اهڙي وقت جڏهن مذاڪرات تعطل جو شڪار آهن، سومر جي ڏينهن ايران چيو آهي ته کيس عالمي طاقتن سان ڪيل 2015 جي جوهري معاهدي جي بحاليءَ جي لاءِ ڪنهن جلدبازيءَ جي ضرورت ڪانهي.
هفتي وار اخباري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزارت خارجه جي ترجمان، نصير ڪاناني معاهدي ۾ مغربي ملڪن ڏانهن اشارو ڪندي، چيو ته هو مطالبو ڪري رهيا آهن ته ايران جلديءَ ۾ فيصلو ڪري، اهو چوندي ته وقت گهٽ رهجي ويو آهي ۽ ايران کي جلدي ڪرڻ گهرجي.
ڪانانيءَ چيو ته جلدبازيءَ جي چڪر ۾، ايران پنهنجي ملڪ جي بنيادي مفادن کي قربان نه ٿو ڪري سگهي.
بقول سندس، معاملي کي نفسياتي دٻاوءَ ۽ يڪطرفه توقعات جي سهاري تي نه هلائڻ گهرجي. ليڪن، ڪارنانيءَ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا تعميري ۽ مثبت انداز اپنائي ته سمجهوتو پري ڪونهي.
سال 2015 جي سمجهوتي تحت ايران کي سندس ايٽمي پروگرام تي پابندين جي عوض لڳل تعزيرات ۾ نرمي ڏني وئي هئي. ايران يقين ڏياريو هو ته جوهري هٿيار ٺاهڻ جو سندس ڪو ارادو ڪونهي، جنهن الزام جي ايران هميشه ترديد ڪندو آيو آهي. ليڪن سال 2018 ۾ ان وقت جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سربراهيءَ ۾ آمريڪا هڪ طرفو معاهدي منجهان نڪري ويو هو، جنهن کان پوءَ آمريڪا ايران خلاف سخت معاشي پابنديون عائد ڪيون هيون، جنهن کان پوءِ ايران پنهنجي وعدي تان تجاوز ڪرڻ لڳو.
سمجهوتي کي بحال ڪرڻ جي غرض سان اپريل 2021 ۾ ويانا ۾ ٻيهر شروع ٿيندڙ مذاڪرات مارچ کان وٺي تعطل جو شڪار آهن، جنهن جو سبب ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف رائي آهي.
ٻنهين ڌرين يورپي يونين جي رابطه ڪار جي معرفت اڻ سڌيءَ طرح مذاڪرات ڪيا.
گزريل مهيني قطر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ بالواسطه ڳالهه ٻولهه جي ميزباني ڪئي هئي ته جيئن ويانا عمل رستي تي اچي وڃي، ليڪن ڪنهن پيش رفت کان بنا ٻن ڏينهن ۾ مذاڪرات ختم ٿي ويا.
گزريل خميص ڏينهن آمريڪي محڪمه خارجه جي ترجمان، نيڊ پرائس چيو ته ائين ٿو لڳي ته ايران سياسي فيصلو يا فيصلا نه ڪري سگهيو آهي، يا مان ائين چوان ته معاهدي جي سلسلي ۾ عمل درآمد تي ٻنهين جي رضامندي سان اکتي وڌڻ جي ضرورت آهي.
اقوام متحده ۾ فرانس جي ايلچي، نڪولس ڊي رويري جون ۾ ايران کان مطالبو ڪيو هو ته ايران کي وقت ضائع ڪرڻ کان سواءِ ڏنل پيش ڪش مان فائدو وٺڻ کپي.
فرانس جي صدر امانوئيل مڪخوان ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ايراني هم منصب، ابراهيم رئيسي کي چيو ته تاريخ ساز معاهدي جي بحالي اڃان به ممڪن آهي، ليڪن انهيءَ کي جلد از جلد ٿيڻ گهرجي.
مڪخوان جو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن برطانيه جي جاسوسيءَ جي اداري جي اڳواڻ ان ڳالهه تي شڪ جو اظهار ڪيو آهي آيا معاهدو بحال ٿي سگهي ٿو. ايران جي سپريم ليڊر ۽ فيصلي جي طاقت رکندڙ، آيت الله علي خامنه اي ان جي خلاف آهي.
ايم 16 جي سربراه، رچرڊ مور گزريل هفتي چيو هو ته مان نه ٿو سمجهان ته سپريم ليڊر معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو. إيراني مذاڪرات ختم ڪرڻ جي به حق ۾ ناهن ته جيئن هو ان معاملي کي اڃان وڌيڪ لٽڪائي رکي.
(خبر جو مواد ايجنسي فرانس پريس تان ورتو ويو آهي)