رسائی کے لنکس

سيلاب وارن علائقن ۾ ڊينگي مڇر جو آزار، 11 ڄڻا فوت


ڊينگي بخار
ڊينگي بخار

پاڪستان جو ٽيون حصو سيلاب ۽ ٻوڏ جي مسئلي ۾ گهريل آهي، جڏهن ته شهرن ۾ هڪ دفعو وري ڊينگيءَ جي وبا ڦهلجي رهي آهي. ماڌي مڇر جي چڪ لڳڻ سان ڦهلجڻ واري۽ هن بيماريءَ ڪراچيءَ، لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ ۾ منهن ڪڍيو آهي، جنهن جي ڪري هن مهل تائين 11 مريض مري چڪا آهن.

ڪراچيءَ ۾ ان وائرس جي ڪري هيليتائين ٽن هزارن کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن. سنڌ جي صحت جي کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هن وائرس جي ڪري نون ڄڻا فوت ٿيا آهن.

عام طور تي صاف بيٺل پاڻيءَ ۾ پرورش پائيندڙ هن مڇر جي ڪاٽڻ سان اسلام آباد ۾ هاڻي تائين لڳ ڀڳ 500 ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن منجهان ٻه ڄڻا جان جي بازي هاري چڪا آهن. راولپنڊيءَ ۾ به ڊينگيءَ جا 500 مريض ريڪارڊ ٿيا آهن.

گيتي آرا پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اسلام آباد جي سڀ کان وڏيءَ اسپتال، پمز ۾ هاڻي تائين ڊينگيءِ جي 100 جي لڳ ڀڳ مريضن جو علاج ٿي چڪو آهي.

ڊينگي مرض جي بچاءَ جي فوڪل پرسن، ڊاڪٽر شفاعت خاتون چيو آهي ته ڊينگي هر سال زور نه پڪڙيندو آهي، بلڪه ٽن سالن کان پوءِ هي وبا جي صورت اختيار ڪندو آهي. ليڪن گزريل سال ۽ هن سال ان جي ڪيسن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته پمز ۾ هن وقت 50 کان وڌيڪ مريض زير علاج آهن، جڏهن ته ڊينگيءَ جا روزانو لڳ ڀڳ 500 ٽيسٽ ڪيا ويندا آهن.

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

ڊينگي وارڊز جي نگران، ڊاڪٽر محمد نويد چيو آهي ته ٽيسٽ مثبت اچڻ جي شرح 15 کان 20 في صد آهي جيڪا تشويش ناڪ حالت آهي.

عمل دارن چيو آهي ته هن ڀيري ڊينگيءَ جي ڪيسن ۾ واڌ جو سبب سيلابي پاڻي به آهي جنهن جي ڪري سيلاب متاثرين ۾ مڇردانيون ۽ ٻئي ضروري شيون ورهائيون پيون وڃن ته جيئن هن مرض جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي.

ڊاڪٽر شفاعت خاتون ٻڌايو ته اها ڳالهه عام ڪرڻ جي ضروت آهي ته ڊينگي مرض ڪيئن ڦهلجندو آهي، ڇو ته ان کان بچڻ سولو آهي جڏهن ته مرض لڳڻ جي صورت ۾ مريض کي سخت تڪليف مان گزرڻو پوندو آهي.

هن چيو ته گهر، گيراج ۽ باغيچن ۾ ڪٿي به پاڻي بيهڻ نه ڏنو وڃي ڇو ته اهي ئي جايون آهن جتي هن مڇر جي نشو نما ٿئي ٿي. هيءُ مڇر صبح ۽ شام جي وقتن ۾ ڪاٽيندو آهي. ان ڪري، انهن وقتن تي گلن، ڪيارين ۽ کليل جاين تي نه وهڻ کپي.

پنجويهه سالن جو احمد علي ڊينگيءَ جي مرض جي ڪري پمز ۾ زير علاج آهي. وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن ٻڌايو ته هو شام جي وقت دوستن سان گڏ ويٺو هو جڏهن کيس مڇرن چڪ هنيان ۽ ٻئي ڏينهن تي ئي سندس جسم ۾ سور ۽ تيز بخار شروع ٿي ويو.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته بخار جون علامتون عام بخار کان مختلف هونديون آهن. هن ۾ مريض کي تيز بخار سان گڏ جسم ۾ شديد درد جڏهن ته رت ۾ شامل پليٽليٽس گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن جنهن سبب مريض شديد ٿڪاوٽ محسوس ڪندو آهي.

XS
SM
MD
LG