رسائی کے لنکس

سعودي عرب پاران ٻه ارب ڊالر ڏيڻ جي هاڪار، پاڪستان لاءِ هوا جو تازو جهوٽو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي نئين دور کان اڳ سعودي عرب جي پاران پاڪستان کي ٻه ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان معاشي ڏکيائين ۾ ڦاٿل ملڪ جي لاءَ سٺي خبر قرار ڏني پئي وڃي.

سعودي عرب جي پاران اهو اشارو ان وقت ڏنو ويو جڏهن پاڪستاني وفد عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) جي بهار جي موسم جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ واشنگٽن وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار جون آئي ايم ايف جي سربراه سميت اهم عهديدارن سان گڏجاڻيون متوقع آهن، جتي پاڪستان آئي ايم ايف پروگرام جي بحاليءَ تي زور ڏيندو.

ماهرن مطابق جيڪڏهن انهن مثبت اشارن کي به حقيقت تسليم ڪيو وڃي ته به پاڪستان کي هلندڙ مالي سال ۾ ادائگيون مڪمل ڪرڻ جي لاءِ تقريبا هڪ ارب ڊالر جي ڪمي درپيش آهي جنهن جي ڪري پاڪستاني خزاني واري وزارت هاڻي متحده عرب امارات جي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي. ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ان کي خزاني واري وزير جي آمريڪا جي دوري کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.

خزاني واري وزير مملڪت عائشه غوث پاشا اربع ڏينهن پارليامينٽ کي ٻڌايو ته آئي ايم ايف سان ’اسٽاف ليول ايگريمينٽ’ قرض جي ادائگيءَ جي لاءِ فنڊنگ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي مطالبي جي ڪري دير جو سبب بڻجي رهيو آهي.

هن چيو ته ماضيءَ ۾ اهو ڏٺو ويو ته ٻاهرين ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ آئي ايم ايف کي زباني طور تي آگاه ڪرڻ ئي ڪافي هوندو هو ۽ ان تي ئي ’اسٽاف ليول ايگريمينٽ’ ٿي ويندو هو.

سندس چواڻي، فنڊ جي ايگزيڪٽو بورڊ پاران معاهدي جي منظوريءَ کان اڳ ۾ ئي اهي ملڪ آئي ايم ايف کي به پنهنجي فيصلي کان آگاه ڪري ڇڏيندا هيا. ليڪن، ڌرين (پاڪستان ۽ آئي ايم ايف) جي وچ ۾ هن وقت اعتماد جي ڪميءَ جي ڪري ’اسٽاف ليول ايگريمينٽ’ کان اڳ ڪيترا ئي شرط رکيا ويا آهن.

عائشه غوث پاشا وڌيڪ ٻڌايو ته چين، سعودي عرب ۽ ٻيا دوست ملڪ پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳيان اچي رهيا آهن ۽ ان ڏس ۾ قابل ذڪر درجي تائين ڳالهه اڳتي وڌي آهي.

واضح رهي ته چين ان کان اڳ به پاڪستان جي ذمي قرض ’رول اوور’ ڪري چڪو آهي. خزاني واري وزير اسحاق ڊار گزريل مهيني جي آخر ڌاران ٻڌايو هو ته چين جي پاران پاڪستان کي ٻه ارب ڊالر جو قرض ’رول اوور’ ٿي چڪو آهي، جنهن سان پاڪستان جي غير ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ڪنهن حد تائين بهتري آئي آهي.

هوڏانهن تجزيه ڪارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جا دوست ملڪ گزريل قرض ’رول اوور’ ڪرڻ سان گڏ ٻاهرئين قرض جي ادائگيءَ جي لاءِ به وڌيڪ فنڊ ڏيڻ تي راضي ٿين ها ته ايندڙ وقت ۾ آئي ايم ايف سان معاهدو جلد ممڪن نظر اچي ها.

XS
SM
MD
LG