رسائی کے لنکس

آخري سوويت سربراه، گورباچوف 91 ورهن جي ڄمار ۾ گزاري ويو


ميخائيل گورباچوف (فائيل فوٽو)
ميخائيل گورباچوف (فائيل فوٽو)

روسي ميڊيا اڱاري ڏينهن رپورٽ ڏني آهي ته سوويت يونين جي آخري سربراه ميخائيل گورباچوف 91 سالن جي عمر ۾ انتقال ڪري ويو آهي.

خبرون جاري ڪندڙ اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، گورباچوف سوويت يونين جي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ ناڪام جدوجهد ڪئي هئي، پر سندس جاري ڪيل اصلاحات جي ڪري سرد جنگ جي پڄاڻي ٿي هئي.

روسي ميڊيا سينٽرل ڪلينيڪل اسپتال جي بيان کي رپورٽ ڪندي اطلاع ڏنو آهي ته روسي رهنما ڊگهي عرصي تائين بيمار رهڻ کان پوءِ وفات ڪري ويو. ان سلسلي ۾ هن وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا آهن.

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل عالمي اداري طرفان سندس خاندان، روسي فيڊريشن جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت ڪندي چيو آهي ته هو هڪ اهڙو منفرد سياست دان هيو جنهن تاريخ جو منهن موڙي ڇڏيو هو.

هن چيو ته 1990۾ نوبيل امن انعام وصول ڪرڻ دوران گورباچوف چيو هو ته امن هڪجهڙائيءَ جو اتحاد ناهي، بلڪه ڪارڪردگيءَ جي فرق جو نالو آهي.

اقوام متحده جي سربراه مطابق، هن پنهنجي ان بصيرت کي مذاڪرات جي ڪوشش، اصلاحات، شفافيت ۽ اسلحي ۾ ڪمي آڻڻ جي لاءِ استعمال ڪيو.

گورباچوف رڳو ست سال اقتدار ۾ رهيو، ليڪن هن تبديلين جو هڪ غير معمولي سلسلو شروع ڪيو. پر هن جون ڪوششون سوويت يونين جي ٽٽڻ تي ختم ٿيون.

سوويت يونين جي آمرانه نظام جي انت کان پوءِ اوڀر يورپ جون ڪيتريون ئي مملڪتون آزاد ٿيون ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪيترن ڏهاڪن کان جاري سرد جنگ جو اختتام ٿيو. ان دور جي اهم ڪاميابين منجهان ديوار برلن کي ڪيرائڻ شامل آهي.

برلن وال
برلن وال

سندس اقتدار جو اختتام تمام مايوس ڪن هو. سال 1991 جي آگست مهيني ۾ هن جي خلاف محلاتي سازشن جي ڪري سندس اختيارات تمام گهٽجي ويا. پنهنجي اقتدار جي آخري مهينن ۾ هن هڪ کان پوءِ ٻئي ملڪ سوويت يونين کان آزادي ورتي جنهن جي اعلان جو هن مشاهدو ڪيو. هن 25 ڊسمبر 1991 ۾ استعفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان کان پوءِ سوويت يونين جو اختتام ٿي ويو.

سوويت يونين جي خاتمي جي پنجويهن سالن کان پوءِ ايسو سي ايٽڊ پريس سان ڳالهائيندي گورباچوف چيو هو ته هن سوويت يونين کي بچائڻ جي لاءِ طاقت جو استعمال ان ڪري نه ڪيو جو کيس جوهري اسلحو رکندڙ ملڪ ۾ افراتفريءَ جو خطرو هو.

هن چيو ته سوويت يونين هٿيارن سان ٽٻ ڀريل هو جنهن دوران طاقت جي استعمال سان امڪان ان ڳالهه جو هو ته ملڪ ۾ خانه جنگي ٿئي هان.

پنهنجي اقتدار جي زماني ۾ هو بي اختيار ٿي چڪو هو ۽ حالتن کي بدلجڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام رهيو. ليڪن، ويهين صديءَ جي آخر ڌاران سندس اقدامات عالمي طور تي بي انتها اهم هيا. اقتدار ڇڏڻ کان پوءِ هن ايسو سي ايٽڊ پريس کي ٻڌايو هو ته مان پنهنجو پاڻ کي هڪ اهڙي شخص طور خيال ڪندو آهيان جنهن پنهنجي ملڪ، يورپ ۽ دنيا جي لاءِ گهربل اصلاحات متعارف ڪرايون.

سال 1992 ۾ هن چيو هو ته جيڪڏهن اهي سڀ قدم ٻيهر کڻڻا پون ته هو ٻيهر به اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

گورباچوف کي امن جي نوبيل انعام سميت دنيا جا ڪيترا ئي انعام ۽ ايوارڊ مليا، حالانڪه ان وقت هو پنهنجي ملڪ ۾ زياده مقبول نه رهيو هو.

روس جي سرڪاري نيوز ايجنسي تاس ٻڌايو آهي ته گورباچوف کي ماسڪو جي نووڊيواچي قبرستان ۾ سندس آنجهاني گهر واريءَ جي قبر ڀرسان دفنايو ويندو.

XS
SM
MD
LG