رسائی کے لنکس

اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي باضابطه طور الزام مڙهيا ويا


اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ (فائيل فوٽو)
اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ (فائيل فوٽو)

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيو يارڪ جي هڪ گرانڊ جيوريءَ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي باضابطه الزام مڙهيا آهن. هن تي الزام آهي ته 2016 جي صدارتي چونڊن جي مهم دوران ٽرمپ جي پاران ’پورن اسٽار، اسٽورمي ڊينيلز کي خاموشيءَ سان رقم ادا ڪئي وئي هئي، ته جيئن سندس زبان بند ڪئي وڃي. اها خبر خميس ڏينهن شام جو آمريڪي ميڊيا جي مختلف ادارن پاران پڌري ڪئي وئي آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته ’گرانڊ جيوري’ءَ جي چئن ميمبرن ’پورن اسٽار’ کي رقم جي لڪل ادائگي ڪرڻ جي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي باضابطه طور تي الزام مڙهڻ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو آهي.

نيو يارڪ ٽائمز مطابق، ڪيترن ذريعن پاران ملڻ وارين خبرن جي مطابق ڊونلڊ ٽرمپ تي نيو يارڪ جي مين هيٽن جي گرانڊ جيوري الزام مڙهيا آهن.

آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن موجوده يا اڳوڻي صدر تي فوجداري الزام لڳايا ويا آهن.

سي اين اين پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته تهمت نامي کي مهر هڻي سرڪاري طرح بند ڪيو ويو آهي، جنهن جو اعلان ايندڙ ڪنهن وقت ڪيو ويندو.

ٽرمپ جي وڪيل جو ٽاڪوپينا ’ايسو سي ايٽڊ پريس’ کي ٻڌايو آهي ته کيس معلوم ٿيو آهي ته گرانڊ جيوري، جيڪو ڪيترن مهينن کان پنهنجا اجلاس منعقد ڪري رهيو هو، تنهن الزامن عائد ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي. انهن الزامن جي متعلق تڪڙ ۾ ڪجهه وڌيڪ نه ٻڌايو ويو آهي.

ان معاملي کان واقف هڪ فرد، جنهن کي ان باري ۾ ٻڌائڻ جو اختيار ڪونهي، چيو آهي ته ٽرمپ مڙهيل تهمت جي ترديد ڪئي آهي ۽ پڇا ڳاڇا تي اعتراض واريو آهي.

ڇاهتر ورهين جي اڳوڻي صدر تي گرانڊ جيوري سندس ڪاروبار، سياسي ۽ ذاتي معاملن بابت ورهن کان جاري تحقيقات کان پوءِ فرد جرم جو هي مرحلو هڪ غير معمولي ڳالهه آهي.

ان جي ڪري، ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪرڻ وارن کي سرسي ملندي جيڪي چوندا رهيا آهن ته هن ڪوڙ ڳالهائيو ۽ ڌوڪو بازيءَ سان ملڪ جي اعلي ترين منصب تائين پهچڻ جو رستو ڳولهيو.

اڳوڻي صدر تي الزام آهي ته سال 2016 جي صدارتي چونڊن جي مهم دوران ٽرمپ جي اڳوڻي وڪيل مائيڪل ڪوهن سندس پاران هڪ ’پورن اسٽار’ کي هڪ لک 30 هزار ڊالر جي لڪل ادائگي ڪئي هئي.

اسٽورمي ڊينئلز کي اها رقم پوشيده طور تي ادا ڪئي وئي هئي ته جيئن 2016 جي صدارتي چونڊن جي مهم جي دوران هوءَ پنهنجي زبان بند رکي.

ٽرمپ جي حامي ريپبلڪنز ان ڪيس تي تنقيد ڪندي ان کي اڳوڻي صدر جي خلاف سياسي ڪاروائي قرار ڏنو آهي.

XS
SM
MD
LG