رسائی کے لنکس

افغانستان جي حڪمرانن کي ٻيهر تنها ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، بلاول


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پرڏيهي معاملن جي پاڪستاني وزير، بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو آهي ته دنيا کي طالبان سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي. هن افغانستان جي حڪمرانن کي ٻيهر تنها ڪرڻ جي صورت ۾ خطرناڪ نتيجن جي باري ۾ خبردار ڪيو.

واشنگٽن جي دوري جي موقعي تي خبر رسان اداري، اي ايف پيءَ کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽي چيو ته آمريڪا پاران طالبان تي عدم اعتماد جي ڪري افغانستان جي منجمد اثاثن کي سوئزلينڊ جي هڪ پروفيشنل فنڊ ۾ وجهڻ کان پوءِ متوازي حڪومت قائم ٿيڻ جو خدشو اڀري سگهي ٿو.

بلاول چيو ته ’’اسان ماضيءَ کان سکيو آهي ته جڏهن هٿ ڇنڊي الڳ ٿي بيهندا آهيون ۽ پٺ ڦيري ڇڏيندا آهيون، ته دراصل اسان پنهنجي لاءِ ئي غير ارادي نتيجا ۽ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندا آهيون’’.

هن چيو ته مون کي يقين آهي ته ڪنهن معاشي تباهيءَ، پناه گزينن جي تمام وڏي پيماني تي نقل مڪاني ۽ داعش خراسان ۽ ان جهڙين ٻين تنظيمن جي لاءِ نين ڀرتين جي خطري جي باري ۾ اسان جا خدشات ان تشويش کان گهڻو وڌيڪ آهن جيڪي انهن جي مالياتي ادارن جي باري ۾ ٿي سگهن ٿا.

آمريڪا جي طرفان افغانستان ۾ ٻن ڏهاڪن تي ڦهليل جنگ جي خاتمي کان پوءِ طالبان گزريل سال اقتدار ۾ واپس آيا هيا.

ان دوران واشنگٽن جا پاڪستان سان تعلقات ڪشيده رهيا جيڪو پاڪستان جي طاقتور فوج ۽ انٽيلي جينس ايجنسيءِ تي الزام ڏيندو هو ته اها آمريڪي فوج کي لاجسٽڪ فراهم ڪرڻ جي باوجود خاموشيءَ سان اسلام پسند لڙاڪن جي امداد ڪري رهي آهي.

ليڪن ڪجهه پاڪستاني عهديدارن جي برعڪس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي، جن جي والده اڳوڻي وزير اعظم بي نظير ڀٽو کي 2007 ۾ قتل ڪيو ويو هو، طالبان جي لاءِ گرمجوشيءَ تي مبني ڪي لفظ نه چيا.

هن چيو ته عسڪريت پسندن کي گهرجي ته عورتن جي حقن جي متعلق پنهنجي موقف ۾ گهربل لچڪ پيدا ڪن.

بلاول ڀٽي چيو ته تاريخ گواه آهي ته معاشي بدحاليءَ جي دور ۾ مذهبي ۽ مطلق العنان حڪومتن ڪڏهن به ڪنهن کي حق ڏيڻ جي ڳالهه ڏانهن ڌيان نه ڏنو آهي.

هن چيو ته درحقيقت اهي پنهنجي عوام کي مصروف رکڻ لاءِ ثقافتي ۽ ٻين مسئلن جو سهارو وٺندا آهن.

آگسٽ ۾ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ مذاڪرات جو هڪ سلسلو هليو، ليڪن ان جو ڪو نتيجو نه نڪري سگهيو. آمريڪا جو چوڻ هو ته عسڪريت پسندن القائده جي رهنما ايمن الظواهري جو خير مقدم ڪري پنهنجي وعدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. الظواهري ڪابل ۾ هڪ گهر ۾ هو جتي هو آمريڪا جي حملي ۾ مارجي ويو هو.

(هيءَ رپورٽ خبرن جي اداري، اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG