رسائی کے لنکس

اگني پٿ اسڪيم خلاف احتجاج جي باوجود، ڀارت نوجوانن کي فوج ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪندو


ڀارت يوم جمهوريه (فائيل فوٽو)
ڀارت يوم جمهوريه (فائيل فوٽو)

ڀارت جي فوجي عملدارن چيو آهي ته فوج ۾ ڀرتيءَ جي طريقه ڪار کي بدلايو پيو وڃي. نئين نظام ۾ آفيسرن کان علاوه هيٺئين رينڪس ۾ اهڙن نوجوانن کي آندو ويندو جي جسماني لحاظ کان فٽ ۽ گهٽ عمر وارا هجن، جيئن انهن کي اڳين محاذن تي وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو ملي۔ عملدارن جو چوڻ آهي ته ننڊي رينڪ ۾ گهڻي ڀاڱي جوانن کي چئن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي رکيو ويندو.

ڀارت جون ڊگهيون سرحدون پاڪستان ۽ چين سان ملنديون آهن جن سان هن جا سرحدي تنازعات آهن. کيس پنهنجي سرحد تي جن ۾ صحرائي، ميداني ۽ هماليا جا بلند ترين علاقه به شامل آهن، هر وقت پنهنجا فوجي دستا تعينات رکڻا پوندا آهن. انهن حالتن جي ڪري ان جي فوجي عملدارن جو تعداد 14 لکن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ڀارت جو شمار سڀ کان وڌيڪ فوج رکڻ وارن ملڪن ۾ ٿيندو آهي.

هن سلسلي ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ اگني پٿ اسڪيم جي خلاف احتجاج جاري آهي.

ڀارت ۾ فوج جا ٽي اهم شعبه آهن يعني بري، بحري ۽ فضائي، جن لاءِ الڳ الڳ ڀرتيون ٿينديون آهن. هن وقت ڀارت جي هيٺئين رينڪس تي رکيل فوجين کي 17 سالن جي سروس کان پوءِ ريٽائر ڪيو ويندو آهي.

ڀرتيءَ جي نئين نظام تحت 17 کان 21 سالن جي ڄمار وارن نوجوان مردن ۽ عورتن کي ٿلهي ليکي چئن سالن جي ڪانٽريڪٽ جي پيشڪش ڪئي ويندي.

اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽي ٽيوٽ (ايس آئي پي آر آئي) مطابق، گزريل سال ڀارت پنهنجي فوج تي 76 ارب 60 ڪروڙ ڊالرن کان مٿي خرچ ڪيا. هڪ امريڪي ڊالر تقريبا‘ 78 ڀارتي روپين جي برابر آهي. امريڪا ۽ چين کان پوءِ ڀارت دنيا ۾ فوج تي سڀني کان وڌيڪ رقم خرچ ڪرڻ وارو ملڪ آهي.

تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم نريندر موديءَ جي انتظاميه جي هن قدم کڻڻ سان مسلح افواج جي پينشن جي خرچ ۾ ڪمي ايندي، جيڪو پگهارن سان گڏ دفاعي بجيٽ جو سڀ کان وڏو حصو آهي. نئين دهليءُ ۾ منوهرپارڪر انسٽي ٽيوٽ فار ڊفينس اينڊ انالسز جي تحقيقي فيلو، ڪرنل ووڪ چڊها چيو آهي ته هن قدم جي نتيجي ۾ يقيني طور تي مستقبل ۾ پينشن جي مد ۾ اچڻ واري خرچ ۾ ڪمي ايندي.

حڪومت جو چوڻ آهي ته هن نئين پروگرام تحت هن سال 46000 نوجوانن کي فوج ۾ چئن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويندو. هن مدت جي اختتام تي چوٿين حصي کي برقرار رکيو ويندو.

وزير دفاي راج ناٿ سنگهه نئين دهليءَ ۾صحافين کي ٻڌايو ته هن پروگرام ذريعي ملڪ جي سلامتيءَ کي مضبوط بنائڻ ۾ مدد ملندي ۽ اسان جي نوجوانن کي دفاعي شعبي ۾ خدمات فراهم ڪرڻ جو موقعو ملندو.

فوجي عملدارن جو چوڻ آهي ته فوجين جي سراسري عمر گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. ڀرتيءَ جي ان نئين نظام جو نالو اگني يوٿ رکيو ويو آهي. هندي زبان ۾ ان جو مطلب باه جو رستو آهي.

ان موقعي تي بري فوج جي سربراه، جنرل منوج پانڊي صحافين کي ٻڌايو ته هن نظام سان هندوستان جي بري فوج ۾ عملدارن جي سراسري عمر 32 ورهن مان گهٽجي 26 سال ٿي ويندي.

وزير دفاع راج ناٿ سنگهه چيو ته ڀرتيءَ جي نئين نظام ذريعي نوجوانن جو وڏو تعداد فوج ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي، جنهن سان فوجي وڌيڪ سولائيءَ سان نئين ٽيڪنالاجيز ۾ تربيت ۽ مهارت حاصل ڪري سگهندا ۽ ان سان گڏ وگڏ فوجين جي صحت ۽ فٽنيس جو معيار به بلند ٿي ويندو.

(هن رپورٽ جو ڪجه مواد رائيٽرز کان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG