رسائی کے لنکس

ايندڙ هفتي اسرائيل جي نئين چونڊن ۾ نيتن ياهو جي کٽڻ جو امڪان


اڳوڻو وزير اعظم، بنيامن نيتن ياهو. 19 مئي 2021. (فائيل فوٽو)
اڳوڻو وزير اعظم، بنيامن نيتن ياهو. 19 مئي 2021. (فائيل فوٽو)

اڳئين هفتي اسرائيل ۾اهڙي انتخاب جي لاءِ ووٽ وڌا ويندا جنهن ۾ اڳوڻو وزير اعظم بنيامن نيتن ياهو اقتدار ۾ واپس اچي سگهي ٿو.

نيتن ياهو اسرائيل جي سڀني کان وڌيڪ خدمت انجام ڏيڻ وارو وزيراعظم رهي چڪو آهي. هن پنهنجي ليڪوڊ پارٽيءَ جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته کيس تي بدعنوانيءَ جو الزام آهي.

اڱاري ڏينهن جا اهي انتخابات اسرائيل ۾ چئن سالن ۾ پنجون چونڊون آهن.

وزير اعظم يائر ليپڊ گزريل سال نيتن ياهوءَ جي جاءِ ورتي هئي. ليپڊ اٺن جماعتن جي مخلوط حڪومت جو گڏيل اميدوار هو.

اسرائيلي وزير اعظم، يائر ليپڊ
اسرائيلي وزير اعظم، يائر ليپڊ

عام رائي جا جائزا اڳڪٿي ڪري رهيا آهن ته ’ليڪوڊ پارٽي’ اڳين هفتي ٿيندڙ ووٽن ۾ ليپڊ جي ’يش عتيد’ کان گوءِ کڻي سگهي ٿي، ليڪن ان ڳالهه جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي ته وزير اعظم کي پنهنجو پراڻو منصب پاڻ مرادو ملي ويندو.

ٻنهين جماعتن کي ننڍين سياسي جماعتن کي پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ هو اسرائيل جي پارليمنٽ ۾ اڪثريتي سيٽون حاصل ڪري سگهندا، جيڪو هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ هفتا لڳي سگهن ٿا.

XS
SM
MD
LG