تمام ڊگهي عرصي تائين حزب مخالف جو اڳواڻ رهڻ کان پوءِ انور ابراهيم خميص ڏينهن وزير اعظم جي عهدي جو قسم کينئون، جنهن کي سياست جا ماهر ’اصلاح پسندن جي سوڀ’ قرار ڏئي رهيا آهن.
پارليماني چونڊن جي نتيجي ۾ واضح اڪثريت کان وانجهي پارليامنٽ منتخب ٿيڻ کان پوءِ، انور ابراهيم جي ملائيشيا جي قوم پرستن سان ڪيترن ئي ڏينهن تائين ويڙهه جاري رهي.
ملائيشيا جي بادشاه، سلطان عبدالله سلطان احمد شاه پنجهتر ورهن جي انور کي حڪومت جو ڏهون سربراه نامزد ڪندي چيو ته کيس ان ڳالهه جو پورو ڀروسو آهي ته انور ابراهيم اڪثريت جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.
انور پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مان عاجزي ۽ ذمه داريءَ سان پاڻ تي ڪيل اعتماد تي پورو لهندس.
انور ابراهيم جي ’اميد تي مبني اتحاد’ کي ڇنڇر ڏينهن قومي چونڊن ۾ 82 سيٽون کٽيون، جڏهن ته اڪثريت جي لاءِ گهربل سيٽين جو انگ 112 آهي.
هوڏانهن، غير متوقع طور تي اڳوڻي وزير اعظم محي الدين ياسين کي ساڄي ڌر ڏانهن لاڙو رکندڙ قومي اتحاد جنهن ۾ نسلي ملئي ڌر جي حمايت ملي، ان ايوان ۾ 73 سيٽون کٽيون. سندس اتحادي وحدت اسلامي پارٽيءَ کي 49 سيٽون مليون، جنهن هڪ جماعت طور سڀني کان گهڻيون سيٽون کٽيون.
ان معاملي ۾ اٽڪاءُ ان وقت ختم ٿيو جڏهن ملائيشيا جي حڪمران قومي تنظيم جي گڏيل اڪٺ انور ابراهيم جي اڳواڻيءَ ۾ اتحاد جي حڪومت جي حمايت ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. ملائيشيا ۾ ان قسم جي سياست اڻ ٿيڻي ڳالهه سمجهي پئي وئي، جتي ٻن سياسي جماعتن جي وچ ۾ نه ختم ٿيندڙ ويڇا قائم هيا.
بورنيو جي ٻيٽ وارن ٻين بااثر ڌڙن اعلان ڪيو آهي ته اهي بادشاه جي فيصلي جي پوئواري ڪندا.
بيان ۾ ان ڳالهه جي تفصيل نه ظاهر ڪئي وئي آهي ته حڪومت ڪيئن قائم ڪئي ويندي. هوڏانهن انور ابراهيم جي تقرريءَ جو اعلان ٿيندي ئي ملائيشيا جي سڪي جي قدر ۾ ڪافي واڌ آئي آهي.
ٻئي پاسي، پنجهتر سالن جي محي الدين هار مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي.
هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ هن انور ابراهيم کي چيلنج ڪيو ته هو پنهنجي اڪثريت وٺي ڏيکاري، تنهن کان پوءِ ئي کيس يقين ايندو ته هو اڳواڻي ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو.
(هن رپورٽ جو مواد خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)