رسائی کے لنکس

ڀارت جو يوم جمهوريه، خصوصي مهمان طور مصر جو صدر شريڪ


نئين دهليءَ ۾ يوم جمهوريه تي ڀارتي دفاعي فوجن جو مارچ ۽ جٿن جي شرڪت
نئين دهليءَ ۾ يوم جمهوريه تي ڀارتي دفاعي فوجن جو مارچ ۽ جٿن جي شرڪت

خميص ڏينهن ڀارت پنهنجو 74 هون يوم جمهوريه ملهائي رهيو آهي. ليڪن هن سال نئين دهليءَ ۾ ٿيڻ واريءَ تقريب جي خاص ڳالهه مصر جي صدر عبدالفتح السيسيءَ جي مهمان خصوصيءَ طور شرڪت آهي.

هي پهريون موقعو آهي ته ڪنهن مصري صدر ڀارت جي يوم جمهوريت جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آهي. سندس ان دوري کي ٻنهين ملڪن جي شراڪت داريءَ ۾ اضافي جي ڪري اهم قرار ڏنو پيو وڃي.

ڀارتي ميڊيا مطابق، يوم جمهوريه جي تقريب ۾ مصر جي وفد ۾144 اعلي سطحي ڪامورا به شريڪ آهن جيڪي مصر جي هٿياربند فوج جي مختلف شعبن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.

مصر جو صدر اربع ڏينهن نئين دهلي پهتو، جتي هن وزير اعظم نريندر مودي ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سان الڳ الڳ ملاقاتن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

السيسي اهڙي وقت ڀارت جي دوري ٿي آهي، جڏهن سندس ملڪ کي مهانگائيءَ سميت ڪڻڪ جو بحران درپيش آهي.

حالانڪه ڀارت جي طرفان ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي لڳائي وئي آهي، پوئين سال پابنديءَ جي باوجود ان 61 هزار ٽن ڪڻڪ مصر کي برآمد ڪئي هئي.

صدر السيسيءَ ڀارتي عهديدارن سان ملاقات ۾ وڌيڪ ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وزير اعظم مودي مهمان صدر سان اربع ڏينهن ملاقات کان پوءِ ميڊيا بريفنگ جي دوران چيو ته ڀارت ۽ مصر عالمي تنازعا حل ڪرڻ جي لاءِ سفارت ڪاري ۽ مذاڪرات تي اتفاق ڪيو آهي.

ڀارتي وزير اعظم مودي ۽ مصر جو صدر السيسي
ڀارتي وزير اعظم مودي ۽ مصر جو صدر السيسي

ويجهن ورهن دوران پاڪستان ڪشمير جي معاملي تي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آئي سي) ۾ شامل ميمبر ملڪن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، ليڪن مصر عام طور تي ان معاملي تي غير جانبدار رهيو آهي.

ڀارت ۾ ڪجهه عرصو اڳ حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽيءَ جي ترجمان، نوپور شرما پيغمبر اسلام جي متعلق بيان تي پاڪستان سميت عرب ملڪن شديد رد عمل ظاهر ڪيو هو، ليڪن مصر حڪومتي سطح تي ڪو رد عمل نه ڏنو هو.

وزير اعظم مودي ۽ صدر السيسيءَ جي وچ ۾ ٿيڻ واري ملاقات ۾ ڀارتي وزير اعظم سرحد جي ٻئي پاسي دهشت گرديءَ کي روڪڻ جي معاملي تي زور ڏنو.

ڀارتي وزير اعظم چيو ته ڀارت ۽ مصر دنيا ۾ ٿيڻ واري دهشت گرديءَ جي واقعن تي فڪرمند آهن ۽ ٻئي ملڪ سمجهن تا ته دهشت گردي انسانيت جي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ٻنهين ملڪن هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته سرحد پار کان دهشت گرديءَ جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ متفق لائحه عمل ضروري آهي ۽ ملي بين الاقوامي برادري کي ان متعلق آگاه ڪيو ويندو.

ڀارت ماضيءَ ۾ به الزام لڳائيندو رهيو آهي ته پاڪستان جي سرزمين ڀارت ۾ ٿيڻ واري دهشت گرديءَ جي ڪاروائين جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. ليڪن، پاڪستان هميشه انهن الزامن جي ترديد ڪندو آهي.

XS
SM
MD
LG