رسائی کے لنکس

لز ٽرس 45 ڏينهن کان پوءِ استعيفا ڏئي ڇڏي


برطانوي وزيراعظم لز ٽرس استعيفا ڏيڻ جو بيان ڏيندي. 20 آڪٽوبر 2022.
برطانوي وزيراعظم لز ٽرس استعيفا ڏيڻ جو بيان ڏيندي. 20 آڪٽوبر 2022.

برطانيه جي وزير اعظم لز ٽرس پنهنجي عهدي تان مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. برطانوي ميڊيا جي مطابق، لز ٽرس خميص ڏينهن پنهنجي سرڪار ي رهائش گاه 10 ڊائوننگ اسٽريٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهه ٻولهه جي دوران استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

پنهنجي بيان ۾ هن اعتراف ڪيو ته ڪنزرويٽو پارٽيءَ کيس جيڪو مينڊيٽ ڏنو هوءَ ان مطابق عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

هن چيو ته هوءَ برطانيه جي بادشاه کي وزارت عظما ۽ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ تان مستعفي ٿيڻ جي فيصلي کان آگاه ڪري چڪي آهي.

هنن اهو به چيو ته آئنده هفتي تائين پارٽيءَ جي نئين سربراه جي چونڊ ٿي ويندي جنهن کان پوءِ پارٽي برطانيه جي معاشي استحڪام ۽ قومي سيڪيورٽي جي لاءِ پنهنجو سفر جاري رکندي.

پنهنجي بيان ۾ لز ٽرس چيو ته نئين وزير اعظم جي منتخب ٿيڻ تائين هوءَ پنهنجي عهدي تي ڪم ڪندي رهندي.

خبرن جي اداري، رائيٽرز مطابق لز ٽرس کي سندس انتخابي مهم دوران ڪيل معاشي وعدن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪامي ڏسڻي پئي، جنهن کان پوءِ کيس پنهنجي ئي جماعت ۾ تنقيد آڏو آئي.

گزريل ڏينهن سندس ڪابينا ۾ شامل داخلا جي کاتي جي وزير سوئيلا براورمين حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي تحفظات جو اظهار ڪندي استعيفا ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن ته پوئين هفتي خزاني جو وزير به مستعفي ٿي ويو هو.

واضح رهي ته قانون سازي ۽ ٻين پاليسي معاملات تي اختلافن کان پوءِ پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جي جواب ۾ هن چيوهو ته هوءَ ميدان ڇڏڻ واري ناهي، ليڪن خميص ڏينهن هن پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.

هوءَ صرف ڇهن هفتن تائين ان عهدي تي فائز رهي جيڪو برطانيه جي تاريخ ۾ ڪنهن وزيراعظم جو مختصر ترين دور آهي.

لز ٽرس هلندڙ سال ڇهين سيپٽمبر تي وزارت عظما جو عهدو سنڀاليو هو. هوءَ ملڪ ۾ جاري معاشي بحران ۽ توانائيءَ جي وڌندڙ اگهن تي قابو پائڻ جي وعدي تي اقتدار ۾ آئي هئي.

منصب سنڀالڻ جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ هوءَ محصولن ۾ ڪٽوتيءَ ۽ برطانوي سڪي کي مستحڪم ڪرڻ جهڙن معاشي منصوبن تي عمل درآمد نه ڪرائي سگهي، جنهن جي ڪري کيس پنهنجي خزاني جي وزير ۽ پارٽيءَ ۾ ويجهي اتحادي، ڪواسي ڪوارٽنگ کي سندس عهدي تان هٽائڻو پيو.

معاشي پاليسين تي عمل درآمد ۾ ناڪاميءَ جي ڪري لز ٽرس جي مقبوليت پنهنجيءَ ئي پارٽيءَ ۾ تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳي هئي.

واضح رهي ته برطانوي پارليمنٽ ۾ اڪثريت جي مالڪ قدامت پسند ڪنزرويٽو پارٽي کي مسلسل سياسي بحران درپيش رهيو آهي.

هلندڙ سال مستعفي ٿيڻ وارن برطانيه جي وزير اعظم بورس جانسن کي ڪرونا وائرس جي لاڪ ڊائون دوران تقريبات منعقد ڪرڻ جي خبرن جي ڪري سياسي دٻاءُ ڏسڻو پيو هو. برطانوي ۽ عالمي ميڊيا ۾ هي معاملو’پارٽي گيٽ’ اسڪينڊل جي عنوان سان رپورٽ ٿيو هو.

هن اسڪينڊل جي آڏو اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيڻ واري بحران جي ڪري بورس جانسن کي پنهنجي ئي ڪابينا جي ڪافي وزيرن استعيفائون ڏنيون۽ پارٽيءَ ۾ اختلافن منهن ڪڍيو جنهن کان پوءِ هن هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي قيادت کان مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

XS
SM
MD
LG