پاڪستان جي سويلين ۽ فوجي قيادت تي مشتمل قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جو هڪ اهم اجلاس وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ دهشت گرديءَ جي واقعن ۾ واڌ جي تدارڪ ۽ معيشت جي متعلق اهم فيصلا متوقع آهن.
چوٽيءَ جي سطح واري هن ڪاميٽيءَ جمعي ڏينهن قومي سلامتيءَ کي درپيش خطرن، دهشت گردي ۽ خراب معيشت تي بريفنگ کان پوءِ اجلاس سومر تائين وڌائي ڇڏيو هو.
قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جو اجلاس ٻه ڏينهن جاري رهڻ کي غير معمولي قرار ڏنو پيو وڃي.
مبصر امڪان ظاهر ڪري رهيا آهن ته قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ دهشت گرديءَ جي روڪٿام، بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي خلاف ڪاروائين جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ ملڪ جي معيشت کي درپيش خطرن سان نبرڻ جي سلسلي ۾ قدم کڻڻ متعلق فيصلا به متوقع آهن.
قومي سلامتيءَ جي ڪاميٽيءَ جو اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پختونخوا ۾ بندش پيل ٽي ٽي پي جي سرگرمين ۾ تيزي اچي رهي آهي. ان سان گڏ پاڪستان جي خراب معاشي صورت حال جي ڪري پرڏيهي ناڻو تقريبا ڇهه ارب ڊالر جي گهٽ ترين سطح تي اچي چڪو آهي.
قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، پاڪستان جي مسلح فوج ۽ انٽيلي جينس ادارن جا سربراه شريڪ آهن.
پوئين هفتي بچاءَ واري وزير، خواجا آصف وائس آف آمريڪا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران چيو هو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشت گردن جي خلاف آپريشن لازمي ٿي چڪو آهي، ليڪن ان جو فيصلو قومي سلامتي ڪاميٽي ڪندي.
(علي فرقان جي رپورٽ)