رسائی کے لنکس

مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيلي پوليس جي ڪاروائي کان پوءِ غزه پاران جوابي راڪيٽ حملا


اسرائيلي پوليس هڪ فلسطينيءَ کي ٽنگو ٽالي ڪري کنڀي ورتو آهي. 5 اپريل 2023
اسرائيلي پوليس هڪ فلسطينيءَ کي ٽنگو ٽالي ڪري کنڀي ورتو آهي. 5 اپريل 2023

اسرائيلي پوليس اربع ڏينهن صبح سوير مسجد اقصيٰ ۾ ڪاروائي ڪئي جنهن دوران اتي موجود ماڻهن ۽ اهل ڪارن جي وچ ۾ شديد جهڙپون ٿيون.

يروشلم ۾ مسجد اقصيٰ جي ڪمپائونڊ ۾ اهي جهڙپون اهڙي وقت ٿيون جڏهن مسلمان رمضان جي مهيني ۾ خصوصي عبادتن جي لاءِ اچي رهيا هيا، ساڳئي ئي وقت يهودي ’پاس اوور’ جي ڏڻ ملهائڻ جي تيارين ۾ رڌل هيا.

خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، اسرائيلي پوليس دعوا ڪئي آهي ته مسجد اقصيٰ ۾ ڪجهه نوجوان پٿر، لٺين ۽ ڦٽاڪن سان گڏ موجود هيا جن کي اتان ڪڍڻ جي لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو ويو.

پوليس ٻڌايو ته نوجوانن تشدد جي ٻڌل نعرا لڳايا ۽ مسجد جو دروازو بند ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ پوليس کي انهن کي اتان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ اندر داخل ٿيڻو پيو.

اسرائيلي پوليس جي ان ڪاروائيءَ کي سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عمل دار مبينه طور تي فلسطينين تي لٺيون وسائي ۽ رائيفلن جا بٽ هڻي رهيا آهن.

فلسطينين جي سرڪاري نيوز ايجنسي، ’وفا’ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مسجد اقصيٰ ۾ پوليس جي ڪاروائيءَ جي دوران ڪيترا درجن نمازي زخمي ٿيا.

اسرائيلي پوليس جي مطابق، پٿر لڳڻ جي ڪري هڪ عمل دار زخمي ٿيو، جڏهن ته جوابي ڪاروائيءَ ۾ ڪيترن درجن ’فسادين’ کي گرفتار ڪيو ويو.

واضح رهي ته اوڀر يروشلم جي مسجد جو اهو ڪمپائونڊ مسلمانن ۽ يهودين ٻنهي جي لاءِ مقدس هنڌ جي حيثيت رکي ٿو. 35 ايڪڙن تي ڦهليل ان وسيع اڱڻ کي مسلمان مسجد اقصيٰ يا حرم الشريف ۽ يهودي ’ٽيمپل مائونٽ’ چوندا آهن.

خبرن جي اداري، رائيٽرز جي مطابق فلسطيني ريڊ ڪراس چيو آهي ته مسجد اقصيٰ جي ڪمپائونڊ ۾ پوليس سان ويڙهه ۾ رٻڙ جون گوليون لڳڻ ۽ تشدد جي ڪري ست فلسطيني زخمي ٿيا آهن.

مسجد اقصيٰ کان ٻاهر موجود هڪ بزرگ خاتون ان ڪاروائيءَ جي باري ۾ ٻڌايو ته ’’مان ڪرسيءَ تي ويهي قرآن پڙهي رهي هيس ته ان دوران اسرائيلي پوليس عمل دارن مسجد ۾ آواز وارا بم اڇلايا جن منجهان هڪ منهنجي ڇاتيءَ تي اچي لڳو’’.

مسجد اقصيٰ ۾ پرتشدد ڪاروائيءَ کان پوءِ غزه مان مجموعي طور تي پنج راڪيٽ فائر ڪيا ويا جن کي ناڪام بڻايو ويو.

راڪيٽ حملن جي جواب ۾اسرائيل غزه ۾ فضائي ڪاروائي ڪئي.

(هن خبر ۾ شامل معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG