بنا ڪنهن اشتعال جي يوڪرين تي روس جي حملي ۽ جاري جنگ کي سال کان مٿي ٿي وڃڻ جي باري ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن پنهنجي هڪ بيان ۾ يوڪرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ 45 ڪروڙ ڊالر جي دفاعي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ناتن جي آمريڪي کاتي جي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ بلنڪن چيو آهي ته هن هفتي روسي حڪومت يوڪرين جي خلاف پنهنجي وحشيانه ۽ بغير ڪنهن چرچ ۽ سبب جي ڪيل حملي کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي. صدر پوٽن کي تڪڙي ڪاميابيءَ جي اميد هئي ليڪن وڏي پيماني تي تباهي ۽ جاني نقصان جي باوجود، هو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
پنهنجي پيغام ۾ بلنڪن چيو آهي ته صدر پوٽن يوڪرين جي عوام جي بي پناه حوصلي ۽ ڪاميابيءَ ۾ يقين ۽ ان جي لاءِ عالمي برادريءَ جي حمايت جو درست اندازو نه لڳائي سگهيو.
صدر جي وفد مطابق، سومر ڏينهن صدر بائيڊن چيو ته ’’مان آگسٽ 2021 کان يوڪرين جي لاءِ آمريڪي هٿيارن ۽ آلات جي ٻٽيهين رسد جي اجازت ڏئي رهيو آهيان، جنهن جي ماليت 45 ڪروڙ آمريڪي ڊالر آهي’’.
ان جو اعلان صدر پنهنجي يوڪرين جي دوري جي موقعي تي ڪيو آهي.
ان حفاظتي امدادي پيڪيج ۾ آمريڪا جي پاران هيمرس راڪيٽ لانچر ۽ هووٽزر توپخاني جي لاءِ وڌيڪ گولا بارود شامل آهي، جنهن کي يوڪرين پنهنجي ملڪي دفاع سان گڏ ميزائيل شڪن نظام ۽ فضائي نگرانيءَ جي لاءِ ريڊار جو استعمال ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ’’ان کان علاوه يوڪرين جي توانائيءَ جي بنيادي ڍانچي کي روس جي بيشمار ميزائيلن ۽ ڊرون حملن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هنگامي امداد فراهم ڪرڻ اسان جي جاري ڪوششن جو حصو آهي، جنهن جي لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي رهيو آهيان’’.
آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته ’’آمريڪا به يوڪرين جي حمايت ۾ سموري دنيا سان شامل آهي. اسان پنهنجي اتحادين ۽ شراڪت دارن سان پختي يقين واري يڪجهتي ڏٺي آهي. اسان انهن 50 کان وڌيڪ ملڪن کي ساراهيون ٿا جيڪي يوڪرين سان گڏ يڪجهتيءَ جي لاءِ ڪٺا ٿيا آهن، ڇو ته يوڪرين پنهنجي خودمختياريءَ ۽ علائقائي سالميت جو بچاءُ ڪري رهيو آهي’’.
اينٽني بلنڪن چيو ته ’’روس پنهنجي ليکي اڄ پنهنجي جنگ ختم ڪري سگهي ٿو. جيسيتائين هو ائين نه ٿو ڪري، اسان يوڪرين سان ان وقت تائين گڏ بيٺا آهيون جيسيتائين هو پنهنجي فوج کي ايتري حد تائين مضبوط نه ٿو ڪري ته ايندڙ وقت ڪنهن ڳالهه ٻولهه ۾ هو ٺوس پوزيشن حاصل نه ٿو ڪري وٺي’’.