رسائی کے لنکس

باجوڙ، مردان سيمت مختلف ضلعن ۾ امن ريليون ۽ طالبان مخالف احتجاج


باجوڙ (فائيل فوٽو)
باجوڙ (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي خيبرپختونخوا صوبي جي افغانستان سان ملندڙ علائقن سميت مختلف ضلعن ۾ امن ريلين جو سلسلو جاري آهي جن ۾ مختلف سياسي جماعتن ۽ مڪتب فڪر جا نمائندا شريڪ ٿيا.

خميص ڏينهن افغانستان سان لاڳاپيل قبائلي ضلعي باجوڙ جي مرڪزي انتظامي قصبي خار ۽ وچئين ضلعي مردان جي ڪاٽلنگ جي علائقي ۾ امن ريليون نڪتيون. انهن ميڙن کي سياسي جماعتن ۽ تنظيمن جي رهنمائن ۽ نمائندن خطاب ڪيو جن ۾ پشتون تحفظ تحريڪ جو اڳواڻ منظور پشتين ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جو صوبائي سيڪريٽري جنرل سردار حسن بابڪ نمايان هيا.

امن قائم ڪرڻ جي حمايت ۽ بندش پيل ٽي ٽي پي۽ جي خلاف ريليون اهڙي وقت نڪري رهيون آهن جڏهن هڪ طرف وفاقي حڪومت مبينه طالبان عسڪريت پسندن جي خلاف ڪاروائي شروع ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي مبينه هٿياربندن دهشت گرديءَ ۽ تشدد جي ڪاروائين ۾ تيزي آندي آهي.

خيبرپختونخوا جي ڏکڻ وارن مختلف ضلعن ۾ هلندڙ هفتي سومر کان وٺي پوليو جي انسداد جي مهم جاري آهي. ان دوران ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي ٽن مختلف علائقن ۾ ٽي ڏينهن متواتر سيڪيورٽيءَ تي لڳل پوليس عمل دارن تي حملا ٿيا آهن. جوابي ڪاروائيءَ ۾ پوليس فورس انهن حملن کي ناڪام بنايو آهي، جن ۾ جهڙپن دوران ڪيترا پوليس اهل ڪار زخمي به ٿيا آهن. جوابي ڪاروائيءَ دوران پوليس هڪ دهشت گرد کي زخمي ڪرڻ جي به دعوا ڪئي آهي.

وڏي وزير جي اطلاعات جي باري ۾ صلاح ڪار، بيرسٽر محمد علي سيف ابلاغ جي ذريعن جي نمائندن کي ٻڌايو آهي ته صوبائي حڪومت هتياربندن جي خلاف ڪاروائيءَ جي لاءِ پرعزم آهي. ان کان اڳ هنن دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي جي لاءِ سڏايل قومي سلامتيءَ جي اجلاس ۾ صوبائي حڪومت کي نظرانداز ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو هو.

امن ريليون ۽ احتجاج

باجوڙ ۾ بدامني خاص طور تي دهشت گردي ۽ قتل جي وارداتن جي خلاف خميص ڏينهن احتجاجي مظاهرا ٿيا ۽ ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. انهن مظاهرن ۽ ريلين جو انعقاد مختلف سياسي جماعتن جي مڪاني رهنمائن ۽ نمائندن تي مشتمل قومي جرگي جي امن ايڪشن ڪاميٽيءَ ڪيو هو.

احتجاجي ريليءَ ۾ شريڪ ٿيندڙن دهشت گرديءَ ۽ حڪومت جي خلاف نعرا لڳايا. احتجاجي مظاهري ۾ متمدن معاشري جي ماڻهن، شاگردن، سياسي ڪارڪنن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن شرڪت ڪئي.

مظاهري کي پشتون تحفظ تحريڪ جي سربراه منظور پشتين، عوامي نيشنل پارٽيءَ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري سردار حسين بابڪ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جي سربراه ۽ اتر وزيرستان جي قومي اسمبليءَ جي ميمبر محسن داوڙ سميت ٻين مقررن خطاب ڪيو.

هنن چيو ته باجوڙ ۾ ٻيهر بدامني ۽ دهشت گرديءَ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن کي ماڻهن جو رت وهائڻ جي اجازت ڏني ويندو.

مقررن چيو ته شهرين کي تحفظ ڏيڻ حڪومت ۽ رياستي ادارن جي ذمي داري آهي.

خيبر پختونخوا جي گاديءَ واري هنڌ پشاور کان پوءِ ٻئي وڏي ضلعي مردان جي ڪاٽلنگ تعلقي ۾ به امن و امان جي بگڙندڙ صورت حال جي خلاف ’يوٿ پارليامنٽ’ جي اهتمام هيٺ خميص ڏينهن امن مارچ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

فوجي ڪاروائيءَ تي تحفظات

ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻئين ضلعي بنونءَ سان مليل نيم قبائلي علائقي جاني خيل ۾ قومي امن جرگي جي اهتمام هيٺ ٿيل جرگي ۾ فوجي آپريشن تي تحفظات ظاهر ڪيا ويا هيا.

مڪاني قبائلين ۽ مختلف سياسي جماعتن حڪومت کان مڪاني ماڻهن جي تجويزن مطابق هٿياربندن سان نبرڻ جي لاءِ حڪمت عملي مرتب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. وفاقي حڪومت يا صوبائي حڪومت جاني خيل امن جرگي جي هن مطالبي يا فوجي ڪاروائيءَ تي تحفظات جي باري ۾ ڪو بيان جاري نه ڪيو آهي.

(شميم شاهد جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG