رسائی کے لنکس

خيبر پختونخوا اسيمبلي به ٽوڙي وئي


خيبرپختونخوا اسيمبلي (فائيل فوٽو)
خيبرپختونخوا اسيمبلي (فائيل فوٽو)

پنجاب کان پوءِ اربع ڏينهن خيبرپختونخوا اسيمبلي به ٽوڙي وئي آهي جنهن کان پوءِ ٻنهين صوبن ۾ نگران حڪومتن جي قائم ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

خيبرپختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي واضح اڪثريت حاصل هئي، اهڙي وقت سياسي حلقا اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته پي ٽي آئي صوبي ۾ پنهنجي برتري برقرار رکي سگهندي يا ان کي مشڪل پيش ايندي؟

خيبرپختونخوا اسمبليءَ کي ٽوڙڻ جي خاص ڳالهه اها آهي ته گورنر پنجاب جي برعڪس خيبرپختونخوا جي گورنر حاجي غلام علي اسمبليءَ جي تحليل جي سمريءَ تي صحي ڪرڻ ۾ ڪا دير نه لاتي. انهيءَ دوران قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر پي ٽي آئي جي 34 ميمبرن جا استعفا به منظور ڪري ورتا.

سياسي مبصرن چيو آهي ته هڪ طرف پي ٽي آئي سياسي چالون هلي رهي آهي ته هاڻي حڪمران اتحاد به پي ٽي آئي کي ’سرپرائيز’ ڏيڻ شروع ڪيو آهي.

ڇا نگران حڪومت تي جلد اتفاق ٿي ويندو؟

پشاور هائي ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) شير محمد خان چيو آهي ته اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ وڏي وزير جو اختيار آهي ۽ آئين جي تحت 90 ڏينهن جي اندر اليڪشن ٿي سگهي ٿي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بهتر ته ائين ٿيندو ته پوري ملڪ ۾ ئي هڪ ئي ڏينهن تي سمورين اسيمبلين جي چونڊ ٿئي.

هن چيو ته پنجاب وانگر خيبرپختونخوا ۾ به نگران حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان اختلاف سامهون اچي سگهن ٿا.

سينئر تجزيه ڪار ۽ صحافي عرفان خان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ متعلق استعيفا ڏيڻ واري وڏي وزير ۽ مخالت ڌر جي قائد اڪرم درانيءَ جي وچ ۾ نالي تي اتفاق جو امڪان گهٽ آهي. ان ڪري هتي به معاملو پارليماني ڪاميٽيءَ ۽ اليڪشن ڪميشن تائين وڃي سگهي ٿو.

هن چيو ته معاشي صورت حال ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن و امان جي صورت حال 90 ڏينهن اندر اليڪشن جي انعقاد ۾ رڪاوٽ وجهي سگهي ٿي.

ڇا پي ٽي آئي 2018 واري تاريخ دهرائي سگهي ٿي؟

سينئر تجزيه ڪار شاهد حميد چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي اها ڪوشش هوندي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن تحريڪ انصاف جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي.

سندس بقول، حڪمران اتحاد وٽ وفاقي حڪومت هئڻ جي ڪري رياستي ادارن تي ڪنٽرول به هوندو ۽ اهي تحريڪ انصاف جي لاءِ مشڪل پيدا ڪري سگهن ٿا.

عرفان خان چيو ته پي ٽي آئي جي لاءِ 2018 وانگر ٽن پتين جي اڪثريت حاصل ڪرڻ سولو ڪم نه هوندو. ليڪن وفاقي حڪومت جي معاشي ڪارڪردگيءَ کي جواز بڻائي پي ٽي آئي خيبر پختونخوا ۾ پنهنجي انتخابي مهم هلائي سگهي ٿي.

XS
SM
MD
LG