رسائی کے لنکس

خاتون جي هلاڪت تي احتجاجي مظاهرا، ايراني پوليس پاران ڳوڙها آور گيس ۽ تيز ڌار پاڻيءَ جو استعمال


هڪ شخص تهران ۾ اخباري اسٽال تي ’گشت ارشاد’ پوليس متعلق شائع خبر پڙهي رهيو آهي. 18 سيپٽمبر 2022
هڪ شخص تهران ۾ اخباري اسٽال تي ’گشت ارشاد’ پوليس متعلق شائع خبر پڙهي رهيو آهي. 18 سيپٽمبر 2022

ڪردستان جي اولهندي صوبي جي گاديءَ واري هنڌ سنندج ۾ آچر ڏينهن لڳاتار ٻيءَ رات 22 ورهن جي ڇوڪريءَ، مهسا امينيءَ جي هلاڪت تي احتجاجي مظاهرا جاري رهيا. هن تي ملڪ جي حجاب جي قانون جي خلاف ورزيءَ جو الزام هو ۽ هن جو 16 سيپٽمبر تي پوليس جي حراست دوران انتقال ٿي ويو هو.

آن لائين پوسٽ ڪيل شوقيه وڊيوز ۾ احتجاج ڪندڙ عورتن جي هڪ گروه کي ڏيکاريو ويو آهي جيڪو مرگ بر مطلق العنان جا نعرا لڳائي رهيو آهي، جيڪو بظاهر سپريم ليڊر، آيت الله علي خامنه ايءَ طرف اشارو خيال ڪيو پيو وڃي.

اطلاعن مطابق، سنندج ۾ احتجاج ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ نون ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن احتجاج کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس ڳوڙها آور گيس ۽ تيز ڌار پاڻيءَ جو استعمال ڪيو.

ان احتجاج کان ٽي ڏينهن اڳ 16 سيپٽمبر تي ڊاڪٽرن امينيءُ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي. بي هوشيءَ جي حالت ۾ کيس اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو.

سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس تي شائع ٿيندڙ رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اميني تهران ۾ پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاءِ ايران جي اولهندي پاسي واقع ڪردستان صوبي مان پهتي هئي، جڏهن 13 سيپٽمبر تي اخلاقيات جي پوليس (گشت ارشاد) کيس گرفتار ڪيو.

مهسا امينيءَ جي پوليس جي تحويل دوران هلاڪت، سوشل ميڊيا تي شائع ڪيل وڊيو مان هڪ تصوير
مهسا امينيءَ جي پوليس جي تحويل دوران هلاڪت، سوشل ميڊيا تي شائع ڪيل وڊيو مان هڪ تصوير

سندس گرفتاريءَ جي عيني شاهدن صحافين کي ٻڌايو ته ائين پيو لڳي ته جڏهن امينيءَ کي پوليس گاڏيءَ ۾ وهاري حراستي مرڪز نيون پئي ويو ته رستي ۾ کيس سخت مار ڪٽ ڪئي وئي آهي.

إيراني پوليس سومر ڏينهن ٻڌايو آهي ته امينيءَ جو موت هڪ بدقسمت واقعو آهي، جنهن کي هو ورجائڻ نه ٿا گهرن.

داخلي معاملن جي وزير، احمد وحيديءَ دعوا ڪئي آهي ته اميني پهريان ئي بيمار هئي ۽ حجاب پوليس وٽ زير حراست قيدين کي مارڻ جا هٿيار نه هوندا آهن.

ليڪن، عهديدارن جي ڌمڪين جي پرواه نه ڪندي امينيءَ جي موت تي احتجاج ڪرڻ لاءِ ڪردستان، اولهه آذربائيجان ۽ البروز صوبن جي شهرن ۾ ڪاروباري ادارن ۽ دڪاندارن هڙتال ڪئي ۽ پنهنجا دڪان بند رکيا.

بدنام زمانه ’گشت ارشاد’ پوليس، جنهن کي عام زبان ۾ اخلاقيات يا حجاب پوليس چيو ويندو آهي، ايران ۾ رفته رفته متحرڪ ۽ شدت اختيار ڪري چڪا آهن. سوشل ميڊيا تي وڊيوز جاري ٿيون آهن جن ۾ پوليس وارا عورتن کي حراست ۾ وٺي رهيا آهن، کين زوريءَ گاڏين ۾ وهاري رهيا آهن ۽ کين کڻي وڃي رهيا آهن.

مسلمان عورتون پنهنجو مٿو ڍڪڻ لاءِ حجاب پائينديون آهن، جنهن روايت کي 1979 جي إسلامي انقلاب کان پوءِ نون سالن کان مٿي عمر واري ٻارڙيءَ کان وٺي وڏيءَ عمر تائين وارين عورتن کي حجاب پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

ڪيترين ئي سالن کان گهڻن ئي ايراني عورتن ان جي خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ ان جي پابنديءَ جون مقرر ڪيل حدون ٽپي ويون آهن، جن کي سرڪاري عهديدار ناجائز قرار ڏين ٿا.

XS
SM
MD
LG