رسائی کے لنکس

ايراني عورتن جي حقن جي ڪارڪن علي نجاد ’ٽائمز وومين آف دي ييئر’ ۾ شامل


مسيح علي نجاد (فائيل فوٽو)
مسيح علي نجاد (فائيل فوٽو)

ٽائمز ميگزين خميص ڏينهن ايراني انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وائس آف آمريڪا جي ميزبان، مسيح علي نجاد کي پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي رسالي جي پاران سال جي بهترين 12 خواتين ۾ شمار ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ ’ٽائيم ميگزين’ چيو آهي انهن عورتن جو تعلق سموري دنيا سان آهي ۽ هنن پنهنجي پنهنجي ڪميونٽين ۽ شعبن تي نمايان اثر وڌو آهي.

ٽائيم ميگزين جي اگزيڪٽو ايڊيٽر، نينا باجيڪل ۽ سينئر ايڊيٽر لوسي فيلڊمين چيو ته اها فهرست انهن اڳواڻ عورتن کي سامهون آڻي ٿي جيڪي مساوات جي بنياد تي دنيا جو نظام قائم ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ پنهنجو آواز اٿاري رهيون آهن.

علي نجاد 2009 کان آمريڪا ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گزاري رهي آهي. ٽائيم ميگزين لکيو آهي ته هوءَ ايران ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي حمايت ڪندي آهي. اهي مظاهرا گزريل سال سيپٽمبر ۾ 22 ورهن جي ڪرد نجاد خاتون جي پوليس جي حراست ۾ مارجي وڃڻ خلاف شروع ٿيا هيا.

پوليس ان کي پنهنجي ڀاءُ سان تهران ايندي اهو الزام لڳائي گرفتار ڪيو هو ته هن عورتن جي لباس متعلق سرڪاري ضابطن جي مطابق پنهنجي مٿي کي حجاب سان نه ڍڪيو هو.

ايران ۾ ملڪ گير سطح تي ٿيڻ وارن انهن مظاهرن جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته 1979 ۾ ايراني انقلاب کان پوءِ اهو احتجاج آيتا لله علي خامنه ايءَ جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت جي لاءِ وڏو خطرو آهي.

علي نجاد ايراني حڪومت جي اندر ٿيڻ واري انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ بدعنوانين کي وائکو ڪيو ۽ عورتن جي لاءِ حجاب کي لازمي قرار ڏيڻ وارن ايراني قانونن جي خلاف سوشل ميڊيا تي لکت ۾ نمائندگي ڪندي رهي آهي.

سندس نالي جي ڪري کيس اغوا ڪرڻ ۽ زبردستي ايران واپس وٺي وڃڻ جي سازش جو نشانو بنائڻ ۽ سندس سر کڻڻ جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي جن جو تعلق ايراني حڪومت سان هيو.

سال 2021 ۾ انصاف واري آمريڪي محڪمي علي نجاد جي اغوا جي سازش جو الزام چئن ايراني شهرين تي مڙهيو هو، جن جو مبينه طور تي تعلق ايراني انٽيلي جينس جا ايجنٽ هيا. آگسٽ 2022 ۾ ايف بي آئيءَ اسالٽ رائيفل سان ليس هڪ شخص کي گرفتار ڪيو جيڪو ٻن ڏينهن کان علي نجاد جي گهر جي ٻاهران لڪل هو ۽ جنهن هڪ موقعي تي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

علي نجاد وي او اي کي ٻڌايو ته کيس لڳ ڀڳ روزانو جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ملنديون آهن، ڇو ته هن عورتن کي هڪ پليٽ فارم ڏنو آهي ۽ هوءَ صرف اهو ٿي گهري ته هوءَ 21 صديءَ جي زندگي گزاري سگهي.

هن چيو ته ’’مان رڳو پنهنجو ڪم ڪندي آهيان. اسلامي جمهوريا جي نظر ۾ منهنجو صحافي هجڻ هڪ جرم آهي’’.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG