رسائی کے لنکس

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز ڪرائڻ تي ويچار


ويرات ڪوهلي ۽ شاداب خان. 23 آڪٽوبر 2022 تي ميلبورن ۾ ڀارت، پاڪستان جي وچ ۾ ٽي 20 عالمي ڪپ ڪرڪيٽ ميچ کيڏيو ويو، جنهن ڏينهن اسٽيڊيم راند جي شوقينن سان ٽٻ هيو. (فائيئ فوٽو)
ويرات ڪوهلي ۽ شاداب خان. 23 آڪٽوبر 2022 تي ميلبورن ۾ ڀارت، پاڪستان جي وچ ۾ ٽي 20 عالمي ڪپ ڪرڪيٽ ميچ کيڏيو ويو، جنهن ڏينهن اسٽيڊيم راند جي شوقينن سان ٽٻ هيو. (فائيئ فوٽو)

آسٽريليا جي ميلبرن ڪرڪيٽ ڪلب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ميزبانيءَ جي لاءِ غور شروع ڪري ڏنو آهي. ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ 2007 کان پوءِ هيليتائين ڪا ٽيسٽ سيريز نه کيڏي وئي آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن آخري ڀيرو 2013 ۾ ٽن ’ون ڊي’ ۽ ٻن ’ٽي ٽوينٽي’ ميچن جي سيريز ۾ آمهون سامهون آيون هيون. ان کان علاوه ٻنهين ٽيمن جي وچ ۾ ’آئي سي سي’ يا ايشيا ڪپ جي مقابلن ۾ ئي ميچ ڏسڻ وٽان هوندا آهن.

هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ميلبرن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٻنهين ٽيمن جي وچ ۾ ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جو شاندار ميچ کيڏيو ويو هو جنهن ۾ 90،000 راند جي شوقينن گرائونڊ ۾ ويهي ميچ ڏٺو هو.

ميلبرن ڪرڪيٽ ڪلب (ايم سي جي) کي اميد آهي ته جيڪڏهن ٻئي ٽيمون انهيءَ گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز ۾ آمهون سامهون ٿين ته ساڳيءَ طرح تماشائي وڏي تعداد ۾ ميچ ڏسندا.

خبرن جي اداري، رائيٽرز جي مطابق ’ايم سي جي’ جي چيف اگزيڪٽو، اسٽارٽ فاڪس چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز ٿيو ته ڏسڻ وارن سان ميدان ڀرڻ مشڪل نه ٿيندو.

مڪاني ريڊيو ’ايس اي اين’ سان ڳالهائيندي، فاڪس چيو ته ’ايم سي جي’ ۾ ٻنهين ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ميچ جو ماحول هنن ڪڏهن محسوس نه ڪيو آهي جتي هر هڪ بال تي ٿيڻ وارو شور تمام دلچسپ هوندو آهي.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG