي باري ۾ شڪ آهي ته اهي غير معياري، ملاوٽ ڪيل يا جعلي دوائون ٺاهي رهيا آهن. ليڪن ان ڪنهن ڪمپنيءَ جو نالو نه کنئيو آهي.

صحت جي ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ دوائن جا ضابطا ڪافي نرم آهن، خاص طور تي رياستن جي سطح تي جتي هزارين فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن.

حڪومت آڪٽوبر ۾ هريانه جي رياست ۾ قائم ميڊن ڪمپنيءَ جي سموري پيداوار کي معيار جي خلاف دوائون تيار ڪرڻ تي معطل ڪري ڇڏيو هو.

ليڪن ڀارت جي دوائن جي جانچ ڪرڻ واري هڪ اعلي آفيسر هن مهيني ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (ڊبليو ايڇ او) کي ٻڌايو هو ته ميڊن ڪمپنيءَ کنگهه جا جيڪي سيرپ گيمبيا موڪليا هيا انهيءَ کيپ جو معائنو ڪيو ويو، جيڪي حڪومتي معيار جي مطابق هيا. ميڊن جو چوڻ آهي ته ان جون دوائون معياري آهن.

ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته گهانا ۽ سوٽزرلينڊ جي ليباريٽرين ۾ جڏهن ميڊن جي تيار ڪيل سيرپ جو تجربو ڪيو ويو ته ان ۾ الڪوهل جي ڪجهه جزن جو مقدار وڌيڪ هيو.

گيمبيا جي هڪ پارليماني ڪاميٽيءَ پوئين هفتي چيو هو ته گهٽ ۾ گهٽ 70 ٻارن جا گردا دوا پيڻ جي ڪري شديد زخمي ٿيا جنهن جي ڪري سندن موت واقع ٿيو. ڪاميٽيءَ چيو آهي ته دوا ٺاهڻ واري ڀارتي ڪمپنيءَ، ميڊن ان جي ذمي دار آهي ۽ ڪاميٽيءَ پنهنجي حڪومت کا مطالبو ڪيو آهي ته اها ان ڪمپنيءَ جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري.

(هن رپورٽ جو ڪجهه مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG