رسائی کے لنکس

ڀارت 2023 ۾ پنهنجي اقتصادي ترقيءَ جي باري ۾ پر اميد


ڀارت (فائيل فوٽو)
ڀارت (فائيل فوٽو)

هن سال ڀارت جي اقتصادي ترقي ڪنهن حد تائين سست رهندي، ليڪن حڪومت اربع ڏينهن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ملڪي معيشت جي ڪارڪردگي سٺي آهي ڇو ته سندس ڪوشش آهي ته ايندڙ سال عام چونڊن کان اڳ روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا وڃن.

عالمي سطح تي ڪاروبار ۾ مندي جي باوجود، ڀارت اندازو لڳايو آهي ته سندس معيشت 2023 ۾ لڳ ڀڳ 6.5 في صد جي شرح سان ترقي ڪندي، جڏهن ته مارچ ۾ پوري ٿيڻ واري موجوده مالي سال ۾ قومي پيداوار جي واڌ جي شرح 7 في صد متوقع آهي.

ان ڏس ۾ ڀارت جي معيشت درست رستي تي هلي رهي آهي ۽ چيلنجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل جي طرف گامزن آهي.

ناڻي جي وزير نرملا سيتارامن پارليمان ۾ ملڪ جي سالياني بجيٽ پيش ڪندي چيو ته وبا کان متاثر دور کان پوءِ خانگي سيڙپ وڌي رهي آهي.

سيتا رامن چيو ته حڪومت ترقياتي اخراجات کي 33 في صد تائين وڌائي ان کي 122 بلين ڊالرن تائين پهچائيندي.

سڙڪن ۽ ريلوي جهڙن منصوبن ۾ وڏي پيماني تي واڌاري جو مقصد ملڪ ۾ ملازمتون پيدا ڪرڻ آهي جتي بي روزگاريءَ جي شرح وڌيل آهي. ڇو ته ڀارت ۾ هن سال نون رياستن ۾ انتخابات ٿي رهيا آهن ۽ وري ايندڙ سال ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون ان ڪري وزير اعظم نريندر موديءَ تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته بي روزگاريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنئيا وڃن.

مودي 2014 ۾ لکين ملازمتون ڏيڻ جي وعدي تي اقتدار ۾ آيو هو ۽ ڪووڊ جي وبا ختم ٿيڻ کان پوءءِ ڀارت ۾ ترقي جي شرح ۾ تيزي آئي آهي. ناقدين ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ته معيشت جي بحالي ناهمورايءِ جي شڪار آهي ۽ زراعت ۽ ننڍين صنعتن کي هاڻي به سست روي سامهون آهي.

ليڪن اقتصاديات جي ڪجهه ماهرن چيو آهي ته صرف انفرا اسٽرڪچر تي خرچ ڪرڻ سان روزگار ۾ واڌ نه ايندي. اقتصاديات جي ماهر، ارون ڪمار وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته هائي ويز ۽ ريلوي جي پراجيڪٽس جي تعمير هاڻي انتهائي خودڪار عمل آهي جنهن جي ڪري روزگار جا موقعا گهٽ آهن، جديد بنيادي ڍانچي ۾ ملازمتن جا موقعا پيدا نه ٿي رهيا آهن.

سيتا رامن چيو ته حڪومت جو ڌيان ’جامع’ ترقيءَ کي يقيني بنائڻ آهي ۽ هن ڪيترن ئي منصوبن تي وڌيڪ پيسا لڳائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن سان غريب شهرين کي سستا گهر ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ مفت اناج فراهم ڪرڻ شامل آهي.

ڳوٺ سڌار تحريڪ
ڳوٺ سڌار تحريڪ

حڪومت چيو آهي ته اها گهٽ آمدنيءَ وارن شهرين جي لاءِ انڪم ٽيڪس کي گهٽائيندي جنهن جو مقصد ڀارت جي وڏي ۽ وچولي طبقي جي حمايت حاصل ڪرڻ آهي.

ڀارت 2071 تائين ڪاربن نيوٽرل ٿيڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ صاف توانائيءَ جي طرف قدم کڻڻ جي لاءِ 4 ارب ڊالر کان وڌيڪ فراهم ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي.

بهراڙين جي ڀلائيءَ جي پروگرامن تي وڌيڪ رقم خرچ ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ واران اقتصاديات جي ڪجهه ماهرن تشويش ظاهر ڪئي آهي ته حڪومت ٻهراڙيءَ جي ملازمن جي پروگرام تي اخراجات ۾ ڪمي ڪئي آهي جنهن هيٺ ٻهراڙيءَ جي خاندانن کان سال ۾ 100 ڏينهن ڀلائيءَ جي ڪم ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي جنهن کي اهميت جي نگاه سان ڏٺو پيو وڃي.

(آنجنا پسريچا، وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG