رسائی کے لنکس

آمريڪا جون وچ مدتي چونڊون، ووٽرن ڪهڙن مسئلن کي اهميت ڏني؟


عام رائي جي مختلف جائزن مطابق، آمريڪا جي وچ مدتي انتخابات ۾ ووٽرن جي لاءِ اسقاط حمل جو حق ۽ مهانگائي اهم ترين مسئلن ۾ سرفهرست رهيا.

عوامي رجحانن تي تحقيق ڪرڻ واري اداري، ’ايڊيسن رسرچ’ جي رپورٽ مطابق، انهن ’اشوز’ کان سواءِ ڏوهن جي وڌندڙ شرح ۽ هٿيارن جي متعلق قانون سازيءَ جهڙا موضوع به ووٽرن جي ڌيان تي ڇايا رهيا.

آمريڪا ۾ ٿيڻ واريون مڊٽرم چونڊون جو فيصلو قانون سازي ڪرڻ وارن ٻنهين ايوانن ۾ ڪنهن به جماعت کي برتريءَ جي لاءِ فيصله ڪن ثابت ٿيندي. چونڊن ۾ سمورين رياستن منجهان ايوان نمائندگان جي لاءِ 435 ميمبرن جو انتخاب ٿيڻو آهي. اهڙيءَ طرح سينيٽرن جو ٽيون حصو به منتخب ٿيڻو آهي.

آمريڪا جي صدر جو بائيڊن جو تعلق ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ سان آهي ۽ ان پارٽيءَ کي ايوان نمائندگان ۾ ري پبلڪنز تي معمولي برتري حاصل آهي، جڏهن ته 100 ميمبرن جي سينيٽ ۾ ريپبلڪنز ۽ ڊيموڪريٽس جو تعداد برابر آهي. ليڪن سينيٽ جي صدارت ڊيموڪريٽ نائب صدر ڪاملا هيرس وٽ آهي، ان ڪري ’ٽائي’ جي صورت ۾ هوءَ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري سگهن ٿيون.

قانون ساز ايوان ۾ ڪنهن جماعت جي برتري آمريڪا ۾ قانون سازيءَ جو رخ متعين ڪندي آهي. آمريڪا ۾ زير بحث ’اشوز’ تي ملڪ جي ٻنهين وڏين جماعتن جو موقف ۽ پاليسي مختلف آهي، ان ڪري انتخابي نتيجا ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ قانون سازيءَ ۽ اقدامات متعلق تمام گهڻي اهميت رکن ٿا.

اهم ترين مسئلا ڪهڙا آهن؟

خبرن جي اداري، رائيٽرز مطابق ووٽرن جي رائي جي متعلق سامهون ايندڙ مختلف سروي رپورٽن ۾ انهن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن کي ووٽر رائي ڏيندي وڌيڪ اهميت جي قابل سمجهن ٿا.

سروي رپورٽن مطابق، 10 منجهان ڇهه رائي ڏيندڙ ’رو بنام ويڊ’ ڪيس ۾ آمريڪا جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ’عدم اطمينان يا ڪاوڙ’ جو اظهار ڪيو آهي. انهيءَ ئي تناسب سان ووٽرن جي رائي آهي ته اسقاط حمل کي قانوني حق مڃيو وڃي.

هلندڙ سال جون ۾ آمريڪا جي سپريم ڪورٽ اسقاط حمل جي حق متعلق 1973 ۾ ڏنل پنهنجي ئي فيصلي کي غلط قرار ڏنو هو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ اسقاط حمل جي متعلق مشهور’رو ۽ ويڊ’ فيصلي ۾ ٻار ڪيرائڻ جي حق کي قانوني عمل قرار ڏنو هو.

ليڪن اعلي عدالت ان حق کي هاڻي ختم ڪري چڪي آهي جنهن جي ڪري هاڻي مختلف رساستون انفرادي سطح تي اسقاط حمل جي طريقه ڪار تي پابنديءَ جي لاءِ قانون سازي ڪري سگهن ٿيون. ان فيصلي کان پوءِ مڊ ٽرم چونڊن ۾ اسقاط حمل جي حق متعلق قانون سازي اهم انتخابي موضوع آهي.

معيشت، ڏوهه ۽ گن پاليسي

سروي رپورٽن مطابق هر 10 منجهان ٽن ووٽرن جي لاءِ مهانگائي اهم ترين انتخابي’اشو’ هيو. اهڙيءَ ريت 10 منجهان 8 ووٽرن جي رائي هئي ته معاشي حالتون ’تمام سٺيون ناهن يا تمام خراب آهن’. ان جي مقابلي ۾ 10 منجهان ٻن ووٽرن معاشي حالتن کي ’سٺو يا بهترين’ قرار ڏنو.

اهڙيءَ ريت 10 منجهان ڇهن ووٽرن چيو ته تيل جي وڌندڙ اگهن کين جي لاءِ معاشي مسئلا کڙا ڪيا آهن. هر 10 منجهان 5 رائي ڏيڻ وارن جو چوڻ هو ته سندن معاشي حالتون هڪ سال دوران بدترين ٿيون آهن. ٽن جي رائي هئي ته ان ۾ ڪا تبديلي ڪانه آئي آهي ۽ هر 10 مان ٻن ووٽرن چيو ته سندن معاشي حالتون بهتر ٿيون آهن.

سروي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڏوهن جي وڌندڙ شرح، اميگريشن متعلق پاليسي ۽ هٿيارين جي باري ۾ قانون جي اشوز تي 10 منجهان هڪ ووٽر انهن کي اهم خيال ڪيو.

سياست ۽ جمهوريت

اگرچه آمريڪا ۾ صدر سميت ڪيترن ئي اهم عهدن جي عوامي راءِ ذريعي چونڊ ٿيندي آهي، ان کي دنيا جي مضبوط ترين جمهوريتن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ليڪن گزريل ڪجهه سالن کان وٺي سياسي ڇڪتاڻ آمريڪين ۾ جمهوريت جي مستقبل جي باري ۾ خدشات پيدا ڪيا آهن.

هنن وچين مدت جي چونڊن ۾ هر ڏهن منجهان ستن ووٽرن جو خيال هو ته آمريڪا ۾ جمهوريت خطري ۾ آهي.

رائيٽرز جي سروي رپورٽن مطابق، هر 10 مان 7 ووٽرن اها رائي ظاهر ڪئي ته اهي صدر بائيڊن کي ٻي مدت جي لاءِ صدر نه ٿا ڏسڻ چاهن. 10 منجهان ڇهن ووٽرن جي رائي ۾ اڳوڻو صدر ٽرمپ صادرت جي لاءِ ناموافق آهي ۽ هر 10 منجهان ڇهن سندس حمايت ڪئي.

عام جائزه رپورٽن مطابق، اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ووٽرن جي اڌ تعداد صدر بائيڊن جي پاران شاگردن جي قرضن جي معافيءَ جي پروگرام جي حمايت ڪئي جڏهن ته لڳ ڀڳ اڌ ووٽرن ان تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو.

آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. ان کان پوءِ نتيجن منجهان ئي اصل اندازو ٿيندو ته هن ڀيري آمريڪا جي مڊٽرم انتخابات ۾ ڪهڙا ’اشوز’ فيصله ڪن ثابت ٿيا.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG