رسائی کے لنکس

خالصتان جي حامي امرت پال سنگهه جي ڳولها جاري، ڪيترا ڄڻا حراست ۾ ورتا ويا


امرت پال سنگهه (وچ ۾ بيٺل) 3 مارچ 2023 تي امرتسر جي گولڊن ٽيمپل ۾ . (فائيل فوٽو)
امرت پال سنگهه (وچ ۾ بيٺل) 3 مارچ 2023 تي امرتسر جي گولڊن ٽيمپل ۾ . (فائيل فوٽو)

ڀارت جي رياست پنجاب جي پوليس ٽن ڏينهن کان وٺي خالصتان جي حامي ۽ عليحدگي پسند گروه ’وارث پنجاب دي’ جي اڳواڻ، امرت پال سنگهه جي ڳولها ڪري رهي آهي. ان دوران، سندس 100 کان وڌيڪ مدد ڪندڙن ۽ حامين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ڇنڇر ڏينهن پوليس جالنڌر ضلعي ۾ هڪ گاڏي روڪي ۽ امرت پال کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس جي مطابق، هن ڊرامائي انداز ۾ ڀاڄ کاڌي ۽ غائب ٿي ويو. پوليس کيس ڀاڄوڪڙ قرار ڏنو آهي.

جالنڌر جي پوليس ڪمشنر گورديپ سنگهه مطابق، هيءَ ’چور سپاهيءَ’ جي راند آهي.سندس لفظن ۾، ’’ڪيڏيءَ مهل هو (مفرور) ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. پر اسان ان (امرت پال) کي جلد ئي گرفتار ڪري وٺنداسين’’.

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

انتظاميا رياست جي انٽرنيٽ سروس ۽ ميسيجنگ سروسز معطل ڪري ڇڏيون آهن. رياست ۾ ’هائي الرٽ’ جاري ڪيو ويو آهي. پوليس آچر ڏينهن فيروز پور، ڀٽنڊا، بٽاله، فاضلڪا، هوشيارپور، گورداس پور، موگا ۽ جالنڌر ۾ ’فليگ مارچ’ ڪيو.

پوليس فيبروريءَ ۾ امرت پال سنگهه جي هڪ سهولت ڪار، لو پريت سنگهه کي گرفتار ڪيو هو. کيس رها ڪرڻ جي لاءِ امرت پال ۽ ان جي ساٿين 23 فيبروريءَ تي اجناله ٿاڻي تي حملو ڪيو هو.

امرت پال ۽ پوليس جي وچ ۾ مذاڪرات کان پوءِ پوليس لو پريت کي رها ڪري ڇڏيو هو.

هڪ بيان ۾ پوليس چيو آهي ته ٿاڻي تائين پهچڻ وارن جي هٿن ۾ سک مذهب جو مقدس ڪتاب هيو، جنهن جي احترام ۾ ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي هئي.

ميڊيا رپورٽن جي مطابق، ان کان پوءِ پوليس امرت پال ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.

XS
SM
MD
LG