رسائی کے لنکس

ڀارتي فلمن سان ٽڪر وٺڻ جي چڪر ۾ پنهنجيون ڪهاڻيون نه ٿا ٻڌايون، عثمان پيرزاده


عثمان پيرزاده
عثمان پيرزاده

پاڪستاني فلم، ٽيلي ويزن ۽ ٿيٽر انڊسٽري جي مڃيل اداڪار، عثمان پيرزادي چيو آهي ته ٽيڪنيڪي اعتبار سان پاڪستاني سنيما ترقي ڪري رهي آهي، ليڪن ڀارتي فلمن سان مقابلي جي ڪوشش ۾ اسان پنهنجيون ڪهاڻيون پيش نه ٿا ڪيون.

عثمان پيرزادواڄ ڪلهه آمريڪا ۾ آهي جتي هو پنهنجي ڪٽمب سان گڏ وقت گزاري رهيو آهي ۽ تارڪين وطن جي موضوع تي هڪ فلم تي به ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ڀاءُ عمران پيرزادو ساٿ ڏئي رهيو آهي. ثاقب الاسلام سندس انٽرويو ورتو.

پنهنجن ويجهن دوستن ۾ هيرو جي نالي سان ڄاتل سڄاتل، عثمان پيرزادي کي ننڍپڻ ۾ گگو چوندا هيا. اداڪار پنهنجي پيءُ، رفيع پيرزادي ۽ وڏي ڀاءُ سلمان پيرزادي کان متاثر ٿي ٿيٽر مان پنهنجي فني سفر جو آغاز ڪيو جنهن کان پوءِ لکڻ سان گڏ فلم جي پردي پويان هدايت ڪاري ۽ پراڊڪشن به ڪئي.

عثمان پيرزادي وائس آف آمريڪا سان خصوصو گفتگوءَ دوران ٻڌايو ته ذاتي طور تي کيس هدايت ڪاري سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. سندس بقول، ٿيٽر اداڪار جو ميدان آهي جڏهن ته فلم هدايت ڪار جو. ٿيٽر ۾ اداڪار پنهنجي فن کان خوبصورتي حاصل ڪندو آهي، جڏهن ته فلم جي پردي تي هدايت ڪار جو تصور ئي جهلڪندو آهي.

سنه 1976 ۾ هدايت ڪار جاويد جبار جي تخليق ۽ پاڪستان جي پهرين انگريزي فلم بيانڊ دي لاسٽ مائونٽين کان اداڪاريءَ جو آغاز ڪندي، عثمان پيرزادي هڪ کان پوءِ ٻي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو. بعد ۾ سن 1979 ۾ فلمي دنيا کان هٽي ويو ۽ صرف ٿيٽر ڪرڻ لڳو.

سندس چوڻ آهي ته هو ان وقت ٺهڻ وارين فلمن کان ٿڪجي چڪوهو. هيءُ اهو وقت هو جڏهن پاڪستان ۾ پنجابي فلمي صنعت اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي صرف پنجابي فلمون پاڪستاني سنيما گهرن تي راڄ ڪرڻ لڳيون.

عثمان پيرزادي چيو ته پنجابي فلمن تشدد ۽ هيجان انگيزيءَ کي وڌايو جنهن ڳالهه کي ڏسندي هو فلمن کان پري ٿي ويو. ليڪن 1986 ۾ هن هدايت ڪاري جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ نزديڪيان ٺاهي. هي فلم ان دور ۾ بالڪل مختلف موضوع تي ٺهڻ وارين ڪجهه فلمن منجهان هڪ هئي، جنهن نه صرف باڪس آفس تي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ڪئين ايوارڊ به کٽيا.

گوري ديان جهانجهران جهڙي فلم به ٺاهي جنهن ۾ مارڌاڙ کان هٽي هڪ خاص گهريلو ڪهاڻي ڏيکاري وئي ۽ شائقين ان کي خوب پسند ڪيو. اداڪار مطابق، هن پاڻ به پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس چوڻ موجب پنجابي ڪلچر ۾ گهڻيون ڪهاڻيون، روايتون، فوڪ موسيقي ۽ صوفيائي ڪرام جو پنهنجو ڪلام آهي جن تي بهترين فلمون ٺهي سگهن ٿيون. پر افسوس ته اسان انهن کي اهميت ناهي ڏني.

پاڪستاني فلمن متعلق گفتگو ڪندي عثمان پيرزادي چيو ته فلم ڪمرشيل ميڊيم آهي جنهن ۾ توهان کي نه صرف ڪيترن ماڻهن سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو، بلڪه وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجو ڪم ڏيکارڻو آهي.

پاڪستاني فملن ۾ گهڻن فنڪارن جو ڪم تعريف جوڳو ناهي

عثمان پيرزادي مطابق، پاڪستان ۾اڄ ڪلهه جي فلمون ٺهن پيون انهن ۾ ڪجهه ماڻهو ته سٺو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، ليڪن گهڻو ڪم تعريف جوڳو ڪونهي. ٽيڪنيڪي اعتبار سان پاڪستاني سنيما ترقي ڪري رهي آهي، ليڪن اسان ڀارتي فلمن سان ٽڪر وٺڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجون ڪهاڻيون نه ٿا ٻڌايون.

سندس بقول، جڏهن هو سينسر بورڊ ۾ هيو ته کيس اهڙيون فلمون ڏسي افسوس ٿيندو هو جن جو ڪو منهن پير ڪون هوندو هو. ڪافي ٻار ٻاهر کان به پڙهي ايندا آهن، کين وٽ پيسا به آهن ليڪن اڳتي وئڻ جي ڪا راه ڪا تڙپ ڪانهي.

عثمان پيرزادي وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ سياست جو عمل دخل تمام گهڻو آهي ۽ مختلف دورن ۾ فلمن تي پابنديون لڳنديون رهيون آهن، جنهن جي ڪري تخليقي تسلسل ٽٽي پوندو آهي. هن ضيا الحق جي دور جو مثال ڏيندي چيو ته ان جي وقت ۾ سينسر جون گهڻيون پابنديون لڳيون جنهن سبب سنيما پٺتي پئجي وئي.

سندس بقول، پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري ان ڪري سٺو ڪم ڪندي رهي آهي ڇو ته اها حڪومت جي نگرانيءَ ۾ رهي آهي ۽ صرف هڪ چينل پاڪستان ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ هو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيا لکيا ۽ ريڊيو جو تجربو رکندڙ ماڻهو موجود هيا. اهو ئي سبب هو جو ٽي وي ڊراما بهترين پراڊڪٽ پيش ڪندو رهيو.

اداڪار عثمان پيرزادو 2003 ۾ پنهنجي گهر واري، ثمينه پيرزاده جي فلم شرارت ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ فلمن کان دور آهي ۽ ٽيلي ويزن جي ڊرامن ۾ ئي ڪم ڪري رهيو آهي.

XS
SM
MD
LG