رسائی کے لنکس

’فوج جي سربراه کي سياست ۾ گهلڻ سڀني جي لاءِ هاڃيڪار ٿيندو’


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خلاف سوشل ميڊيا مهم ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مظاهرن کي هڪ ’’منظم مهم’’ قرار ڏيندي، تعلق رکندڙ اختياريءَ وارن کي ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزير اعظم شهباز شريف ان مهم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ’’آرمي چيف جي خلاف مهم برداشت جي قابل ناهي ۽ ادارن جي خلاف سازش جو تسلسل آهي’’. هن اختياريءَ وارن کي هدايت ڪئي ته اهڙن ماڻهن سان سختيءَ سان نبرڻ کپي.

وزير اعظم جو هيءُ بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جنهن کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خلاف پوسٽس جو سلسلو جاري هيو، ۽ لنڊن ۾ به سندس خلاف مظاهرا ٿيا آهن.

مظاهري ڪندڙن الزام مڙهيو آهي ته آرمي چيف حڪومتي جماعت جي حمايت، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي مخالفت ڪري رهيو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي لنڊن ۾ ٿيڻ واري مظاهري جي دوران آرمي چيف جي تصويرن سان گڏ مختلف پوسٽرز به سامهون آيا، جن تي لکيل هيو ته کين مبينه طور تي مدت ملازمت مڪمل ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ آرمي چيف بڻايو ويو.

شهباز شريف الزام مڙهيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين، عمران خان ’’ادارن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلي آئين شڪني ڪري رهيو آهي. ان جي ڪري هن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي’’.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز شريف جي انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

ڪن تجزيه ڪارن چيو آهي ته فوج غير سياسي ٿيڻ جو چئي رهي آهي، ليڪن ڪي ادارا اڃان تائين سياست ۾ شامل آهن. ڪن ماهرن چيو آهي ته اهڙي صورت حال پي ٽي آءِ جي لاءِ هاڃيڪار ٿيندي ۽ کين سڌي سنئين ٽڪراءَ کان پاسو ڪرڻ کپي.

وزير اعظم هائوس مان جاري ٿيڻ واري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم گهرو معاملن جي وزير کي هدايت ڪندي چيو آهي ته ’’غليظ مهم هلائڻ وارن جي خلاف لوهه جي هٿن سان نبريو وڃي. وڳوڙ، ٽڪراءِ ۽ بغاوت کي هوا ڏيڻ وارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي’’.

ٽڪراءَ واري سياست جو پي ٽي آءِ کي فائدو نه ٿيندو

بچاءَ واري کاتي جي متعلق تجزيه ڪار، برگيڊيئر ريٽائرڊ حارث نواز وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ’’اها تمام افسوس ناڪ صورت حال آهي، ڇو ته پاڪستان جي فوج مختلف چيلنجن کان پاسو ڪري رهي آهي. ان کي ’ففٿ جينيريشن وار فيئر’ درپيش آهي. اهڙي وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرف کان فوج جي خلاف اهڙي مهم هلائڻ تمام افسوس ناڪ آهي’’.

هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاران ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جو نالو وٺي احساس ڀڙڪايو وڃي ۽ ان تي دٻاءُ وڌو وڃي ته هو اهڙو ڪو فيصلو ڪري جنهن سان کين فاعدو رسي. ليڪن فوج فيصلو ڪيو آهي ته اها سياست ۾ نه ايندي. ان ڪري، جيڪڏهن کين ڪو مسئلو آهي ته کين عدالت ڏانهن وڃڻ کپي’’.

سندس بقول، هن وقت عمران خان جي خلاف جيڪي ڪيس سامهون اچي رهيا آهن اهي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاران درج ڪيا ويا آهن ۽ اهي پنهنجو اسڪور برابر ڪري رهيا آهن. ان جي جواب ۾ پاڪستاني فوج ۽ ان جي سربراه کي سياست ۾ گهلڻ سڀني جي لاءِ هاڃيڪار ٿيندو.

حڪومت پاڻ ان معاملي کي الجهائي رهي آهي

هوڏانهن تجزيه ڪار عائشه صديقه انهن سڀني ڳالهين سان متفق ناهي. هن چيو ته جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بنائڻ لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کيس ٽن ڏينهن جي توسيع ڏني هئي ۽ عمران خان کي يقين آهي ته هو سندن خلاف آهي.

عائشه صديقه چيو ته ’’کيس رولز کي بدلائي آرمي چيف بڻايو ويو آهي ۽ ان جي ڪري تنازعو ته پنهنجي جاءِ تي، پر سندس تعيناتيءَ جي وقت هي تنازعو شروع ٿيو ۽ هن وقت هيءُ معاملو سياسي ٿي چڪو آهي’’.

هن سوال ڪيو ته پوئين ڏينهن وزير اعظم بيان ڏنو ته هو پهريون آرمي چيف آهي جيڪو ميرٽ تي لڳايو ويو آهي. ان جو مطلب ٿيو ته سندس ڀاءُ نواز شريف جيڪو آرمي چيف لڳايو هو اهو ميرٽ تين نه هيو؟ پاڻ اهڙا بيان ڏئي ان معاملي کي وڌيڪ متنازعه بڻايو پيو وڄي.

بظاهر فوج جي مداخلت گهٽ نظر اچي رهي آهي

تجزيه ڪار سهيل وڙائچ جي خيال ۾ هن وقت تحريڪ انصاف جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان جي ڪا پڄاڻي ڪانهي. ان جي پاران اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي خلاف مهم اڳ ۾ ئي هلي رهي آهي ۽ هاڻي آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خلاف به مهم هلي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي ترجمانن ان سان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو آهي، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته لنڊن ۾ جن ماڻهن اهي مظاهرا ڪيا اهي پي ٽي آءِ جا ڄاتل سڃاتل همدرد آهن.

هن چيو ته ’’هيءُ هڪ غليظ ٽرينڊ آهي. ڪا به شخصيت غير متنازع نه رهي آهي، ۽ ادارن کي به متنازعه بڻايو پيو وڃي جنهن تي پي ٽي آءِ کي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ کپي’’.

XS
SM
MD
LG