رسائی کے لنکس

پشاور هائي ڪورٽ جي پهرين خاتون چيف جسٽس مسرت هلالي ڪير آهي؟


جسٽس مسرت هلالي
جسٽس مسرت هلالي

خيبر پختونخوا صوبي جي وڏي عدالت پشاور هائي ڪورٽ جي سينئر جج مسرت هلالي پهرين اپريل کان ساڳيءَ عدالت ۾ چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندي ۽ هلندڙ سال ستين آگسٽ تائين ان عهدي تي فائز رهندي.

هوءَ پشاور هائي ڪورٽ جي پهرين خاتون چيف جسٽس هوندي، جڏهن ته ماضي۽ ۾ جسٽس خالده راشد ۽ جسٽس ارشاد قيصر پشاور هائي ڪورٽ جون جج رهي چڪيون آهن، ليڪن اهي چيف جسٽس جي عهدي تائين نه پهچي سگهيون هيون.

جسٽس مسرت هلاليءَ جو تعلق مالاڪنڊ ضلعي جي پلئي جي علائقي سان آهي. ليڪن سندس خاندان ڪيتري عرصي کان پشاور ۾ رهندو رهيو آهي.

اٺين آگسٽ 1961 ۾ پشاور جي هڪ وچولي درجي جي سياس گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ جسٽس مسرت هلاليءَ 1983 ۾ پشاور يونيورسٽيءَ جي خيبر لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پشاور بار ايسو سي ايشن کان وڪيل جي طور تي ڪم شروع ڪيو. هوءَ 1988 ۾ پشاور هائي ڪورٽ ۽ 2006 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي وڪيل هئي.

جسٽس مسرت هلالي 1988 ۾ پشاور بار ايسو سي ايشن جي پهرين سيڪريٽري چونڊي، بعد ۾ 1992 ۾ هوءَ ٻه ڀيرا پشاور بار ايسو سي ايشن جي نائب صدر ۽ 1997 ۾ پشاور بار ايسو سي ايشن جي سيڪريٽري جنرل منتخب ٿي.

جسٽس مسرت هلالي 2001 ۾ پاڪستان جي پهرين خاتون ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل ٺهڻ جو اعزاز به حاصل ڪيو هو ۽ هوءَ ان عهدي تي 2004 تائين لاڳاپيل رهيون.

بعد ۾ هوءَ خيبرپختونخوا جي ماحولياتي تحفظ جي خصوصي ٽربيونل جي سربراه بڻي. پشاور هائي ڪورٽ جي جج بنجڻ کان اڳ هن کي پهرين خاتون محتسب طور تعينات ڪيو ويو.

هن کي 26 مارچ 2013 تي پشاور هائي ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج جي حيثيت ۾ شامل ڪيو ويو ۽ هڪ سال پوءِ کيس پشاور هائي ڪورٽ جو مستقل جج بڻايو ويو.

بار ۽ بينچ کان سواءِ جسٽس مسرت هلالي انساني حقن جي تحفظ ۽ ڀلائيءَ جي ڪم سان واسطو رکندڙ غير سرڪاري تنظيمن ۾ به سرگرم رهي چڪي آهي.

پشاور جي سينئر وڪيل سليم شاه ايڊوڪيٽ وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته جسٽس مسرت هلاليءَ جي پشاور هائي ڪورٽ ۾ چيف جسٽس طور لڳڻ نه صرف وڪيلن جي برادريءَ جي لاءِ بلڪه خيبر پختونخوا جي عوام جي لاءِ به فخر جي ڳالهه آهي.

پشاور هائي ڪورٽ جو موجوده چيف جسٽس قيصر رشيد 31 مارچ تي رٽائير ڪري رهيو آهي.

XS
SM
MD
LG