ڄاتل سڃاتل آمريڪي گلوڪاره، جينيفر لوپيز اداڪار بين ايفلڪ سان لاس ويگاس ۾ شادي ڪئي آهي.
گلوڪاره ۽ اداڪار جي وچ ۾ ماضيءَ ۾ ويجها تعلقات هيا جنهن کان پوءِ ٻنهين دوري اختيار ڪئي هئي. تقريبا ويهه سال بعد اپريل 2022 ۾ ٻنهين منڱڻي جي اعلان ڪيو هو.
خبر رسان اداري، رائٽرز پيپلز ميگزين جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته جينيفر لوپيز پنهنجي نيوز ليٽر ذريعي پنهنجي شاديءَ جو اعلان ڪندي چيو ته هن ميرج لائسنس حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڇنڇر جي رات هڪ گرجا گهر ۾ شادي ڪئي.
جينيفر لوپيز پنهنجي نيوزليٽر ۾ چيو آهي ته محبت خوبصورت، مهربان ۽ صابر آهي. 20 سال صبر ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اهو ئي حاصل ٿيو جيڪو اسان چاهيون پيا.
خبررسان اداري، اي ايف پي مطابق جينيفر لوپيز جي بين ايفلڪ سان پهرين ملاقات سنه 2002 ۾ فلم گگلي جي سيٽ تي ٿي هئي. ٻئي پنهنجي تعلقات جي ڪري خبرن ۾ ايندا رهيا. جوڙي سنه 2003 ۾ پنهنجي طئي شده شادي منسوخ ڪئي هئي ۽ بعد ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهين راهون جدا ڪري ڇڏيون آهن.
جينيفر لوپيز ۽ ايفلڪ ٻنهين جي پاران سوشل ميڊيا تي شاديءَ جو باضابطه طور تي اعلان نه ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهين شاديءَ جون تصويرون به شيئر ناهن ڪيون.
ياد رهي ته جينيفر لوپيز 22 فبروري 1997 ۾ ادڪار اوجني نوا سان شادي ڪئي هئي جيڪا هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ ختم ٿي وئي هئي ۽ جوڙي جنوري 1998۾ عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي هئي.
ان کان پوءِ هنن سنه 2001۾ آمريڪي اداڪار ڪرس جوڊ سان شادي ڪئي هئي، جيڪا پڻ گهڻو عرصو نه رهي سگهي ۽ جوڙي 2003 ۾ الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
آمريڪي اداڪاره ۽ گلوڪاره 2004 ۾ گلوڪار ۽ اداڪار مارڪ اينٿوني سان ٽين شادي ڪئي جنهن منجهان ٻنهين کي جڙوان ٻار به آهن.
جينيفر ۽ مارڪ اينٿوني 2014 ۾ هڪ ٻئي کان راهون جدا ڪري ڇڏيون.
سنه 2019 ۾ جينيفر لوپيز سابق بيس بال رانديگر، ايلڪس رڊزيگر سان منڱڻي جواعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ گزريل سال ٻنهين منڱڻو ختم ڪري ڇڏيو.
جينيفر لوپيز جي هيءَ چوٿين جڏهن ته ايفلڪ جي ٻي شادي آهي. بين ايفلڪ سنه 2005 ۾ اداڪاره جينيفر گارنر سان شادي ڪئي هئي جنهن مان سندس ٽي ٻار آهن، ٻنهين 2018 ۾ عليحدگي اختيار ڪئي هئي.
ايفلڪ جي شادي اداڪاره جينيفر گارنر سان ٿي هئي ۽ اهي 16 ساله وائلٽ، 13 ساله سيرافينا ۽ 10 سالن جي سيموئل جا والدين آهن.
(هن خبر ۾ شامل معلومات خبررسان اداري، رائٽرز ۽ اي ايف پي تان ورتي وئي آهي)