گزريل سال عراق جي تيل جي ڪمائي 115 ارب ڊالرن کان وڌي وئي. وبائي مرض ڪرونا وائرس جي دوران اگهه ڪرڻ جي ڪري تيل جي آمدنيءَ ۾ گهڻي گهٽتائيءَ کان پوءِ گزريل چئن سالن دوران تيل جي آمدنيءَ جي اها چوٽ تي چڙهيل سطح آهي.
ملڪ جي تيل جي وزارت جي طرفان اڱاري ڏينهن ابتدائي انگ اکر جاري ڪيا ويا. اهو اعلان ڪندي، وزير حيان عبدالغنيءَ هڪ بيان ۾ چيو ته سال 2022 ۾ خام تيل جي برآمد مان ڪل آمدني 115 بلين ڊالرن کان مٿي ٿي.
بيان مطابق، پوئين سال عراق 1.2بلين بيرل کان وڌيڪ تيل برآمد ڪيو، جيڪو اوسطا 3.3ملين بيرل روزانو آهي.
عراق جي حڪومت کي حاصل ٿيندڙ انهن محصولن ۾ تيل جي پيداوار جو حصو تقريبا 90 في صد آهي. پيٽروليم برآمد ڪرڻ وارن ملڪن جي تنظيم، اوپيڪ ۾ شامل عراق، تيل پيدا ڪرڻ وارو ٻيو سڀ کان وڏو ملڪ آهي.
فيبروري 2022 ۾ يوڪرين تي روس جي حملي کان پوءِ تيل جي قيمتن ۾ تمام گهڻي واڌ آئي آهي جنهن جي ڪري اوپيڪ سان ڳنڍيل ملڪن کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي پنهنجي تيل جي پيداوار ۾ اضافو ڪن، ليڪن ميمبر ملڪن جي پاران انڪار ڪيو ويو.
آڪٽوبر ۾ تيل پيدا ڪندڙ ان گروپ عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمت جي سطح کي برقرار رکڻ جي لاءِ پيداواري ڪوٽا ۾ ٻه ملين بيرل روزانه جي ڪميءَ جو فيصلو ڪيو هو.
عراق پنهنجي رياستي خرچ جي لاءِ گهڻي ڀاڱي تيل جي آمدنيءَ تي مڪمل انحصار ڪندو آهي، ان ڪري وبائي مرض ڪرونا وائرس جي آغاز تي تيل جي اگهن ۾ ڪميءَ جي ڪري معيشت کي تمام گهڻو لوڏو آيو.
سرڪاري انگن اکرن مطابق، 2019 ۾ عراق جي تيل جي آمدني 78.5 ارب ڊالر هئي جيڪا 2020 ۾ عالمي وبا جي ڪري گهٽجي 45 ارب ڊالر رهجي وئي. ليڪن 2021 تائين ان ۾ ٻيهر واڌ اچڻ شروع ٿي وئي ۽ اها وڌي 75.6 ارب ڊالر تائين وڃي پهتي.
ڪيترن ڏهاڪن تائين تنازعن جي شڪار رهڻ واري عراق کي وڏي عرصي تائين اقتصادي مشڪلن سان واسطو رهيو ۽ ان کي بنيادي ڍانچي جي بحاليءَ جي منصوبن ۾ گهڻي سرمايه ڪاريءَ جي ضرورت آهي. تيل جي آمدنيءَ ۾ واڌ ۽ في بيرل قيمتن جا اهي انگ اکر بغداد جي سالياني بجيٽ جي تياريءَ جي لاءِ اهم ثابت ٿينديون.
تيل جي دولت سان مالا مال هئڻ جي باوجود عراق کي، جيڪو چار ڪروڙ 20 لک باشندن جو وطن آهي، کيس توانائيءَ جو شديد بحران آڏو آهي. رهواسين کي بجليءَ جي مستقل ڪمي ۽ لوڊشيڊنگ ڏسڻي ٿي پوي.
پاڙيسري ملڪ ايران پنهنجي گيس ۽ بجليءَ جو ٽيون حصو عراق کي فراهم ڪندو آهي، ليڪن ترسيل جي ناقص نظام جي ڪري ان ۾ اڪثر رڪاوٽون اينديون آهن ۽ لوڊشيڊنگ جي پهريان کان موجود مسئلن ۾ واڌ اچي رهي آهي.
پوئين مهيني عالمي بينڪ خبردار ڪيو هو ته عراق ۾ موسمياتي تبديليءَ جا شديد اثرات مرتب ٿيندا ۽ گرميءَ جي وڌندڙ درجي جي ڪري خشڪ سالي ۽ پاڻيءِ جي اڻاٺ ٿي سگهي ٿي جنهن کان بچڻ جي لاءِ ان کي پنهنجي معيشت کي گهڻ رخي نوعيت جو حامل بنائڻ کپي ۽ ملڪ کي سر سبز ۽ شاداب بنائڻ لاءِ 2024 تائين 233 ارب ڊالرن جي سرمايه ڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(هن رپورٽ جي لاءِ ڪجهه معلومات اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)