آمريڪي رياست پينسلوانيا جي شهر پٽسٽن سان تعلق رکڻ وارو نامور ويٽرنري ڊاڪٽر عنايت ڪاٺيو جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 69 ورهه هئي.
مرحوم جي سنگتي، طارق گيلانيءَ اڱاري ڏينهن شام جو ’وائس آف آمريڪا’ کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر ڪاٺيو ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان مان واپس وريو هو ۽ تڏهن کان وٺي سندس طبيعت ٺيڪ نه هئي. اوچتو دل جي تڪليف جي شڪايت ڪيائون ۽ کين گرزنگر جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتان بعد ۾ کين فلاڊيلفيا ۾ ’يونيورسٽي آف پينسلوانيا’ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن طبيت بگڙي ۽ انتقال ڪري ويا.
ڊاڪٽر ڪاٺيو 42 سال اڳ آمريڪا اچي آباد ٿيو هو. هن جانز هاپڪنز مان ويٽرينريءَ جي اعلي تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پٽسٽن جي ويٽرنري اسپتالن ۾ پيشه ورانه خدمتون انجام ڏنيون.
خانداني ذريعن ٻڌايو آهي ته ڊاڪتر عنايت ڪاٺيو 1992 ۾ اوڪونيل اسٽريٽ تي ’پٽسٽن اينيمل هاسپيٽل’ قائم ڪئي. ٻڌايو ٿو وڃي ته کيس زخمي ۽ بي سهارا جانورن جي مفت علاج ڪرڻ جي شهرت حاصل هئي.
هن پنهنجي خداداد صلاحيتن، همدرديءَ جي جذبي ۽ مهارت ذريعي پنهنجون پيشه ورانه خدمتون انجام ڏنيون ۽ ڪميونٽيءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو.
ان کان سواءِ هن پينسلوانيا ۾ ڪميونٽيءَ جي خير جي ڪمن ۾ هڙئون وڙئون حصو وڌو ، جنهن سان گڏوگڏ پاڪستان جي ڪيترن ئي عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ هٿ ونڊايو هيائين.
سندس پونئيرن ۾ بيوه ڪمبرلي ليوسي کان سواءِ ٻه نياڻيون شامل آهن.
هو هڪ عرصي کان وٺي فلاڊيلفيا ۾ پاڪستان جو اعزازي قونصل رهيو.
ڊاڪٽر ڪاٺيو 1953 ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، جڏهن ته هن ابتدائي تعليم سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي.
پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ڏک جو اظهار ڪندي سندس پونئيرن، دوستن ۽ چاهڻ وارن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ صبر جي دعا ڪئي آهي.
خانداني ذريعن مطابق، مرحوم جي نماز جنازه 12 جنوري، خميص ڏينهن، صبح جو نائين وڳي 237 وليم اسٽريٽ، پٽسٽن، پينسلوانيا، 18640 ۾ ٿيندي، جڏهن ته سندن تدفين ساڳيئي ڏينهن 10 وڳي صبح جو سينٽ جوزف ماريلو چرچ، 237 وليم اسٽريٽ، پٽسٽن، پينسلوانيا 18640 جي ڀرسان ٿيندي.