رسائی کے لنکس

مڇريل انبوه آيت الله خمينيءَ جي اباڻي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي


’يو جي سي’ وڊيو تان ورتل تصوير جيڪا 17 نومبر 2022 تي شائع ٿي. اطلاعن مطابق، ايراني مظاهرين خمين شهر ۾ اسلامي جمهوريه جي باني، آيت الله روح الله خمينيءَ جي اباڻي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو هو.
’يو جي سي’ وڊيو تان ورتل تصوير جيڪا 17 نومبر 2022 تي شائع ٿي. اطلاعن مطابق، ايراني مظاهرين خمين شهر ۾ اسلامي جمهوريه جي باني، آيت الله روح الله خمينيءَ جي اباڻي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو هو.

جمعي ڏينهن سوشل ميڊيا تي ڇپيل رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران جي اولهندي علائقي ۾ ٿيندڙ مظاهرن دوران هڪ مڇريل انبوه اسلامي جمهوريه جي باني آيت الله روح الله خمينيءَ جي اباڻي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.

ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شائع ٿي آهي جنهن ۾ خميص جي رات ملڪ جي اولهندي علائقي ۾ واقع صوبي، ’مرڪزي’ جي ’خمين’ جي قصبي ۾ مظاهرو ڪندڙن جي هڪ ميڙ ان گهر کي باهه لڳائي جتي مرحوم آيت الله پيدا ٿيو هو.

سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪندڙ نيم سرڪاري خبرن جي اداري،’تسنيم’ جيڪو پاسداران انقلاب اسلامي سان تعلق رکي ٿو، انهن رپورٽن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهو گهر، جنهن کي عجائب گهر ۾ تبديل ڪيو ويو هو، اڄ به کليل آهي.

رائيٽرز ۽ فرانس جي نيوز ايجنسي، اي ايف پي ان وڊيو جي تصديق ڪئي آهي، حالانڪه اهي اها تاريخ طئي نه ڪري سگهيا آهن ته اها وڊيو ڪڏهن ورتي وئي. اها ڳالهه به واضح ڪونهي ته باهه جي ڪري گهر کي ڪيترو نقصان پهتو آهي.

پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي، صحافي ۽ مصنف ڊيوڊ پيتري ڪاراڪوس، جنهن ايران جي جوهري مقصدن جي باري ۾ ڪتاب لکيو آهي، ان ڏيک جي تصويرن کي ’ري ٽوئيٽ’ ڪندي چيو آهي ته باهه ڏيڻ ’’حملي’’ جي برابر ۽ جمهوريه جي ست کي چيلنج ڪرڻ جي مترادف آهي.

هي گهر ان جاءِ تي قائم آهي جتي آيت الله روح الله خميني پيدا ٿيو هو. سندس خانداني نالو ’خمين’ جي شهر جي پٺيان رکيو ويو. ستر جي ڏهاڪي ۾، هو پيرس ۾ جلاوطن هو، جتي مذهبي رهمنا جي حيثيت ۾ هو ان وقت جي ايراني رهنما محمد رضا پهلويءَ جو شديد ناقد هيو، جنهن کي آمريڪا جي حمايت حاصل هئي.

سال 1979 ۾ خميني ملڪ واپس آيو جتي هن اسلامي انقلاب جي اڳواڻي ڪئي.

هن وقت سڄي ايران ۾ جاري احتجاج 16 سيپٽمبر تي پوليس جي تحويل ۾ 22 ورهن جي عورت مهسا امينيءَ جي موت جي معاملي تي شروع ٿيو.ايران جي اخلاقيات جي پوليس ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ امينيءَ کي گرفتار ڪيو هو جنهن تي الزام هيو ته هن حجاب جي پابندي نه ڪئي هئي ۽ پنهنجي مٿي کي مناسب طريقي سان نه ڍڪيو هو.

ايران جي اسلام پسند حڪمرانن گهڻي عرصي کان عورتن کي پابند ڪيو آهي ته اهي لباس جي سخت پابندي ڪن ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت وارن کي چڱيءَ طرح ڍڪن.

امينيءَ جي موت کان پوءِ احتجاجي تحريڪ تيزيءَ سان ڀڙڪو کاڌو جنهن ۾ آزاديءَ جي حق ۾۽ حڪمرانن جي تبديليءَ جا مطالبا شروع ٿيا. انهن احتجاجي مظاهرن دوران خمينيءَ سان واسطو رکندڙ تصويرن ۽ نشانن کي تباه ڪيو ويو يا انهن کي نقصان پهچايو ويو آهي.

(هن رپورٽ ۾ شامل ڪجهه مواد رائيٽرز ۽ ايجنسي فرانس پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG