رسائی کے لنکس

امدادي سرگرميون جاري، پاڪستان ۾ سيلاب جي ڪري هلاڪ ٿيڻ وارن جو تعداد هڪ هزار کان مٿي


چارسده، خيبرپختونخوا
چارسده، خيبرپختونخوا

پاڪستان ۾ مون سون بارشن ۽ ٻوڏ جي ڪري هلاڪ ٿيڻ وارن جو تعداد 1000کان وڌي ويو آهي. پاڪستان جي نيشنل ڊزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) مطابق، هلندڙ سال مون سون جي مند جيڪا جون جي وچ ڌاران شروع ٿي. ان دوران سيلاب ۽ ٻين حادثن ۾ رپورٽ ٿيڻ وارن هلاڪتن جو مجموعي تعداد 1033 ٿي چڪو آهي.

خبرون جاري ڪرڻ واري اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، بارشن جي نتيجي ۾ اچڻ واري سيلاب جي ڪري وسندين ۽ بيٺل فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.

پاڪستان جي فوج ۽ ٻين ريسڪيو ادارن جي عمل دارن سان گڏ مختلف فلاحي ادارن جا رضاڪار به ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته سيلاب متاثرين جي لاءِ رهائش ۽ خوراڪ جو به انتظام ڪيو پيو وڃي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ ۽ تباهيءَ کان پوءِ ماحولياتي تبديليءَ جي وفاقي وزير، شيري رحمان هلندڙ سال جي مون سون کي شديد ماحولياتي تباهي قرار ڏنو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي رهنما سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي سنگين نوعيت جي ماحولياتي تباهي درپيش آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سخت ترين آفت آهي.

هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيڻ واري تباهي جي اڳئين محاذ تي آهي. ملڪ کي گرمي جي شديد لهر، جهنگن ۾ باهه لڳڻ جا واقعا، سيلاب، برفاني ڍنڍن جي ٽٽڻ ۽ هاڻي شديد مون سون درپيش آهي.

ٻئي پاسي شديد سيلاب جي شڪار صوبي، خيبر پختونخوا جي حڪومت جي ترجمان، ڪامران بنگش چيو آهي ته سوات جي درياه ۾ اچانڪ اچڻ واري سيلاب علائقي کي سخت متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته چارسده ۽ نوشهره جي ضلعن جي رهواسين کي آڏو آيل خطري جي ڪري انهن کي سرڪاري عمارتن ڏانهن منتقل ٿيڻو پيو.

پاڪستان ۾ غير معمولي مون سون جي موسم ملڪ جي چئني صوبن کي متاثر ڪيو آهي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق، شديد بارش ۽ سيلابي وهڪري جي ڪري لڳ ڀڳ ٽي لک گهر تباه ٿي ويا آهن. ڪيتريون ئي سڙڪون ناقابل استعمال آهن جڏهن ته متاثره علائقن ۾ بجلي به دستياب ناهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.

سنڌ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته قومي شاهراه تي ڪنڊياري، موري ۽ سڪرنڊ کي سيلاب جو خطرو آهي، مٽياريءَ جي ويجهو هٽڙي، مياني فوريسٽ، چلگري، باڊيرو ۽ کنڊو ۾ سيلاب شدت اختيار ڪري سگهي ٿو.

اهڙي وقت وزير اعظم شهباز شريف بلوچستان جي جعفرآباد ۾ سيلاب زده علائقن جو دورو ڪيو آهي. انهيءَ دوران، وزير اعظم هيلي ڪاپٽر جي ذريعي شهرين ۾ امدادي سامان به ورهايو.

شهباز شريف جعفرآباد جي هڪ ڳوٺ حاجي الله ڏنو ۾ سلاب زدگان جي مدد ۽ بحاليءَ جي لاءِ قائم ڪيل ريليف ۽ ميڊيڪل ڪيمپ به ويو.

XS
SM
MD
LG