ڀارت جي هڪ مسافر جهاز ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪئي آهي. ٻن هفتن ۾ هي ٻيو ڀارتي مسافر جهاز آهي جيڪو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو.
ڀارت جي فضائي ڪمپنيءَ، انڊي گو جي جهاز ايئربس 320 آچر ۽ سومر جي رات ڪراچيءَ جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي.
معلوم ٿيو آهي ته جهاز جنهن ۾ 180 مسافر سوار هيا شارجه کان حيدرآباد دڪن وڃي رهيو هو ته پرواز دوران پائليٽ ان ۾ فني خرابي محسوس ڪرڻ تي ڪراچيءَ ۾ هنگامي لينڊنگ جي اجازت گهري.
ڀارتي ذرائع ابلاغ مطابق، انڊي گو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته شارجه کان حيدرآباد دڪن ويندڙ پرواز ۾ فني خرابيءَ کان پوءِ احتياطي تدبير اختيار ڪندي ان جو رخ ڪراچيءَ طرف موڙيو ويو هو. مسافرن جي بحفاظت واپسيءَ لاءِ هڪ جهاز موڪليو پيو وڃي.
ٻن هفتن دوران ڀارتي ايئرلائن جو هي ٻيو جهاز هو جنهن جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي آهي.
ان کان اڳ اسپائس جيٽ جي جهاز هلندر مهيني جي آغاز ۾ دهليءَ مان دبئي ويندي، هنگامي صورت حال جي باعث ڪراچيءَ جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي هئي.
مسافرن کي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ ڀارت مان پهچڻ واري متبادل جهاز ذريعي ڪراچيءَ کان دبئيءَ روانو ڪيو ويو هو. بعد ۾ خراب ٿيڻ واري جهاز جي فني خرابي دور ٿيڻ کان پوءِ ان کي ڀارت واپس روانو ڪيو ويو.