ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ 319 پوانٽس جي وڏي واڌ آئي ۽ 100 انڊيڪس 40،939 جي سطح تي پهچي وئي. سومر جي ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 5 روپين جي ڪمي ڏٺي وئي ۽ هن وقت مارڪيٽ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 240 ۾ وڪامي رهيو آهي.
ڪرنسي ڊيلرز مطابق انٽر بينڪ ۾ به هڪ ڊالر جي قيمت ۾ ٻه روپيا 65 پيسا ڪمي آئي آهي، جنهن کان پوءِ منجهند جو 12 بجي ڊالر جي قيمت 237 پاڪستاني روپيا ٿي وئي هئي.
پاڪستان هينئر سخت مالي بحران مان گزري رهيو آهي ۽ هن وقت ملڪي ڪرنسي دنيا ۾ بدترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ وارن سڪن ۾ شامل آهي.
ٻئي پاسي ملڪ کي جاري کاتن يعني ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو به درپيش آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن ميهنن ۾ هيءَ کوٽ هڪ اعشاريه 90 ارب ڊالر تائين وڃي پهتي هئي.
گزريل سال ئي ملڪ کي پنهنجي تاريخ جي ٻي ڪرنٽ اڪائونٽ جي کوٽ سامهون آئي هئي، جنهن جو بنيادي سبب 48 ارب ڊالرن کان وڌيڪ تجارتي خسارو هو. ان جي باوجود پاڪستان پنهنجي تاريخ جي اوچي ترين برآمدات يعني 31 ارب ڊالر جو هدف حاصل ڪيو هو.
ٻئي طرف اهو سوال پڇيو پيو وڃي ته جيڪڏهن مفتاح اسماعيل خزاني جو ايترو ئي مثالي ماهر هو ته هن کي هٽايو ڇو پيو وڃي؟ ساڳيو سوال، پنهنجيءَ ٽوئيٽ ۾ خيبرپختون خوا جي وزير خزانه، تيمور خان جهڳڙا ڪيو آهي. هن چيو ته سندس جاءِ تي اسحاق ڊار کي آڻڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي?