رسائی کے لنکس

ايلبڪرڪي ۾ مسلمانن جي سلسلي وار قتل ڪيس ۾ مشتبه فرد گرفتار، پوليس


پوليس جو چوڻ آهي ته ان باري ۾ پوليس وڌيڪ تفصيل جلد فراهم ڪندي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ان باري ۾ پوليس وڌيڪ تفصيل جلد فراهم ڪندي.

آمريڪي شهر ايلبڪرڪي جي پوليس جي محڪمي جي سربراه اڱاري ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته گزريل سال نومبر ۾ شروع ٿيڻ وارين مسلمانن جي قتل جي وارداتن جي سلسلي ۾ هڪ مشتبه شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس چيف، هيرلڊ مڊينا ٽوئٽر تي لکيو آهي ته مشتبه شخص اها ئي گاڏي هلائي رهيو هو جنهن جي باري ۾ خيال آهي ته ان جو تعلق ايلبڪرڪيءَ ۾ هڪ مسلمان شخص جي قتل سان آهي.

ميڊينا جي چوڻ مطابق، پوليس ان باري ۾ وڌيڪ تفصيلات جلد ئي فراهم ڪندي.

ان کان اڳ رياست نيو ميڪسيڪو جي شهر ايلبڪرڪي ۾ چئن مسلمانن جي سلسلي وار قتل کان پوءِ ڪميونٽي ۾ خوف ۽ هراس ڏٺو پيو وڃي ۽ مقامي ڪميونٽيءَ جي رهنمائن وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي ان امڪان جو اظهار ڪيو آهي ته اهي هلاڪتون افغان مهاجرين ۽ سندن مدد ڪرڻ وارن جي خلاف نفرت تي مبني مجرمانه ڪاروائي ٿي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي، آمريڪا جي صدر جو بائيڊن قتل جي انهن واقعن تي غم ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس انتظاميا مسلمان ڪميونٽي ساڻ گڏ آهي.

رياست نيو ميڪسيڪو جي شهر ايلبڪرڪي ۾ واقع نيو ميڪسيڪو اسلامڪ سينٽرجي پبلڪ افيئرز جي ڊائريڪٽر، طاهر گابا وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ڪيو ته قتل جون هي وارداتون هڪ گروپ جي خلاف نفرت تي مبني ٽارگيٽيڊ ڪلنگ ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته اسان جي خيال ۾ انهن سڀني واقعن جو تعلق افغان ريفيوجي ڪميونٽي سان ٿي سگهي ٿو.

طاهر گابا وڌيڪ چيو ته ايلبڪرڪي جي اها تاريخ رهي آهي ته نائن اليون کان پوءِ به جڏهن تمام گهڻا افغان مهاجر آمريڪا آيا هئا، ته انهن منجهان ڪيترائي هتي ايلبڪرڪي ۾ اچي آباد ٿيا هيا.

واضح رهي ته ايلبڪرڪي جي عمل دارن جو چوڻ آهي ته هو جيسيتائين قتل جي انهن وارداتن جي سلسلي ۾ ڪنهن مشڪوڪ فرد کي پڪڙي ان جو محرڪ نه ٿا ڄاڻن تيسيتائين اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي ڏوه نفرت تي مبني آهن.

قتل جي پويان فرقه واريت جي قياس آرائين کي مسترد ڪندي هن چيو ته نيو ميڪسيڪو اسلامڪ سينٽر رياست جي سڀ کان وڏي مسجد آهي جتي هر رنگ، نسل ۽ فرقي جا ماڻهو عبادت ڪرڻ ايندا آهن. سندس بقول، افضل حسين سني هو ۽ هتي مستقل ايندو هو، هتي جي ماڻهن جي اڪثريت سني آهي ۽ ڪجهه شيعه به هتي ايندا آهن.

طاهر گابا ٻڌايو ته ايلبڪرڪي ۾ گزريل نومبر ۾ پهرئين قتل جي واقعي تي کيس سميت سڀني انهي کي معمول جي پرتشدد واقعات جو سلسلوسمجهو هو. هن چيو ته 26 جولائي تي آفتاب حسين جي قتل تي به انهن ماڻهن جو ڪنهن ٻئي پاسي خيال نه ويو. ليڪن جڏهن چار ڏينهن بعد محمد افضل قتل ٿيو ته، سندس بقول، ان کي ڪميونٽيءَ ۾ تمام گهڻو ڄاتل سڃاتل ۽ مقامي سياست ۾ اڀرندڙ ستاري جي طور تي ڏٺو ويندو هو، ته مسجد جي صدر، احمد اسد انتظاميا سان رابطو ڪيو.

هن چيو ته جمعي ڏينهن ٻن جنازن کان پوءِ کين لڳو ته هاڻي شايد اهڙو ڪو ٻيو واقعو به ٿي سگهي ٿو.

نيو ميڪسيڪو جي پوليس ۽ وفاقي ايجنسيون قتل جي انهن واقعن جي تحقيقات ڪري رهيون هيون، جن مان هي تازو واقعو جمعي جي شام ٿيو.

ان کان اڳ آمريڪي صدر جو بائيڊن آچر ڏينهن نيو ميڪسيڪو جي ايلبڪرڪي ۾ چوٿين شخص جي هلاڪت کان پوءِ مسلم ڪميونٽي سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن کي عمل دار ٽارگيٽيڊ حملن جي هڪ سلسلي طور بيان ڪري رهيا آهن.

بائيدن چوٿين موت جي خبر کان پوءِ ٽوئٽر تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته انهن وارداتن تي کيس تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي.

XS
SM
MD
LG