ايران، آمريڪا ۽ يورپي يونين خميص ڏينهن ويانا ۾ ايران جي جوهري معاهدي جي باري ۾ بالواسطه مذاڪرات ٻيهر شروع ڪيا، جيڪي مهيني کن تائين جاري رهندا، اهڙي وقت جڏهن بين الاقوامي معائنه ڪارن رپورٽ ڏني آهي ته اسلامي جمهوريه يورينيم جي افزودگي وڌائي ڇڏي آهي.
اربع ڏينهن اوچتو ٿيڻ واري هڪ اعلان ۾ ٻڌايو ويو هو ته ويانا ۾ مذاڪرات ٿيڻ وارا آهن، جنهن اعلان مان ائين لڳو ته سمورن متعلقه ملڪن جي اعلي سطحي نمائندگي درڪار ڪونهي، جيڪي عالمي طاقتن سان 2015 ۾ ٿيڻ واري ان سمجهوتي ۾ شريڪ هيا.
مذاڪرات جو چئوٻول اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن مغربي عمل دار معاهدي جي مستقبل جي باري ۾ شڪ ۽ شبهن جو اظهار ڪري چڪا آهن، ان صورت ۾ جيڪڏهن سمجهوتو بحال ٿئي ٿو.
يورپي يونين جي چوٽيءَ جي سفارت ڪار خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن وڌيڪ اهم رعايت ڏيڻ جو وقت گزري چڪو آهي.
ايراني ذرائع ابلاغ مطابق، ايران جي اعلي مذاڪرات ڪار، علي باقري ڪانيءَ يورپي يونين جي مصالحت ڪار، اينرڪ مورا سان ملاقات ڪئي آهي. ٻين مذاڪرات وانگر، آمريڪا ايران سان سڌو سنئون ڳالهه ٻولهه نه ڪندو. ان جي برعڪس، ٻئي ڌريون مورا جي معرفت ڳالهائينديون.
آمريڪا جي خصوصي نمائندي، روب مالي به موجود آهي جنهن اربع ڏينهن ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته اسان کي گهڻيون توقعات ڪونهن.
خميص ڏينهن مورا روسي سفير، ميخائيل ولينوف سان به ملاقات ڪئي جيڪو مذاڪرات ۾ روس جي مفادن جي نمائندگي ڪندو رهيو آهي. ولينوف باقري ڪانيءَ سان الڳ ملاقات ڪئي آهي.
ولينوف هڪ ٽوئٽر پوسٽ ۾ چيو آهي ته اسان هميشه وانگر طريقه ڪار ۽ ذريعن متعلق خيالن جي کليءَ عملي طرح ۽ تعميري انداز ۾ ڏيوٺ ڪئي، ته جيئن درپيش مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي.
ٻئي پاسي، خميص ڏينهن جوهري توانائي جي بين الاقوامي اداري (آئي اي اي اي) ۾اقوام متحده جي معائنه ڪارن چيو آهي ته انهن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ايران پنهنجي نتانز واري زير زمين تنصيب تي لڳل آئي آر ون ڪيسڪيڊز ۾ يورينيم گيس پهچائي آهي. هي ڪيسڪيڊز يورينيم کي 5 في صد تائين افزودا ڪندا.
جوهري توانائي جي بين الاقوامي اداري جي معائنه ڪارن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته ساڳيءَ ئي تنصيب ۾ايران آئي آر 6 قسم جا ڪيسڪيڊز لڳائڻ مڪمل ڪري چڪو آهي، جن منجهان هر هڪ ۾ 176 تائين سينٽري فيوجز موجود آهن. اداري چيو آهي ته انهن ڪيسڪيڊز ۾ اڃان يورينيم ڀرڻ باقي آهي. معائنه ڪارن چيو آهي ته ايران اداري کي ٻڌايو آهي ته هو نتانز ۾ نئون آپريٽنگ يونٽ لڳائڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن ۾ وڌيڪ ڇهه آئي آر 2 ايم ڪيسڪيڊز هوندا.
(خبر ۾ شامل مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)